ڪهاڻي مزاحمت رسول بخش جوڻيجو 14 فيبروري محبتن جو ڏينهن هو، يونيورسٽي سُنسان لڳي پئي هئي، 3 ٿيا هئا پوانٽ نڪرڻ جو وقت به ٿي ويو هو. مان به سينٽرل لائبريري مان ڪجهه اخبارون پڙهي پوانٽ ۾ ويٺو ئي مس هئس، ته ڪال آئي، “هلو” جو آواز منهنجي ڪنن تي پهتو، آواز سڃاتل هو پر غمگين پئي لڳو. مون به چيو “ جي هلو” هن ڳالهايو “مان لياقت پيو ڳالهايان“. لياقت جيڪو منهنجو اسڪول لائيف جو پراڻو دوست آهي. مون چيومانس “ جي لياقت ايڏو مايوس آواز ڇو پيو ڪڍين، اڄ ته محبتن جو ڏينهن آهي، هڪٻئي سان محبتون ونڊڻ جو ڏينهن آهي. توسان وري مسئلو ڇا آهي”. هن وري پنهنجي منجهيل آواز کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو ” توکي ٽمي جي واقعي واري خبر ناهي ڇا؟” مون کان ذري گهٽ ڇرڪ نڪري ويو هو . چيو مانس، “ ٽمي ....ڇا ڪيو ٽمي ، .....۽ ڇا ٿيو ٽمي کي..؟” وري هن پنهنجي ڏڪندڙ آواز ۾ چيو “ يار ٽمي کي پنهنجي .......پنهنجي....” مون وري ڳالهايو...“ڇا پنهنجي؟ يار ڪجهه ته ٻڌاءِ.” وري هن ڳالهه ڳيت ڏيئي هڪدم چئي ..“پنهنجي مڙس هٿان مارجي ويئي....يار ....بي ڏوهي،” هن اهو چيو ته فون بند ٿي ويو منهنجو ساهه منجهي ويو هو، ۽ دماغ ڪشمڪش ۾ هو ، ته ڇا ڪجي اهڙي سماج کي، هن سماج ۾ انسانن جو رهڻ ئي چڪ آهي،،،ائين منهنجي اسڪول لائيف جي ڪلاس فيلو ۽ هڪ سٺي دوست ۽ همدرد ٽمي جي گهاريل يادن جا منظر اکين تي تري آيا هئا. ٽمي جنهن جو مائٽن ته نالو زيب النساءَ رکيو هو، پر مون جڳ مشهور انقلابي ناول “ ڳاڙهو لالٽين” جي ڪردار ٽمي کان متاثر ٿي ۽ سندس ڪردار جي مشاهبت هئڻ جي ڪري نالو رکيو هئم .“ٽمي”. جڏهن اسڪول ۾ نئون داخل ٿيو هئس، ان وقت مون کي هڪ سينئر ڇوڪري تنگ ڪري روئاري ڇڏيو هو، تڏهن اها ئي ٽمي هئي جيڪا مونکي پرنسيپال جي آفيس وٺي ويئي ، ۽ منهنجي پاران ڀرپور ڪيس وڙهيوهو. ۽ ان وقت ئي پرنسيپال ان ڇوڪري کي گهرائي سيکت ڏني هئي، ۽ ان ئي ڇوڪري مون کان معافي وٺي جان ڇڏائي.. هن هڪ دفعو مون کان پڇيو هو، ته “ مظهر تو مون تي آخر ٽمي نالو ڇو رکيو آهي؟..“ مون جواب ڏيندي چيو مانس ته “ ٽمي تون سنڌ جي ٽمي جو حقيقي ڪردار آهين، تو ۾ گڻ آهن مزاحمت ڪرڻ جا، پنهنجي ۽ پنهنجي دوستن ، پنهنجي ڪلاس فيلوز لاءِ مون توکي ٽمي وانگر مزاحمت ڪندي ڏٺو آهي، تو ۾ هڪ بهادر ۽ مزاحمتي عورت اڀرندي ڏٺي آهي ، ٽمي جي روپ ۾ فلسطين جي مجاهدڻ ليلا خالد جي روپ ۾” سڄو اسڪول ٽمي جي مزاحمتي ڪردار کان لنوائڻ لڳو هو، ٽمي ته پري جي ڳالهه هئي پر ڪنهن ۾ اها به جرئت نه هئي جو ٽمي جي ساٿي ڪلاس فيلوز کي ڪير تنگ ڪري. ٽمي پيار ۽ محبت جي معاملي ۾ ته ٻين کان منفرد خيال رکندڙ هئي، پيار ته هن ڪيو هو ، ته صرف پنهنجي ماءَ سان ، پنهنجي پيءُ سان ، پنهنجي ننڍي ڀاءُ شاهنواز سان ، دوستن سان، سنڌ ڌرتي سان ، ادب ۽ فلسفي سان ۽ سنڌ جي ڏتڙيل مظلوم عورتن سان. هڪ دفعو پڇيومانس “ ٽمي تو ڪڏهن محبت ڪئي آهي؟”. چوڻ لڳي “ڪهڙي قسم جي محبت توهان چئو ٿا، جيڪا اڄڪلهه هلي ٿي اها ته هڪ ڊرامو آهي، جنهن جي آخري سين ۾ دوکو ڏيکاريو ويندو آهي ۽ اُهو دوکو محبت جو آخري سين هوندو آهي” وري ساهي کائي چوڻ لڳي هئي “ مون ته محبت صرف پنهنجي خاندان، سنڌ ۽ سنڌ جي مظلوم عورتن ۽ توهان جهڙن سٺن دوستن ۽ ڪتابن ۽ قلم سان ڪئي آهي.” ٽمي کي اڄلهه جي پيار کان ۽ اهڙن مردن کان تڏهن کان نفرت ٿي هئي ، جڏهن هن جي سوٽ پارس سان پيار جو ڍونگ رچائيندڙ اسلم پارس کي غلط استعمال ڪري دوکو ڏيئي دبئي ڀڄي ويو هو. .هڪ دفعو ٽمي پنهنجي شادي جي دعوت ڏيندي مون کي فون ڪئي جيڪا هن جي آخري فون هئي، شادي کانپوءِ الائي ڇو مون کي ڪڏهن فون نه ڪيائين ۽ اڪثر نمبر به بند رهندو هو ،مون کي اها به هدايت ڪئي هئائين ته“ يونيورسٽي جي بازاري عشقن کان پري رهندو وڃ ، ته تنهنجي لاءَ وڌيڪ بهتر آهي، باقي اگر مون جهڙا ٽمي وارا ڪردار ڏسين يونيورسٽي ۾ ته تنهنجو انهن ڇوڪرين سان دوستي رکڻ فرض بنجي ٿو ، شايد مان هجان نه هجان پر اها نئين ٽمي منهنجي مقصد کي منزل تائين رسائي.” مون چيومانس، تنهنجي مقصد جي ساڀيان لاءِ مون هر ڪا ڪوشش ڪئي ، هڪ يونيورسٽي جي ڇوڪري هئي ،جيڪا تو وانگر ذهين هئي، سٺا خيال رکندڙ هئي، ادب به سٺو پڙهيل هئي.جڏهن مون هن کي ڪتاب ڏنو هو ته هن مڊٽرم جو بهانو بڻائي بنا پڙهڻ جي واپس موٽائي ڏنو هئائين، ،،،شايد هُو وسيع خيالن، خطرن ۽ ارادن واري جنگ ۾ ايتري مضبوط نه هئي ، جيتر ي تون هُئين . شايد هو سماج جي ڪڌين رسمن کان ڊنل هئي. پوءِ مون سوچيو، تون سنڌ جي آخري ٽمي آهين ، توکان پوءِ وري سنڌ صدين تائين تو جهڙي مزاحمتي ڇوڪري پيدا ڪري نه سگهندي. ۽ سنڌ هزارن سالن تائين تو جهڙي ٽمي کان محروم رهندي.” تڏهن ٽمي مون کي چيو هو ” لازمي ناهي جيڪو توهان چاهيو ٿا ائين ٿئي . خواهشون اگر انسان جون پوريون ٿي وڃن ته ڪر زندگي جو مقصد نه رهي. خواهشون هونديون ته انهن جي تڪميل لاءِ محنت ۽ جستجو ڪرڻ جو حوصلو وڌنڌو” جڏهن ٽمي جي شادي پنهنجي ڪزن سان ٿي رهي هئي، تڏهن پنهنجي پيءُ جي پسند کي لبيڪ چيو هئائين، هن پنهنجي پيءُ جي اڳيان مزاحمت نه ڪئي هئي، پنهنجي پيءُ جي خواهشن کي فنا ڪرڻ نٿي چاهيو، ڇو ته هن پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي عظيم محبت خاطر انهن جي خواهشن کي پٺي ڏيڻ نٿي چاهي، ڇو ته هُو سنڌياڻي هئي، هُن پنهنجي ماءُ ۽ پيءٌ جي عزت تي داغ ڏيڻ نٿي چاهيو، هُنن جي پسند تي ته ڪو به رايو به نه ڏنو هئس، شايد ٽمي به مائٽن جي پسند تي خوش هئي. پوانٽ قاسم آباد پهچي چڪي هئي، ۽ منهنجي سوچن جو سلسلو هڪدم بيهي ويو هو، گهر پهچندي ئي لياقت کي فون ڪيم ، چيومانس ته ، سڀاڻي سوير سکر هلڻو آهي ٽمي جي تعزيت لاءِ، تون تيار رهج. ..................................... ٻئي ڏينهن سکر واري بس ۾ روانا ٿياسين،لياقت خاموشي ٽوڙيندي چيو “زرينه مون کي چيو پئي ته ٽمي پنهنجي مڙس جي عادتن کان تنگ هئي، شايد گهڻي مزاحمت ڪئي هئائين،” زرينه جيڪا ٽمي ۽ اسان سان اسڪول ۾ گڏ پڙهي هئي ، ٽمي جي سٺي دوست به هئي،مون سان گهٽ ڳالهائنيدي آهي، ڇو ته هُو منهنجي فلسفي جي خطرناڪ سوالن کان لنوائيندي هئي، هُو هڪ ڪٽر مذهبي گهراڻي جي ڇوڪري هئي، مذهب بابت منجهائندڙ سوال پڇي چيڙائيندو هئس. پر ٽمي هن سان ڪڏهن به مذهب بابت ڳالهه نه ڪندي هئي، حالانڪه ٽمي مذهب کان وڌيڪ انسان ذات کي ترجيح ڏيندي هئي ۽ مون کي منع به ڪندي هئي ته مذهبي ماڻهن سان فلسفاڻه سوال نه ڪندو ڪر.. مون وري لياقت سان مخاطب ٿي وچ ۾ سوال ڪيو ”ڪهڙيون عادتون هيون، ان جون؟” لياقت ڳالهه شروع ڪئي “ اهي ته ٽمي جو مڙس سليم ٽمي جي پيڪين وڃڻ کانپوءِ سکر مان ڪال گرل گهرائيندو هو.” مون وڌاءُ ڪندي چيو...“ اڇا اها ته ڪمبخت سليم جي عادت بڻجي ويئي هئي، هڪ دفعو ته اهي سليم جا ڪرتوت ٽمي پنهنجي موجودگي ۾ به ڏٺا هئائين.” مان سوچن ۾ هئس ته ضرور ٽمي مزاحمت ڪئي هوندي ، ڏاڍي ضدي هئي ٽمي، ۽ اها ٽمي جي مزاحمت سليم کي پسند نه آئي هوندي ڇو ته مرد ڪڏهن به نه چاهيندو ته ڪا زال مڙس جي خلاف مزاحمت ڪري.. ايتري ۾ لياقت کي زرينه جي ڪال آئي ، اٽٽينڊ ڪيائين ، ٽمي جي واقعي بابت پڇيائين پئي، ، لياقت فون بند ڪيو ۽ مون يڪدم پڇيو “ ڇا ٿي چوي زرينه؟” چوي پئي ته هير ٽمي جي ڪا دوست آهي، ان هير جي خواهش تي سندس مڙس سان هيپي ويلنٽا.ئن ڊي چئي ڳالهايو، اتفاق سان ٽمي جو مڙس ڀر ۾ ويٺل هو سو اهو ٻڌي همراهه غيرت ۾ باهه ٿي ويو، موبائيل جهڙپ ڏيئي کسي ، ٽمي کي گهوگهو ڏيڻ ڪوشش ڪيائين ته ٽمي به مزاحمت ڪندي ڀر ۾ پيل پٿر هڻي ڪڍيائين ، جيڪو ڪجهه هن کي لڳو ته همراهه ۾ غيرت وڌيڪ ڇوليون ڏيڻ لڳي، پسٽل ڪڍندي ٻه فائر ڪيائين...............۽ سليم پوليس کي رپورٽ ڏيندي چيائين ته ڪاري هئي.. سکر ويجهو اسان ٽمي جي ڳوٺ پهتاسين ، اتر سنڌ جي حالتن کان ته مان اڳ ۾ ئي واقف هئس، مون سوچيو ٽمي هن ماحول مان ڪيئن نڪري سٺن خيالن جي پرواز ڪئي ۽ اهو خواب کڻي نڪتي هئي ته هي سنڌ ۾ اهڙن رسمن جو خاتمو آڻيندي، ۽ پوءِ هر سنڌياڻي جو ڪنڌ ڪنهن مڙس يا ڀاءُ جي ڪاتي هيٺيان نه هوندو ، انهن جي ڪهاڙين ۽ بندوقن جا منهن پنهنجي اڇين ، اجرين ڀينرن ۽ ونين ڏانهن نه هوندا پر ڪو وقت ايندو جڏهن انهن بندوقن جا منهن سنڌ ڏانهن ميري اک ڏسندڙن ڏانهن ۽ ڪلاچي ۾ سنڌين جي رت سان هولي کيڏندڙن سان هوندا. سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جا خواب ڏسندڙن ڏانهن هوندا. ٽمي ته هنن ڪاروڪاري رسمن کي سنڌ مان فنا ڪرڻ ٿي چاهيو، هن سنڌ ۾ ٻيهر لطيف جي امن جي وائي ورجائڻ ٿي چاهي، پر ٽمي ئي انهن ئي دقيانوسي رسمن هٿان ڇيڀاٽجي ويئي، ۽ شيخ اياز ڀٽائي کي دانهن ڏنيدي چيو هوندائين جاڳ ڀٽائي گهوٽ توکي سنڌڙي پئي سڏڙا ڪري مرن پيون ماريون ، قابو آهن ڪوٽ اچ ته تنهنجي اوٽ ڏاڍن کي ڏاري وجهون. ۽ ڀٽائي پنهنجي سورمي کي رت ۾ ريٽو ڏسندي ضرور رنو هوندو ء ۽ چيو هوندائين الا ڏاهي م ٿيان ، ڏاهيون ڏک ڏسن. مون سين مون پرين ، ڀورائي ۾ ڀال ڪيا ٽمي جي غم ۾ وڪوڙيل پيءِ کي ڏسي مون سوچيو هن جي پيءُ سماج سان مهاڏو اٽڪائي ٽمي کي پڙهايو هئائين، سليم سان ان شرط تي شادي ڪرائي هئائين، ته جيستائين سندس ڌي پڙهڻ چاهي پڙهندي، پر ٽمي سهري ۽ مڙس جي طعنن کان بي اي واري تعليم به اڌ ۾ ڇڏي ڏني هئائين ، پيءُ کي چيائين ته هاڻ هو اڳتي نٿي پڙهڻ چاهي.. ٽمي جي پيءُ سان تعزيت ڪري ٻاهر نڪتاسين ته ٻاهر ٽمي جو ڀاءُ شاهنواز مايوس نظر اچي رهيو هو، شايد هي به اهڙن ڪڌين رسمن کان مايوس هو ، غمگين هو. مون ڀر سان وڃي شفقت ڀريو هٿ رکندي چيم “ شاهو تون مايوس نه ٿي ، تون هنن رسمن کي مٽائي سگهين ٿو، تو ٽمي جو ڀاءُ آهين ، تون ۾ به ٽمي واري مزاحمت رڳ رڳ ۾ سمايل آهي، تون سنڌ جو چي گويرا آهين..”.
تمام سٺي ڪهاڻي لکي اٿو .... سهڻن احساسن ۽ ڀرپور ڊائلاگن سان ۽ ان کان به وڌيڪ آخري سين جنهن ۾ اوهان سندس ڀاء کي حوصلو ڏئي اميد جاڳيو ٿا.