جانو جهڙو ظالم شخص جنهن ڳوٺ وارن لاءِ ڌرتي ٽامون ڪري ڇڏي آهي سو فقط ان لاءِ مرڻ کان پوءِ جنت ۾ ويندو جو هو هڪ مسلمان جي گھر ۾ پيدا ٿيو ۽ جيون جهڙو مڙس ماڻهو جنهن جي جدوجهد سان ڳوٺ جي اڪثر گھرن جا چلها ٻرن ٿا، ٻار اسڪول پڙهن ٿا، مسڪين دوا دارون جي خرچ کان آجا رهن ٿا سو فقط هڪ هندو جي گھر ۾ پيدا ٿيڻ ڪري هميشه هميشه لاءِ دوزخ جي باه ۾ سڙندو.“ مون چيو. ”نه اهو سبب ناهي“ هن وراڻيو “کيس سزا ان لاءِ نه ملندي جو هو ڪنهن غير مسلم جي گھر پيدا ٿيو پر ان لاءِ جو زندگي جهڙي انمول نعمت جي شڪرگزاري جو حق ادا ڪندي کيس دين حق جي حقيقت تي ايمان آڻڻ کپي. کيس اسلام جي رهنما اصولن جو جائزو وٺڻ گھرجي ۽ نيڪ نيتي سان سچائي کي تسليم ڪرڻ کپي.“ ”تو ڪڏهن پنهنجي مذهب کان علاوه نيڪ نيتي سان ٻين مذهبن جو جائزو ورتو آهي.؟“ مون ورائي پڇيو ”ممڪن آهي تون حق تي نه هجين ۽ سچو مذهب ڪو ٻيو هجي جيڪو توکي مطالعي کان پوءِ سمجھ ۾ اچي.“ … ”لاحول ولا قوت !“ هن چيو ”مون کي پنهنجي دين جي سچائي ۽ حقيقت تي ڪامل ايمان آهي ۽ شڪ جي ڪا گنجائش ئي موجود ڪونهي جو مان ٻين مذهبن کي ڏسان !“ ”ته پوءِ ٻين مذهبن وارن جي ايمان ۾ شڪ ۽ بي اعتمادي پيدا ڪرڻ جو تو کي ڪهڙو حق آهي؟ جنهن فارمولي تحت تون هنن لاءِ هميشه هميشه جهنم جي سزا جو فيصلو ٻڌائين ٿو ان فارمولي تي پاڻ ته عمل ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگھين. پوءِ به تون جنت ۾ ۽ هو دوزخ ۾ ويندا ! ڪيئن !؟ مذهب ته ٺهيو پاڻ ته ٻئي فرقي يا مسلڪ جو جائزو وٺڻ لاءِ به تيار ناهيون ٿيندا ! انهن جي موقف ۽ دليلن کي ٻڌڻ به پسند ناهيون ڪندا ! ۽ ٿوري ٿوري ڳاله تي مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿيو پئون، تڏهن ئي ويجھڙائپ بجاءِ ويڇا وڌن ٿا. جي هڪ ٻئي جي نظرين جو احترام ڪجي ۽ نيڪ نيتي ۽ کلئي دل سان هڪ ٻئي جي ڳاله ٻڌجي ۽ سمجھڻ جي ڪو شش ڪجي ته فرقن ۽ مذهبن جي بنياد تي ٿيندڙ خونريزي کي روڪي دنيا ۾ امن قائم ڪري سگھجي ٿو ۽ هن ئي دنيا کي انسانيت جي بنياد تي جنت بڻائي سگھجي ٿو
جيڪر اوهان جو اهو چوڻ آهي ته اسان کي سڀني مذهبن جو غيرجانبدارانه مطالعو ڪرڻ کان پو پنهنجي مذهب تي ڳالهائڻ گهرجي ته آئون اوهان سان سهمت آهيان