هر سنڌي مونکي پيارو آ

هر سنڌي مونکي پيارو آ

هر سنڌي جيءَ جيارو آ

سنڌ جي مٽي مان موچاري
جيون مهڪڻ وارو آ
هر سنڌي مونکي پيارو آ

هي اڙٻنگ دودا يار دلير
دشمن سنڌ تي مارو آ
هر سنڌي مونکي پيارو آ

هر ڪونڌر سنڌ جو سهڻو سپوت
ديس سندو دلوارو آ
هر سنڌي مونکي پيارو آ

جاڳيو جاڳيو سنڌي جاڳيو
دشمن جو منهن ڪارو آ
هر سنڌي مونکي پيارو آ

او ديس نه ٿي دلگير دلارا
پنهنجو اچڻو وارو آ
هر سنڌي مونکي پيارو آ
 
او ديس نه ٿي دلگير دلارا
پنهنجو اچڻو وارو آ
هر سنڌي مونکي پيارو آ

لاجواب .. تمام سهڻيون سٽون ... سدا خوش هجو
 
Back
Top