اڌ مٿي جو سور، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ”سِجَاوَتو“ به سڏجي ٿو، جنهن کي اردوءَ ۾ ”دردِ شقيقه“ ته وري انگريزيءَ ۾ مائگرين چئي سڏيندا آهن.
بنيادي طور تي هي زنانو مرض جيڪو عورتن کي ماهواري جي يا اميد جي ٿيڻ سان پهريان چار مهينا ڪافي تنگ ڪندو اٿن، اهو اڪثر ڪجھ حساس مردن کي به ٿيندو آهي جيڪو جيڪڏهن ٻالڪپڻي واري دور کان شروع هجي ته نڀاڳو وڃي پنجيتاليه سالن کان پوءِ ڪو ڇڏي ته ڇڏي نه ته پيو ڀوڳبو آهي.
اڌ مٿي جي سور جي هڪ آخري حد هوندي آهي جنهن کي طبي سائنس ۾ ”ڪلاسيڪل مائگرين“ ڪري ڪوٺيو ويندو آهي.
جنهن ۾ مريض جي ڏسڻ جي قوت به متاثر ٿي ويندي آهي ۽ عارضي طور تي انڌو به ٿي ويندو آهي. آوازن کان وحشت، روشني ڏٺي نه وڻي... بس بند ڪمرو هجي... اهو ڪلاسيڪل سور اڄ تائين تمام ميڊيڪل سائنس لاءِ خود مٿي جو سور ثابت ٿيل آهي ڇوته ان جو ڪو به علاج هن مهل تائين هٿ ناهي اچي سگھيو. بس عارضي طور تي ڪجھ دوا درمل ڪري ان درد جي شدت مان جان ڇڏائبي آهي.
هن سور جي پويان ڪهڙا سبب آهن، آخر اچانڪ دماغ جي سنهين تنتن مان رت ۽ گلوڪوز جو سراسري وهڪرو ڇو متاثر ٿيندو آهي... ڪا خبر ناهي.
باقي ڪجھ عجيب ڪجھ ڳالهيون سامهون آيون آهن جيڪي مان هتي اوهان سان ونڊيان پيو.
- هي سور صرف ڏاهن ماڻهن کي ٿيندو آهي.
- هي سور عدم تشدد طرف مائل ماڻهن کي جلدي اثر ڪندو آهي.
- شاعر، تخليقڪار ۽ فنون لطيفه سان سلهاڙيل ماڻهو هن سور جا اول نمبر جا پسنديده ماڻهو ٿين ٿا.
- هي سور ماڻهن مان سوشل ٿيڻ جو خبط ڪڍي ڇڏي ٿو.
- هي واحد سور آهي جنهن جي ڪري انسان جي سڄي تنتي سرشتي جو سڄو ڪار وهنوار ويهجي ويندو آهي.