هما: ڪوڙ کان سخت نفرت آهي مون کي. مان: اڇا ! سڄو ڏينهن تنهنجي تعريف ڪندو آهيان ته ڏاڍي ٻهڪندين آهين ۽ چئين ٿي ته ڪوڙ کان نفرت آهي.. واه ! هما: ڇا مطلب ! (مسڪرائيندي ) ته اهو سڀ ڪوڙ هوندو آهي مان: هاهاهاهاها... نه نه سڀ ته ڪوڙ نه هوندو آهي... پر ڪجھ ڪجھ مسڪو به ته هوندو آهي. هما: مسڪي جي گنجائش آهي. هونئن به تعريف ڪنهن کي بري لڳندي آهي. توکي به ڇوٽ آهي منهنجي تعريف ۾ جيترو وڻئي ڪوڙ ڳالهائجان پر ان کان علاوه نه. مان توکي بيزار ته نه پئي ڪيان نه؟ مان: نه نه! توکي ٻڌڻ لاءِ ئي ته توسان ويٺو آهيان هتي. تون جڏهن بي ساخته ڳالهائيندي رهندي آهين ته تنهنجي چهري جا بدلجندڙ تاثر ڏاڍا دلفريب هوندا آهن، تنهجي سونهن جي ان پهلو کان تون پاڻ به اڻ واقف آهين. هما: ڪو موقعو نٿو ڇڏين تون به نه ! (هن پينسل الاريندي چيو). مان: هاهاها......... نه نه صحيح ٿو چوانءِ ! دل چوي ٿي ته سڄو ڏينهن توکي ڳالهائيندي ڏسندو رهان. هما: ڪجھ ٻڌندو به ڪر ! رڳو ڏسندو نه ره. هونئن به جي تون منع به ڪرين تڏهن به مان سڄو ڏينهن توکي پنهنجون ڳالهايون ٻڌائي ٻڌائي بيزار ڪندي رهنديس. ڇو جو شادي کان پوءِ ته مون کي پڪ آهي ته منهنجن فضول ڳالهين لاءِ تو وٽ وقت ئي نه هوندو. پوءِ ته تون جھڻڪيندين ته مان ڪم ڪيان يا ويهي تنهنجون فضول ڳالهيون ٻڌان. مان: هاهاهاها......... تو کي ايئن ڇو لڳندو آهي؟ هما: لڳندو ناهي... ايئن ئي هوندو آهي. شادي کان پوءِ ڇوڪرين سان هر هنڌ ائين ئي ٿيندي ڏٺو آهي مون. ان ڪري هن وقت جو جيترو فائدو وٺي سگھجي وٺڻ گھرجي. مان: يعني توکي لڳي ٿو ته شادي کان پوءِ منهنجي چاهت ۾ گھٽتائي اچي ويندي؟ هما: نه مان ايئن نٿي چوان. چاهت گھٽ ٿيڻ الڳ ڳاله آهي. ( هن ڊگھو ساه کنيو. سندس گهرو ۽ ڊگو ساه مون تي ويساه جو پڪو ثبوت هو. هن ڳاله جاري رکي) بس شادي کان پوءِ اوهان مردن کي الائجي جي ڇو رومانوي ڳالهيون فضول لڳنديون آهن. ان لاءِ وقت نه هوندو آهي اوهان وٽ. ”سنگت جو خير !“ ڌاريي منهنجي پاسي ۾ ويهندي چيو. ساڻس گڏ جميل به هو جيڪو سندس گوڏي تي ٺونٺ سان ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو. ”مان اچان ٿي“ هما اٿندي چيو ۽ ٽيچرز هال اندر هلي وئي. ”لڳي ٿو هي آمر هنن جي هٿن مان نڪري ويندو.“ جميل چيو. ”جيڪي سياستدان ايوانن ۾ ٽنگيل آمرن جي تصويرن کي لاهي ڦٽو ڪرڻ جي جرات نٿا رکن انهن مان ٻي ڪهڙي توقع رکي سگھجي ٿي“ مون وراڻيو. ”يار ماستر ! ڪٿي ماسترياڻي سان محبت ته نه ٿي وئي اٿئي؟ “ ڌاريي پڇيو ”يار! شادي جو ارادو ته آهي. باقي پيار، محبت نوجواني جون جذباتي ڳالهيون هونديون آهن. مون کي ناهي خبر ته ان کي ڪهڙو نالو ڏجي. بس ايتري خبر اٿم ته هن جون ڳالهيون مون کي پنهنجون ڳالهيون لڳنديون آهن. هو جيڪو به چئي ٿي، ڪا راءِ يا ڪو طنز به ڪري ٿي ڪنهن تي، ته الائجي ڇو ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ اهي منهنجا چيل لفظ آهن. مون کي اڪثر موقعن تي ايئن لڳندو آهي جي هن جي جاءِ تي مان هجان ها ته شايد مان به هوبهو ساڳي ڳاله ئي ڪيان ها.“ ”ماستر ! تنهنجي مرضي جيڪو به نالو ڏين ان کي... پر پنهنجي ڊڪشنري ۾ ان کي پيار ئي چئبو آهي“ ڌاريي چيو. ”اسسٽنٽ پروفيسر چئو پيارا ! “ جميل مسڪرائيندي چيو ”ڪاليج ۾ ماستر کي ماستر ڪونه چئبو آهي“ ”تون ڏي خبر، اڄ منهن ڇو لٿل اٿئي؟“ مون ڌاريي سان مخاطب ٿيندي پڇيو. ” دل به بادشاه آهي يار !“ ڌاريي چيو”هزارون خواهشين ايسي ڪي هر خواهش پي دم نڪلي..“ ”ها، پر ياد رک ! “ مون وراڻيو ”کيسو هميشه دل جي مٿان هوندو آهي.“ ”يار تون به چگي ڀلي موڊ جو خانو خراب ڪيو ڇڏين “ ڌاريو. ”تنهنجو ڏوه ناهي پيارا ! مسرتون مون کي ڀاء نه پونديون آهن. خوشين جي آمد تي ڪو اڻڄاتل ڀئو ورائي ويندو اٿم ... ايئن لڳندو آهي جيئن مسرتن کي ڍال بڻائي ڪي اذيتون مون ڏانهن وڌنديون هجن“ ”وهم زندگي جي امرت کي زهر بڻائي ڇڏيندا آهن“ جميل چيو ”چيروفوبيا ! چيروفوبيا چئبو آهي تنهنجي ان بيماري کي.“ ”تون ڪونه سڌرندين نه !!“ (هن بيدمشڪ جي وڻ سان ٽيڪ ڏيئي ويهندي چيو) ”نه ! ڪڏهن به نه“ جميل وراڻيو. ”هي سڀ ڍونگي آهن يار !“ جميل اخبار تي نظر وجھندي چيو ”بهروپيا آهن... اداڪار آهن پر سياستدان ناهن... ليڊر ناهن. مفاد پرست ٽولن جو سياسي پارٽين تي مڪمل ڪنٽرول آهي. هي سڀ اقتداري سياست جا شيدائي آهن... هنن جو وجود ئي اقتدار سان آهي... اقتدار ۾ ئي هنن جي بقا آهي.“ ”پر اهو به سوچڻ گھرجي ته ڇا ڏوه رڳو انهن سياستدانن جو آهي“ مون وراڻيو ”يا اسان جو به آهي. ڇا اسان جون ترجيحات ٺيڪ آهن. ڪنهن کي به ووٽ ڏيڻ پويان اسان وٽ سبب يا سوچ ڇا هوندي آهي.“ ”ها يار !“ هن چيو ”دراصل اسان پاڻ ڪنهن اهڙي شخص کي ووٽ ڏيڻ کان ڪيٻائيندا آهيون جيڪو قابليت جي ڳاله ڪري.. جيڪو اصول ۽ قانون جي ڳاله ڪري. عام خيال آهي ته اهڙي ماڻهو کي ووٽ ڏيڻ جو ڪهڙو فائدو؟ اهڙو شخص ته ڪنهن ناجائز ڪم ۾ اسان جو ساٿ ئي نه ڏيندو. هن جي دماغ ۾ ته ايمانداري جو، اصول ۽ قانون جو ڀوت سوار رهندو. اهڙو شخص ته سڀني سان ساڳيو رويو رکندو. انهن سان به جن کيس ووٽ ڏنو هجي ۽ انهن سان به جن سندس مخالف کي ووٽ ڏنو هجي. دراصل اسان پاڻ برابري ۽ قابليت جي بنياد تي ٻڌل معاشري کي هضم ڪرڻ برداشت ڪرڻ جي اهليت نٿا رکون. اسان کي تيسيتائين مزو نه ايندو جيسيتائين اسان ڌڙابندين ۾ نه هجون ۽ جيسيتائين مخالف ڌڙن کي تڪليف ۾ نه ڏسون کين ذليل ۽ شرمنده نه ڏسون. اسان کي تبديلي سان، ڪنهن صاف سٿري ماحول سان ڪهڙو ڪم.“ ”اسان رڳو انصاف تي قانون تي ليڪچر ڏئي سگھون ٿا“ مون چيو ”ڪلاڪن تائين بنا ساهي جي. پر عملي طور اسان انتهائي ابتڙ ثابت ٿيندا آهيون“ ”يار ! مان ته چاهيان ٿو ته اسان جي ملڪ ۾ قانون سختي سان لاڳو ٿيڻ گھرجي“ ڌاريي چيو ”پر سواءِ منهنجي.“ ”اها رڳو تنهنجي خواهش ناهي پيارا !“ جميل چيو ”اها اڪثريت جي خواهش آهي. هتي هر ڪوئي پاڻ کي استسنا ڏيارڻ جو خواهشمند آهي.ـ “ ”استسنا مان ياد آيو !“ ڌاريي چيو ”توکي اڃا چانهه جي معاملي استسنا ڪونه ڏني آهي اسان. ”ها ها ها! نه نه استسنا وٺبو ته ڪو ٺاهوڪو وٺبو“ مون چيو ”بس ڪلاس جو وقت ٿيڻ وارو آهي ان کان پوءِ هلون ٿا. رڳو چانهه هلندي يا ڪجھ رفريشمينٽ جو به جڳاڙ ڪجي؟“ ”اسان لاءِ ته چانهه جا ٻه ڪپ ڪافي آهن“ جميل چيو ”نه نه !“ ڌاريي وراڻيو ” ٻه ته ڇا چانهه جا ڏهه ڪپ به ڪافي ٿي نٿا سگھن، چانهه چانهه ٿيندي آهي ۽ ڪافي ڪافي !“ ”پر يار چانهه ٻئي ڀيري پيئبي. اڄ ٿورو ڪم سان وڃڻو آهي.“ جميل چيو. ”بلدياتي اليڪشن به اچڻ واري آهي. کوڙ ڊراما ڏسڻ لاءِ ملندا“ مون جميل جي گوڏي تان اخبار کڻندي چيو. ”ها ! بلڪل !“ جميل چيو ”اليڪشن جا ڏينهن ويجها ايندا آهن ته ڪنهن جي سيني ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي حقن لاءِ ته ڪنهن جي سيني ۾ سنڌ ڌرتي لاءِ درد جاڳي پوندا آهن. پوءِ ڪڏهن اشتعال انگيز ته ڪڏهن شام غريبان جي طرز تي پڙهيل تقريرن جو اثر ڪجھ ايئن ٿيندو آهي ته دوران اليڪشن مهم ۽ اليڪشن واري ڏينهن تي خاص ماڻهن جي انهن چالن جو شڪار هڪ عام ماڻهو ٻئي عام ماڻهو جو ڪنڌ ڪپيندو آهي. ۽ اليڪشن جا نتيجا ايندي ئي ساڳيون پارٽيون گڏجي اتحاد ٺاهي وٺنديون آهن. پر پريس ڪانفرنسز ۾ انهن پارٽين جا نمائندا اهو چوندي ته سندن ڪو خانداني جهيڙو نه هيو بلڪه فقط سياسي اختلافات رهيا آهن جيڪو سندن جمهوري حق پڻ آهي الائجي ڇو وساري ويهندا آهن ته جي اهي ڳالهيون هو اليڪشن کان پهريان پنهنجي فن خطابت جو مظاهرو ڪرڻ وقت ڪن ها ته شايد ڪجھ خاندان رستي تي اچڻ کان بچي پون ها. ڪجھ يتيم نياڻيون بازارن ۾ ۽ ڪجھ يتين نوجوان جرم جي پاڇي ۾ پلجڻ تي مجبور نه ٿين ها.“ ”تنهجي ڪلاس جو وقت ٿي ويو آهي“ هما ويجھو ايندي چيو. اسان سڀ پارڪ مان اٿي هلڻ لڳا سين. ”اوهان وٺو ڪلاس ۽ اسان هلون ٿا آواره گردي ڪرڻ ! “ ڌاريي چيو ”ويهه نه يار ! ڪلاس کان پوءِ چانهه ٿا پيون گڏجي“ مون ڌاريي کي چيو ”نه يار ! جميل به وڃي پيو. وري ڪنهن ٻئي ڀيري“ ”ڇو گھر نه ويندين ڇا !؟“ جميل ڌاريي کان پڇيو. ”گھر ۾ زال ۽ دال کانسواءِ رکيو ڇاهي !؟“ ڌاريو. ”رات نئين سال جي آمد تي ٿيل فائرنگ ۾ سائين فريد جو پٽ زخمي ٿيو آهي. ان سان به ملي وٺجي“ هما چيو. ”همم.. نئين سال جي آجيان به اسان هٿيارن جي ڊوڙ ۽ گولين جي گوڙ سان ڪندا آهيون ۽ دل ۾ اميد وري امن جي رکندا آهيون. تبديلي رڳو دل ۾ اميد رکڻ سان نه عملن ۾ بهتري آڻڻ سان ئي ممڪن ٿي سگھي ٿي.“ ”پوءِ ڇا نئين سال جي خوشي به نه ملهائجي“ هما پڇيو. ”ڇو نه ملهائجي ! پر ان لاءِ ٻيا کوڙ طريقا ٿي سگھن ٿا. “ جميل جواب ڏيندي چيو ”جشن ڪجن، آتشبازي جا به کوڙ سارا رنگ به رنگي ۽ دلڪش مظاهرا ڪري سگھجن ٿا جيڪي خوبصورت هجڻ سان گڏوگڏ محفوظ پڻ هوندا آهن. انهن سان ڪو زخمي نه ٿيندو آهي نه ئي ماريو ويندو آهي..“ ”هٿيارن سان ته هر سال اسان نئين سال جي شروعات تي ڪجھ خاندانن کي لاشن جا تحفا ڏيندا آهيون.“ مون چيو.