زال: ”تون ڀلي سڄي دنيا ڳولي وٺ، پر توکي مون جهڙي زال نه ملندي“ مڙس: ”مون کي ڪهڙي کُٽي کنيو آهي، جو وري مان تون جهڙي ڳوليندس، نه ابا نه....“ حد ٿي وئي....
يار اهڙي زال کان مان به تنگ ٿي پيو آهيان ، مون به جان ڇڏائڻ جي لا ميڙي سيڙي ڪرائي جا پيسا گڏ ڪري سندس ماسين سان گڏائي کڻي موڪليومانس عمري تي . جڏهين جهاز ڪراچي مان کڻي روانو ٿين ته ٻه نفل شڪراني پڙهي . ويهاڻو سيراندي ڪري سمهي پيس ، اهو سوچي ته جهاز وزن کڻي نه سگهندن ۽ ڌو وڃي سمنڊ ۾ ڪنديون . پر يارو منهنجا اهي خواب تڏهين ٽٽا جو ان نئود جهاز ڦيرائي آڻي واپس ڪراچي ۾ اڇلاين . مون کي هوش تڏهين آيو ، جڏهين مسلي ،تسبيح ۽ ٽوپي سميت اچي سيراندي کان نڪتي .
هاهاهاها ... مطلب جي اوهان دوزّخ ۾ ته هو به اوڏانهن جي اوهان جنت ڏي ته هو به اوڏانهن ... بس خير ناهي، هتي سچل ڳوٺ ته ڦري گري اچي منهنجي مٿي ۾ ٿا لڳو ... اُتي اوهان جو ڇا ٿيندو.؟؟
جنت دوزخ ۾ هڪ چونڊ چاچا لاءي ٿي وئي ته پوءِ اوهان جي ڪهڙي چونڊ هوندي؟ يا ڪا به پر چاچا کان الڳ؟؟؟؟ چاچا اوهان واهه جي پلاننگ ڪئي. هڪ پنهنجي کان جان ڇڏائڻ لاءِ هڙئي جهازين جو سر پئي وڃايؤ. اهو ته ڀلو ٿئي جو هُنن جو ڪو ڏنل ڳڀو اگهاميل و جو بچي ويا نه ته اوهان ته سر کڻڻ جي پويان هيؤ!