سنڌي ادبي سنگت پاران ڪراچي ۾ ڪوٺايل ٻولي ڪانفرنس جو احوال

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ادبي سنگت پاران ڪراچي ۾ ڪوٺايل ٻولي ڪانفرنس جو احوال

    محمد سليمان وساڻ


    21 فيبروري سڄي دنيا ۾ مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. سنڌي ٻولي جيڪا هڪ قوم جي مادري ٻولي آهي، جنهن جا ڪروڙين ڳالهائيندڙ آهن پر اڃا تائين قومي ٻولي جو درجو ناهي ماڻي سگهي. سنڌي ادبي سنگت هر سال پهرين کان 21 فيبروري تائين سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارائڻ لاء جاڳرتا مهم هلائيندي آهي، ان ئي سلسلي ۾ ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ 8 فيبروري 2014 تي سنڌي ادبي سنگت پاران سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ۽ آرٽس ڪائونسل جي سهڪار سان “پاڪستان ۾ قومي ٻولين جا حق ۽ انهن جا مسئلا” جي عنوان هيٺ ملڪي ليول جي ٻولي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. هن ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي اڪثر ٻولين جا ناميارا دانشور، ليکڪ ۽ محقق شريڪ ٿيا. سڀئي ان ڳالهه تي متفق ٿيا ته هزارين سالن جي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏئي اردو کي رابطي جي ٻولي بڻايو وڃي. ان ڳالهه جو به يڪراء مطالبو ڪيو ويو ته ملڪ جي مادري ٻولين سنڌي، پشتو، بلوچي، پنجابي، سرائيڪي ٻولين کي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ لازمي پڙهايو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ آئين تي عمل ڪري اڃا به بهتر قانونسازي ڪئي وڃي.

    سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل مشتاق ڦل چيو ته پاڪستان جي سڀني صوبن جي ماڻهن جي ٻولين کي قانوني حق ڏيارڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت پاران هر سال جاڳرتا مهم هلائي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ مادري ٻولي کي قومي ٻولي واري حيثيت ڏنل آهي پر ان تي عمل ڪرڻ کان رياست لنوائي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ جي ساڃاهه وندن کي ٻوليءَ جي حوالي سان ڪيئي خدشا آهن جن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. قانوني ماهر بئريسٽر ضمير گهمري چيو ته پاڪستان جي برطانوي قانون ۾ ٻولين کي صوبائي رياست قرار ڏنو ويو هو ۽ ان حساب سان صوبن کي اها مڪمل اختياري آهي ته اهي پنهنجي صوبي لاء ڪابه ٻولي قومي ٻولي طور لاڳو ڪن ۽ ان کي صوبائي رابطي جي ٻولي قرار ڏين پر صوبا هميشه وفاق جي اثر هيٺ رهندا آيا آهن. جڏهن بنگال جي عوام ڏٺو ته هنن جي ٻولي سان نا انصافي ٿي رهي آهي ته انهن جي ٻوليءَ لاء هلايل جدوجهد الڳ ملڪ جي گهر ۾ تبديل ٿي وئي. جيتوڻيڪ ان جدوجهد جي نتيجي ۾ 1956ع ۾ اردو ۽ بنگالي ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏنو ويو، پر پوءِ دير ٿي چڪي هئي. نامياري دانشور جامي چانڊيي چيو ته هي دور حڪمت عملي جو دور آهي پر هي رياست پنهنجي پابندي مڙهيل دهشت گرد تنظيمن سان امن جون ڳالهيون ڪرڻ نڪتي آهي. اهڙي حڪومت ۽ رياستي ادارن کان قومي ٻولي جو مطالبو ڪرڻ اجايو آهي. هن چيو ته اسان جون ٻوليون امير ٻوليون آهن، قائم ۽ دائم آهن، انهن کي مرڻ جو ڪوبه خطرو ناهي ڇو ته مادري زبان ڪڏهن به مرڻي ناهي. جامي چانڊيي چيو ته سنڌ ۾ سنڌي ٻولي جي تباهيءَ ۾ حڪومتون خاص ڪري پ پ پ ذميوار آهي ۽ ان سان گڏ سنڌي ميڊيا به ذميوار آهي جنهن ٻوليءَ جي بگاڙ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

    پشتو زبان جي ليکڪ ۽ دانشور سليم راز چيو ته پشتو 5 هزار سال پراڻي ٻولي آهي ان ڪري اسان جو به حق بڻجي ٿو ته پشتو زبان کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جو قيام قومن سان ٿيو آهي ان ڪري هاڻي حڪومت جو اهو فرض آهي ته اهي صوبن ۾ گهڻي ڳالهائيندڙ زبانن کي قومي ٻولي طور تصور ڪري ان کي قانوني شڪل ڏين. ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي ڊپٽي سيڪريٽري منظور اڄڻ چيو ته زبانن وارو مسئلو اسان جي ملڪ جو قومي مسئلو آهي ۽ اهڙي اهم مسئلي کي سلجهائڻ کانسواءَ جمهوريت جون پاڙون پختيون نه ٿيون ٿي سگهن. پنجابي ٻولي جي ليکڪ ۽ دانشور افضال بيلا جو چوڻ هو ته اوهان سنڌي خوشقسمت آهيو جو سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ۽ نصاب آهي، اوهان جون اخبارون ۽ مشهور ٽي وي چينل موجود آهن. ان جي ابتڙ هڪ ڊگهي عرصي تائين اسان پنجاب وارا بدنصيب آهيون جو 10 ڪروڙ آبادي واري صوبي ۾ پنجابي ٻولي کي ڪا به اهميت ناهي. هن چيو ته اهو جائز مطالبو آهي ته قومي ٻولين کي سندن جائز حق ڏنو وڃي. بشرا ناز چيو ته اسان جي پنجابي ٻولي کي انگريزن به تسليم ڪيو، بابا فريد کان شاهه حسين تائين پنجابي ۾ شاعري موجود آهي، هن چيو ته اسان سنڌي ادبي سنگت جا شڪر گذار آهيون جنهن ملڪي ليول تي ٻولين جي حقن لاءِ هيءِ گڏجاڻي ڪوٺائي آهي ۽ سدائين متحرڪ رهن ٿا. ليکڪ ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته بمبئي سان الحاق وقت به سنڌ ۾ اردو پڙهڻ جي ڳالهه ٿي هئي پر صرف ٻن شخصيتن جي لکپڙهه سبب ان وقت انگريز سرڪار مجبور ٿي ان تان هٿ کنيو هو. هن چيو ته هاڻ به اهڙي ئي تحريڪ ذريعي سڀني ٻولين جي دانشورن سان گڏيل جدوجهد ڪري اسان ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏياري سگهون ٿا. انجمن ترقي پسند مصنفين جي سرواڻ ۽ ترقي پسند ليکڪ مسلم شميم چيو ته ملڪ جو اصل مسئلو سيڪيولرزم کان هٽڻ سبب پيش آيو آهي. هن چيو ته قائد اعظم کي صلاحون ڏيڻ وارا غلط ماڻهو هيا جن اردو کي قومي ٻولي جو درجو ڏياريو جيتوڻيڪ هو پاڻ به اردو کان واقف ڪونه هو. هن چيو ته هزارين سالن جي تهذيب رکندڙ ٻولين کي ئي قومي ٻوليون قرار ڏنو وڃي. پروگرام جي ڪمپيئرنگ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ڪئي جڏهن ته هڙتال هجڻ باوجود به ڪيترن ئي ليکڪن، شاعرن ۽ ساڃاهه وندن ٻولي ڪانفرنس ۾ شريڪت ڪئي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سوڀ ميگزين 16 فيبروري 2014

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو