السلام عليڪم دوستو! مون وٽ وائيس وِي 10 اينڊرائيڊ سيٽ آهي ، جنهن ۾ سنڌي جا ڪجهه اکر سنڌ سلامت توڙي ٻين ويبسائيٽن تي ظاهر نٿا ٿين، جهڙوڪ ٿ،ٻ،ڻ،ڙ وغيره . ڀا فاروق سومرو سميت ٻين ساٿين کي عرض آهي ته منهنجي مسئلي جو حل ٻڌائين.
توهان ڪهڙي برائوزر ۾ سنڌي ويب سائيٽون کوليو ٿا.؟ منهنجي گهر ۾” به اهڙو ئي سيٽ آهي پر انهن ۾ ته اکر صفا صحيح ٿا اچن.
اوپيرا مني برائوزر آهي. ۽ جيڪڏهن اردو لکڻ چاهيان ٿو ته ان ۾ اردو وارو ڊ ۽ ڙ نٿو اچي، مطلب ته ڪيبورڊ اڻپورو ٿو ڏيکاري..
توهان اپيرا جو ڪهڙو ورزن انسٽال ڪيو آهي.beta ,next.classic يا ٻيو ڪو.؟ جيڪڏهن سنڌي اردو صحيح نه ٿي اچي ته پو هي اسٽيپ فالو ڪريو. سڀ کان پهرين اوپيرا مني کولي ان جي ايڊريس بار تي هي لکو about:config پو هن کي سليڪٽ ڪريو ۽ اوڪي ڪريو. جيڪڏهن اڃا به صحيح نه ٿي اچي ته پو ٻڌائجو.