• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

برائوزر مان غير ضروري ٽولبارز کي مڪمل ختم ڪرڻ

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
توهان اڪثر نيٽ تي ڪنهن سافٽويئر جي ڳولا ڪريو.. ته اهو ملي به وڃي ۽ مفت ۾ انسٽال به ٿيو وڃي ... ڳالهه کڻي مڃجي به پر ياد رکو ڪيترائي مفت سافٽويئر بلڪل مفت ناهن هوندا... انهن جي ٽپيڪل انسٽاليشن برائوزر جو ٽولبار ڀري شڪل ڪجهه هن طرح بڻايو ڇڏين...

Too_many_toolbars-1024x837.jpg

۽ اهو ان ڪري ٿئي جو اسان ڪوبه پروگرام انسٽال ڪندي جلد بازي ۾ نيڪسٽ نيڪسٽ تي ڪلڪ ڪندا ويندا آهيون.. جنهن سان ڪئي فالتو پروگرامز به انسٽال ٿيو وڃن.. جيڪي رڳو برائوزرس ڪريش ٿيڻ جو سبب ئي نه بڻجندا آهن پر بروائزر جي ايڊريس بار هيٺان پنهنجو ٽولبار لڳايو ڇڏين ۽ اڳ سيٽ ڪيل ڊيفالٽ سرچ انجن کي به مٽائيندي ماڳهين پنهنجي لڳايو ڇڏين... جنهن ذريعي هو ڳولا جي سمورن نتيجن تي اشتهارن جي ڀر مار موڪلي ڪمپيوٽر يوزر کي ايترو ته مجبور ڪري ڇڏين... جو هُو ڳولا ڪجهه ڪرڻ وڃي ته ڀٽڪيو ڪنهن ٻين سائيٽ تي وڃي...
ٿيڻ ته اهو گهرجي ته سافٽويئرز انسٽاليشن دوران اهڙن چيڪ باڪسز کي هٽايو وڃي جنهن ۾ اضافي ٽولبار يا سرچ انجڻ انسٽال ڪرڻ جي دعوت باءِ ڊيفالٽ چيڪ لڳائي ڏني وڃي ٿي... ۽ اهو وڌيڪ بهتر آهي ته هميشه سافٽويئر جي ڪسٽم انسٽاليشن کي ترجيح ۾ رکندي انسٽاليشن ڪئي وڃي..
پر کوڙ سارا دوست اها به شڪايت ڪندا آهن ته هو احتياط سان انسٽاليشن ڪندا آهن پر پوءِ به اهي ٽولبارز ۽ ٻيا فالتو پروگرامز ڪنهن نه ڪنهن طرح انسٽال ٿيو وڃن...
اڄ اهڙن دوستن جي پريشانين کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي... هوئن ته احتياطي انسٽاليشن باوجود جڏهن اهڙا پروگرامز ۽ ٽولبارز انسٽال ٿي وڃن ته حل اهو آهي ته برائوزر ايڪسٽينشن ۽ انسٽالڊ ايڊآنز کي چيڪ ڪندي فالتو ايڪسٽينشن ختم ڪيا وڃن ۽ ان کان پوءِ ايڊ ۽ ريموو پروگرام مان غير ضروري پروگرام ان انسٽال ڪيا وڃن پر انهن کي سسٽم مان صاف ڪرڻ لاءِ انهن کي ڳولڻ ۽ پوءِ واري واري ان انسٽال ڪرڻ وارو ڪم خود به ڪنهن خفي کان گهٽ ناهي.. ان ڪري ان جو بهتر حل مون آندو آهي هن ننڍڙي ۽ مفت سافٽويئر سان ... هي آهي اي ڊي ڊبليو ڪلينر..

adwcleaner1113_05.png

AdwCleaner سسٽم کي سڪين ڪري توهان کي مڪمل رپورٽ ڏيکاريندو آهي ته ڪيتريون فالتو شيون سسٽم ۾ موجود آهن... جهڙوڪ: ايڊويئر، غير ضروري ۽ زبردستي انسٽال ٿيڻ وارا پروگرامز، برائوزر ۾ کاٽ هڻندڙ پروگرام، رجسٽري ايڊيٽر ۾ فالتو انٽريز، ٽولبارز ۽ فالتو شارٽ ڪٽس وغيره... هي پروگرام سڀني کي هڪ ئي اشاري ۾ صاف ڪري ڇڏيندو آهي...
پنهنجي ڪم جي حوالي سان هي پروگرام بي مثال ڪارڪردگي جو مالڪ آهي.. اهو ئي سبب آهي جو لکن جي تعداد ۾ ماڻهون هن کي ڊائونلوڊ ڪري چڪا آهن... ۽ هتي ڪلڪ ڪري توهان به ڊائونلوڊ ڪريو ۽ انهن لکن ۾ پنهنجي انگ جو پڻ اضافو آڻيو...:)
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
مون واري برائوزرس جو به ڪم لٿو پيو آهي ... ايڏو احتياط ٿو ڪيان پر شايد ڪجهه سافٽويئرس کي انسٽال ڪجي ٿو ته انهن ۾ بلٽ ان ٽولبار يا اضافي شيون موجود هجن ٿيون .... بس گهر پهچڻ ڏيو ته پهريون ڪم اهو ڪبو ته بروئوزرس جي صفائي ڪبي.

لک قرب
 
توهان اڪثر نيٽ تي ڪنهن سافٽويئر جي ڳولا ڪريو.. ته اهو ملي به وڃي ۽ مفت ۾ انسٽال به ٿيو وڃي ... ڳالهه کڻي مڃجي به پر ياد رکو ڪيترائي مفت سافٽويئر بلڪل مفت ناهن هوندا... انهن جي ٽپيڪل انسٽاليشن برائوزر جو ٽولبار ڀري شڪل ڪجهه هن طرح بڻايو ڇڏين...

Too_many_toolbars-1024x837.jpg

۽ اهو ان ڪري ٿئي جو اسان ڪوبه پروگرام انسٽال ڪندي جلد بازي ۾ نيڪسٽ نيڪسٽ تي ڪلڪ ڪندا ويندا آهيون.. جنهن سان ڪئي فالتو پروگرامز به انسٽال ٿيو وڃن.. جيڪي رڳو برائوزرس ڪريش ٿيڻ جو سبب ئي نه بڻجندا آهن پر بروائزر جي ايڊريس بار هيٺان پنهنجو ٽولبار لڳايو ڇڏين ۽ اڳ سيٽ ڪيل ڊيفالٽ سرچ انجن کي به مٽائيندي ماڳهين پنهنجي لڳايو ڇڏين... جنهن ذريعي هو ڳولا جي سمورن نتيجن تي اشتهارن جي ڀر مار موڪلي ڪمپيوٽر يوزر کي ايترو ته مجبور ڪري ڇڏين... جو هُو ڳولا ڪجهه ڪرڻ وڃي ته ڀٽڪيو ڪنهن ٻين سائيٽ تي وڃي...
ٿيڻ ته اهو گهرجي ته سافٽويئرز انسٽاليشن دوران اهڙن چيڪ باڪسز کي هٽايو وڃي جنهن ۾ اضافي ٽولبار يا سرچ انجڻ انسٽال ڪرڻ جي دعوت باءِ ڊيفالٽ چيڪ لڳائي ڏني وڃي ٿي... ۽ اهو وڌيڪ بهتر آهي ته هميشه سافٽويئر جي ڪسٽم انسٽاليشن کي ترجيح ۾ رکندي انسٽاليشن ڪئي وڃي..
پر کوڙ سارا دوست اها به شڪايت ڪندا آهن ته هو احتياط سان انسٽاليشن ڪندا آهن پر پوءِ به اهي ٽولبارز ۽ ٻيا فالتو پروگرامز ڪنهن نه ڪنهن طرح انسٽال ٿيو وڃن...
اڄ اهڙن دوستن جي پريشانين کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي... هوئن ته احتياطي انسٽاليشن باوجود جڏهن اهڙا پروگرامز ۽ ٽولبارز انسٽال ٿي وڃن ته حل اهو آهي ته برائوزر ايڪسٽينشن ۽ انسٽالڊ ايڊآنز کي چيڪ ڪندي فالتو ايڪسٽينشن ختم ڪيا وڃن ۽ ان کان پوءِ ايڊ ۽ ريموو پروگرام مان غير ضروري پروگرام ان انسٽال ڪيا وڃن پر انهن کي سسٽم مان صاف ڪرڻ لاءِ انهن کي ڳولڻ ۽ پوءِ واري واري ان انسٽال ڪرڻ وارو ڪم خود به ڪنهن خفي کان گهٽ ناهي.. ان ڪري ان جو بهتر حل مون آندو آهي هن ننڍڙي ۽ مفت سافٽويئر سان ... هي آهي اي ڊي ڊبليو ڪلينر..

adwcleaner1113_05.png

AdwCleaner سسٽم کي سڪين ڪري توهان کي مڪمل رپورٽ ڏيکاريندو آهي ته ڪيتريون فالتو شيون سسٽم ۾ موجود آهن... جهڙوڪ: ايڊويئر، غير ضروري ۽ زبردستي انسٽال ٿيڻ وارا پروگرامز، برائوزر ۾ کاٽ هڻندڙ پروگرام، رجسٽري ايڊيٽر ۾ فالتو انٽريز، ٽولبارز ۽ فالتو شارٽ ڪٽس وغيره... هي پروگرام سڀني کي هڪ ئي اشاري ۾ صاف ڪري ڇڏيندو آهي...
پنهنجي ڪم جي حوالي سان هي پروگرام بي مثال ڪارڪردگي جو مالڪ آهي.. اهو ئي سبب آهي جو لکن جي تعداد ۾ ماڻهون هن کي ڊائونلوڊ ڪري چڪا آهن... ۽ هتي ڪلڪ ڪري توهان به ڊائونلوڊ ڪريو ۽ انهن لکن ۾ پنهنجي انگ جو پڻ اضافو آڻيو...:)
جي ها هي بهترين ٽولبار ريمور سافٽوير آهي.جنهن سان مڪمل ٽولبار ختم ٿي ويندا آهن.
 
ادا سليمان وساڻ چواڻي ته ڪم ته اصل صفا هيڏي به لٿا پيا آهن

ادا رشيد چوي ٿو ته ان کي آزمائي ڏسون ٿا

وڌيڪ رائي وري آزمائي پو۽ ڏبي

سدائين گڏ
 
Back
Top