سومر عقيدت جي انتها ڪندي، جنهن شخص جي انتظار ۾، ڪوٺي جي چوکٽ آڏو پره ڦٽي کان نيم گرم پاڻي جو لوٽو کڻي ويٺل آهي، اهو شخص ڪوٺي اندر ڪنهن سدا سهاڳڻ سان دير رات تائين رنگ رليون ملهائڻ کانپوءِ اڃا تائين ننڊ مان نه اٿيو آهي. سومر لاءِ هو ڪو عام ماڻهو نه بلڪه ٻنهي جهانن جو بااختيار مشڪل ڪشا مرشد آهي جنهن جو نسل وڃي پيغمبر خدا سان ملي ٿو. شايد رڳو نسلي تعلق ئي وراثت جو امين ۽ وارث هجڻ جو اڪلوتو شرط آهي ۽ عمل ۽ ڪردار جو ان ۾ ڪو به عمل دخل ڪونهي. تڏهن ته اسان سنڌي اڄ به پاڻ کي عظيم تهذيب جا امين ۽ وارث سمجھندا آهيون
ادا ايئن ڪونهي محبوبن ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن کي سيد کان وڌيڪ اهو شخص ويجهو آهي جيڪو سٺي ڪردار ۽ نيڪ عملن ، سهڻي اخلاقن وارو هجي ! دوستن کي عرض ته وڌيڪ هن موضوع تي پنهنجا خيال ونڊين