رشيد ڀٽي : ترقي پسند اديب، محقق، نقاد ۽ شاعر ناميارو ترقي پسند اديب، محقق، نقاد ۽ شاعر رشيد ڀٽي، حافظ عبدالحميد ڀٽيءَ جو فرزند، 20 آگسٽ 1933ع تي ڳوٺ اروڙ، تعلقي روهڙي، ضلعي سکر ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم سکر مان ورتي، 1959ع ڌاري لا ڪاليج سکر مان ايل. ايل. بي ڪري وڪالت شروع ڪيائين. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1984ع ڌاري سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪئي ۽ پهريون نمبر کڻي گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. سندس والد حافظ عبدالحميد ڀٽي پڻ مشهور صحافي ۽ اديب هو، سندس اثر هيٺ رشيد ڀٽيءَ ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو. هُو ”المنار“ اخبار ۽ ”پرهه ڦٽي“مئگزين جو ايڊيٽر، ”نئين سنڌ“، ڪراچي ۽ ”الوحيد“ ڪراچيءَ جو سب ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر رهيو. هن جي پهرين ڪهاڻي ”چوري“ 1951ع ڌاري هفتيوار ”روشني“ سکر ۾ ڇپي. هو شروع کان ئي روشن خيال سوچ جو مالڪ رهيو. 1954ع ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين، جنهن ڏوهه ۾ ڪجهه عرصو جيل ۾ به رهيو. خوش مزاجيءَ ۽ کري ڳالهائڻ سبب دوستن ۾ سندس الڳ سڃاڻپ رهي. رشيد ڀٽي سنڌي ادبي سنگت جي ٻئي منظم دور جي باني ميمبرن مان هو، سنگت سنڌ جو تنوير عباسيءَ کان پوءِ 11 سالن تائين سيڪريٽري جنرل به رهيو. شمشير الحيدري، تنوير عباسي ۽ رشيد ڀٽيءَ جي دور ۾ ادبي سنگت تاريخي ڪردار ادا ڪيو. رشيد ڀٽي جن دوستن ۽ سينيئرن جي صحبت ۾ رهيو، تن ۾ محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، شيخ عبدالرزاق راز، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، مولائي شيدائي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، نورالدين سرڪي، آفاق صديقي، غلام رباني آگرو، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ ٻيا شامل هئا. رشيد ڀٽي سياسي حوالي سان عوامي ليگ سنڌ جو به سرگرم ڪارڪن رهيو. 1971ع ۾ عوامي ليگ جي حمايت جي الزام ۾ 9 مهينا جيل به ڪاٽيائين. هن نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾ به شموليت اختيار ڪئي ۽ خان عبدالغفار خان، ولي خان، عطا الله مينگل، خير بخش مري، حفيظ قريشيءَ ۽ ٻين سان گڏجي عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ حيدربخش جتوئيءَ سان گڏ ڪم ڪيائين. نامور اديب ۽ سياستدان رسول بخش پليجي سان ويجهڙائپ هئڻ ڪري عوامي تحريڪ ۾ به حصو ورتائين. هن 1987ع ۾ سنڌ انٽيليڪچوئل فورم جو بنياد وڌو. هن فورم ٺاهڻ جو مقصد سنڌ جي نوجوانن کي انقلابي ۽ سائنسي علم جي ڄاڻ ڏيڻ هو. 1972ع ۾ ’سنڌي ٻولي، قومي ٻولي‘ تحريڪ شروع ٿي ته رشيد ڀٽي ان تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ايم. آر. ڊي جي تحريڪ ۾ به سندس وڏو ڪردار آهي. هو پاڪستان رائٽرز گلڊ، سنڌ جو سيڪريٽري به رهيو. هن ڪجهه وقت سکر لا ڪاليج ۾ اعزازي پروفيسر طور به خدمتون سر انجام ڏنيون، هو سکر جو ناميارو وڪيل هو. 1971ع ۾ سکر بار جو جوائنٽ سيڪريٽري به رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’گهڙي گهڙي هڪ گهاءُ‘، پاڪستان رائيٽرز گلڊ، سکر (ڪهاڻيون: 1963ع)، (2) ’دنيا جا عظيم افسانا‘، سنڌي ادبي بورڊ (ترجمو: 1966ع)، (3) ’آڏي ڍال مَ ڍار‘، رائٽرز گلڊ، سنڌ سب ريجن، سکر (چونڊ قومي ۽ رزميه شاعري، ترتيب: 1966ع)، (4) ’عاشق زهر پياڪ‘، مهراڻ پبلشرز سکر، المنار پريس سکر (پنج ائڪٽي ناٽڪ: 1968ع)، (5) ’رياست ۽ آزادي‘، سنڌي ادبي بورڊ (ترجمو: 1968ع)، (6) ’پاڪستان جا پراڻا شهر‘، سنڌي ادبي بورڊ (تاريخ: 1981ع)، (7) ’آدرشي’ (طنز ۽ مزاح)، ڪهاڻي پبليڪيشن بمبئي، (8) ’ديس ستا، دل وارا جاڳيا‘ (ڪهاڻيون)، سنڌي اڪيڊمي حيدرآباد، (9) ’اوڀاريون لهواريون‘ (تقريرون)، سنڌي اڪيڊمي، حيدرآباد، (10) ’سياري جي رات‘ (طنزيه ۽ مزاحيه ڪهاڻيون)، شهباز پبليڪيشن حيدرآباد، (11) ’سياسي مسئلن جو حل‘ (سياسي مضمون)، ملير ڪتاب گهر، ڪراچي، (12) ’سچ جو فلسفو‘ (ترجمو) عظمت ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، (13) ’ڪميونسٽ پڌرنامو‘ (ترجمو)، عوامي ڪتاب گهر، حيدرآباد، (14) ’چتر ليکا‘ (ترجمو: هندي ناول)، زندگي پبليڪيشن، حيدرآباد، (15) ’وِيرن جي وسندي‘ (ترجمو: ويٽنامي ناول) عظمت ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، (16) ’سنڌ جا پراڻا شهر‘ (مولائي شيدائي جا تاريخي مضمون، ترتيب) سچل نيشنل سيمينار ڪميٽي، خيرپور، (18) ’ڀلاري ڀونءَ‘ (پرل ايس بڪ جي ناول جو ترجمو: ڪلال سان گڏ)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، (19) ’پاپ ۽ پيڙا‘ (ناول)، (20) ’باغي‘ (نذرالاسلام: ترجمو)، (21) ’جيءُ جياريو جن‘ (وڇڙيل ساٿين لاءِ شرڌانجليون: 1990ع)، (22) ‘Birth of a Great Poet (Kalhora Period 17001784)’، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو 2002ع، (23) ’جهوڪ جهريو‘ (تاريخ)، عظمت ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، (24) ’بين الاقوامي انقلاب جو راههِ عمل‘، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، (25) ’تضادن بابت‘ (تضادن جو فلسفو)، عظمت اڪيڊمي، حيدرآباد، (26) ’تصوف اور ڪلاسيڪي سنڌي شاعري‘ (اردوءَ ۾: سنڌي ادبي سنگت: 2010). ان کان سواءِ رشيد ڀٽيءَ شيخ اياز جي ڪتاب ”خط، انٽرويو ۽ تقريرون“ جي پهرئين ڀاڱي ۾ 118 صفحن جو شاهڪار مهاڳ لکي، ان ۾ دنيا ۽ سنڌي ادب جي روشن خيال ۽ ترقي پسند ڪردار ۽ ان ۾ شيخ اياز ۽ ساٿين جي جدوجهد تي روشني وڌي آهي. اهڙيءَ طرح هن شيخ اياز جي سنگيت ناٽڪ ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ تي 31 صفحن جو تفصيلي مهاڳ لکي ڀڳت سنگهه ۽ ساٿين جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. سندس هي ٻئي مواد سنڌي ادب ۾ تاريخي حيثيت رکن ٿا. ان کان سواءِ رشيد ڀٽي، محمد ابراهيم جويي ۽ رسول بخش پليجي پان پوءِ ٽيون اهم اديب آهي، جنهن شيخ اياز جي شاعريءَ جو اڀياس لکي سندس شاعراڻي عظمت کي ڀٽائيءَ کان پوءِ ويهين صديءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني آهي. هن پنهنجي دوست لعل جوڻيجي جون لکيل يادگيريون ”انگلينڊ جا اڍائي سال“ پڻ ترتيب ڏئي ڇپايو هو. ان سميت رشيد ڀٽيءَ جو ٻيو به کوڙ سارو قلمي پورهيو آهي. سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ ادب، ثقافت، تاريخ، سياست ۽ قديمي آثارن جي موضوع تي هن مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سوين مضمون لکيا. هن بابت ناليواري شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو چوڻ هو ته ”ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ کان پوءِ رشيد ڀٽي ئي پاڻ پتوڙيو آهي“. ناليواري اديب ۽ سندس ويجهي دوست غلام رباني آگري ”جهڙا گل گلاب جا“ (حصو ٻيو) ۾ رشيد ڀٽيءَ لاءِ لکيو آهي ته ”ڀٽي ٻين لاءِ سنڌ جو نامور اديب هو، ڪهاڻيڪار هو، مزاحيه نگار هو، سنڌ جو محب وطن هو، مظلومن جو حمايتي هو، پر مون سان سندس هڪ ئي نسبت هئي. ڀٽي منهنجو يار هو“. ناليواري ڪهاڻيڪاره ماهتاب محبوب جو چوڻ آهي ته ”عام زندگيءَ جيان سياسي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ ناساز حالتن سان هن ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ڪيو، پر لکڻين ۾ به اوليت پنهنجي نظرين کي ڏنائين جنهن ۾ ڦير ڦار آڻڻ لاءِ ڪنهن به قيمت تي تيار نه هو“. ڊاڪٽر خليل انصاريءَ لکيو آهي ته ”رشيد ڀٽي قومي ۽ انقلابي ادب جي مهندارن جي اڳواڻ دستي جو جرنيل هو“. عظيم شاعر شيخ اياز تي رشيد ڀٽيءَ جي وفات وڏو ذهني صدمو رسايو جو هو سندس جگري دوست هو. هن رشيد جي ياد ۾ ڪيترا بيت لکي کيس خراج پيش ڪيو آهي. سنڌ جو هي ارڏو اديب، صحافي ۽ سياستدان 16 فيبروري 1988ع تي وفات ڪري ويو. کيس چئن پٽن ۽ ٻين نياڻين جو اولاد آهي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان
سنڌڙي رهي اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو: رشيد ڀٽي خالد ٻانڀڻ رشيد ڀٽيءَ تي لکڻ منهنجي وس سوچ کان تمام گهڻو مٿاهون آهي ڇو ته هو جنهن دور جو اديب ڏاهو، ڪهاڻيڪار، دانشور هڪ سچو کرو انسان هيو. انهن ڏينهن ۾ اسان جو وجود ئي ڪو نه هيو ۽ رشيد ڀٽي تي لکڻ لاءِ رشيد ڀٽيءَ جيڏي دل علمي ادبي سوچ ٿي گهرجي. هو شيخ اياز جو پڳ مٽ يار هيو ۽ شيخ اياز هن صديءَ جو سنڌ لاءِ علمي سوچ جو خزانون انمول موتي هيو ته رشيد ڀٽي ڇا نه هوندو. مان جيترو به هن کي پڙهيو ۽ سندس شخصيتن بابت ٻڌو آهي ته جاگيراڻي محلو رشيد جي اوطاق اديب ڏاهن جي ڪچهرين جو مرڪز هوندي هئي ۽ سڄي سنڌ اچي رشيد ڀٽيءَ وٽ جمع ٿيندي هئي جتي علمي ڪچهرين ادبي سنگت جي ويهڪن جا ميلا مچندا هئا. رشيد ڀٽي ترقي پسند سوچ رکندڙ انسان هيو. جنهن پنهنجي پوري گهر کي ترقي پسند ڪيو. سندس خاندان جون نڀاڻيون اڄ به سنڌياڻي تحريڪ سان لاڳاپيل هجڻ سبب پوري سنڌ ۾ پنهنجي فڪري ڏاهپ نظرياتي ميدان ۾ بختاور، ڀاڳل ۽ شاهه جي سورمين جهڙو ڪردار ادا ڪنديون رهن ٿيون. پر ان جي پٺيان سڄي رشيد ڀٽيءَ جي محنت ۽ عظمت شامل آهي. رشيد ڀٽيءَ جو مڪمل نالو عبدالرشيد ڀٽي ولد مولوي حافظ عبدالحميد هو. سندس جنم 20 آگسٽ 1933ع ۾ سنڌ جي تاريخي گاديءَ جي هنڌ اروڙ ۾ ٿيو تڏهن ته سڄي ڄمار اورڙ جي پهاڙن وانگر ڳاٽ اوچو ڪري زندگي گذاري. رشيد ڀٽي مولائي شيدائي وانگر صحافت سان به لاڳاپيل رهيو هن پهريان پنهنجي والد جي هفتيوار نڪرندڙ اخبار المنار ۾ صحافت جي شروعات ڪئي. بعد ۾ الوحيد، نئين سنڌ اخبار ۾ سب ايڊيٽر جڏهن ته صبح سنڌ ۾ نيوز ايڊيٽر رهيو ۽ مارشلا جي دور ۾ روزاني عبرت ۽ هلال پاڪستان ۽ برسات ۾ مستقل ڪالم لکندو رهيو. رشيد ڀٽي جو تعليمي سفر ڳڻينداسين ته هن سنڌي فائنل، انٽر ڊرائنگ ايم اي، ايل ايل بي ۽ ٺيڙهي جي دارالهديٰ مدرسي مان پڻ سند حاصل ڪئي هئي. رشيد واريتڙ جي پرائمري اسڪول، ميونسپل هاءِ اسڪول، لا ڪاليج سکر، ڪراچي يونيورسٽي، سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي، اسلاميه ڪاليج سکر مان ڊگريون حاصل ڪيون. رشيد ڀٽي شروعاتي ڏينهن ۾ پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، رحيم داد مولائي شيدائي جو ويجهو رهڻ سبب علم ادب ڏانهن چاهه وڌيس. هن ڪتابن ۾ ڪهاڻين جو ڪتاب گهڙي گهڙي هڪ گهاءُ، ”مزاحيه ڪهاڻيون“ سياري جي رات، اصلوڪيون لکڻيون مزاحيه ڪالم، جڏهنته ناٽڪ عاشق زهر پياڪ، ڪهاڻيون جو ٽيون ڪتاب، ديس ستا دلاوارا جاڳيا، مزاحيه تقريرين جو ڪتاب، اوڀاريون لهواريون، سوشلزم تي ڪتاب، سياسي، مسئلن جو حل، سچ جو فلسفو، رياست ۽ آزادي ڪميونسٽ پڌر نامو ڪتابن سان گڏ تاريخ تي، پاڪستان جا پراڻا شهر، جڏهن جهوڪ جهريو، لکيا. ان کان علاوه دنيا جا عظيم افسانه، ناول، چتر لکڻي، قومي شاعريءَ جو ڪتاب آڏي ڍال ۾ ڍال، تاريخي ترتيب ڏنل ڪتاب ”سنڌ جا پراڻا شهر” انگلينڊ جا اڍائي سال تضادن جو فلسفو، ترجمو ٿيل ويٽنامي ناول ويرين جي وسندي” شامل آهن. رشيد ڀٽي سنڌي ادبي سنگت سکر جو باني سيڪريٽري ۽ مرڪزي پهريون سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل هيو. رشيد ڀٽي 16 فيبروري 1988ع ۾ سنڌ سکر ۽ دوستن کي الوداع چئي نئون ڳوٺ جي قبرستان ۾ وڃي آرامي ٿيو ضرور آهي. پر هن مهان شخصيت جي سنڌ جي سياست ادب صحافت، فلسفي، تاريخ ۽ همعصر دوستن تي جيڪا ڇاپ ڇڏيل آهي. اها اڃا تائين ڇانيل آهي جن به رشيد ڀٽي کي ڏٺو يا ان جي ويجهو رهيا ۽ علمي فيض حاصل ڪيو اهي اڄ به رشيد ڀٽي کي ساري ماضي جي جاگيراڻي محلي جي گهٽين ۾ گم ٿي وڃن ٿا ڇو ته رشيد سنڌ ڄائو اهو عظيم انسان هيو. جنهن پنهنجي پوري زندگي جدوجهد ۾ گذاري ڇڏي. رشيد ڀٽي جو لکيل مقبول نظم سنڌڙي رهي اسين نه رهاسين ته ڇا ٿيو قومي تحريڪ جي ڏهاڙن ۾ سياسي ادبي جلسن محفلن ۾ ڏاڍو لکيو ۽ پڙهيو ويندو هو رشيد جي نظم ۾ سنڌ کي دعا سندس ذات ڏات ۽ سوچ جي سفر وانگر سدائين سرسبز آهي.