علي زاهد بدبودار سماج جو خوشبودار ڪردار ساروڻيون به عجيب هونديون آهن جيئن جيئن مند ورندي آهي تيئن تيئن وسري ويل وقت ۽ وڇڙي ويل ماڻهو ياد پوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڪو عمل، ڪا ڳالھ ، ڪا شيءِ يا ڪو واقعو، ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ يا وارتا جي ياد تازي ڪري ويندو آهي، جيڪو هونءَ ته پنهنجي ئي يادِ ماضي جو سرمايو هوندو آهي پر ايئن لڳندو آهي ڄڻ اها ياد اندر جي زمين مان تازي پاڻيءَ جي چشمي جيئن اٻڙڪا ڏئي اڀري هجي. رياضت ٻرڙو جڏهن به ڪال ڪندو آهي يا ڳالھ ڪندو آهي ته فلاڻي ڏينهن ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ورسي آهي، تڏهن منهنجي اندر اهڙي ئي وارتا جنم وٺندي آهي جنهن جو ذڪر مون مٿي ڪيو آهي. تڏهن هن بدبودار سماج جو هڪ خوشبودار ڪردار، هڪ وڏو ماڻهو، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ياد ايندو آهي، ۽ ان سان گڏ هڪ وڏو واقعو به ذهن جي سطح تي تري ايندو آهي ــــــ ڊاڪٽر محبت جي وڇوڙي جو واقعو. ڪيڏو وقت وهامي ويو آهي! اسين سڀ ڇا هئاسين؟ ڇا ٿي ويا آهيون؟ پر تاريخ جي ڍنگهريءَ ۾ اٽڪي بيٺل ڪجھ سوال آهن جيڪي ڪنهن کان پڇجن وارا سوال وري ٻين سوالن کي جنم ڏين ٿا ۽ ايئن سوالن جي مونجهارن جو هڪ مايا ڄار آهي جنهن ۾ اسين سڀ ڦاٿل آهيون ۽ ڦٿڪي رهيا آهيون. جڏهن اهو احساس ولوڙي ٿو ته اسين اهي چيلا آهيون جن کي گيان ڏيڻ وارو ڪو گرو ئي ناهي. جڏهن ان سچ تان پردو کڄندي ڏسجي ٿو ته هتي درويش ته هرڪو ٿو سڏائي پر سندس گودڙي گيان کان ۽ ذهن ڌيان کان بنهه خالي آهن. تڏهن ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ياد اکين مان آب جي صورت اسان کي ماضي جي جهرڻن سان آلو ڪري ويندي آهي. ڊاڪٽر صاحب، جنهن لاءِ ايئن چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته هو هڪ هلندڙ گهمندڙ يونيورسٽي هو. سندس ڳالهيون، عمل،سندس سڀاءُ، نهٺائي، سادگي، ٽهڪ، سگريٽ جا ڪش، جاکوڙ، عظيم سوچ، فڪر، فلسفو ۽ ساڻس سلهاڙيل سموريون ڳالهيون اڄ به اسان جي من ۾ ايئن ئي سرسبز آهن جيئن سندس حياتيءُ ۾ هيون. نه ڄاڻ ايئن ڇو ٿيندو آهي جو ورهين پڄاڻا جڏهن ماڻهوءَ جي حياتيءَ مان غائب ٿيل ڪردار ذهن جي ڪينواس تي ساڳئي وقت جي پينٽنگس جي صورت ٺهي پوندا آهن، ته پنهنجي چوڏس جي موسم به اها ئي ساڳي ڀاسندي آهي، ايئن لڳندو آهي ڄڻ ڪو ڪالھ جو واقعو هجي، تازو وڇوڙو هجي يا وري ڄڻ ڪو وڇوڙو ٿيو ئي نه هجي. هن ڀيري جڏهن ڊاڪٽر محبت جي ورسيءَ ۾ شرڪت جو سنيهو مليو ته ان ويل بنھ ايئن ڀاسيو، ڄڻ هاڻ جو هاڻ ڊاڪٽر صاحب جي ڪلينڪ تان ڪچهري ڪري، سندس پاڪيٽ مان ٻه چار سگريٽ ساڙي، کانئس علم، فلسفي ۽ تاريخ جا کوڙ سارا وڙ وٺي واپس وريا هجون. ۽ ڄڻ اهو سنيهو ڊاڪٽر جي ورسيءَ ۾ شرڪت جو نه بلڪه ڊاڪٽر صاحب پاڻ مڪو هجي ته: ”يار واپس ورو، اوهان سان اڃا به ڪجھ روح رهاڻيون ڪرڻيون آهن، ڪچهريون ڪرڻيون آهن، ماضيءَ ۾ ٽٻيون هڻي حال جون مٽيون ڀرڻيون آهن، ۽ سنڌ لاءِ هڪ خوشحال آئيندي جون راهون ڳولڻيون آهن. ڊگهي ساهيءَ واري ٽٻيءَ کان پوءِ جڏهن يادن جي پاتار مان واپس ورجي ٿو ۽ تلخ حقيقتون منهن ۾ پون ٿيون ته اندر مان بي اختيار رڙ نڪري ٿي: سروم دکم دکم.