سنڌ جي بقا تعليم سان واڳيل آهي

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏17 فيبروري 2014۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    عاجز جمالي

    سنڌ جي بقا تعليم سان واڳيل آهي

    ڌرتي ماءُ آهي، ڌرتيءَ سان محبت ۽ وچن جو ڏهاڙو ائين ئي ملهائڻ گهرجي جيئن اسين ثقافت ۽ ايڪتا جو ڏهاڙو ملهائيندا آهيون. سنڌو ماتا سان وفا جي عهد جي ڏينهن ملهائڻ لاءِ ”ويلنٽائن ڊي“ جي تجويز ڏني وئي آهي، اها اسان سڀني جو ڌرتيءَ لاءِ گڏيل محبتن جو ڏهاڙو هوندو، پر سنڌ ڌرتيءَ ۾ رهندڙ ڪروڙين سنڌين جي بقا جو سوال سنڌ جي تعليم سان واڳيل آهي. سنڌ ۾ سوشل ميڊيا تي تعليم لاءِ هڪ تمام سٺو بحث هلندڙ آهي. سوشل ميڊيا جون خرابيون پنهنجي جڳهه تي پر سماج ۾ رهندڙ ماڻهن کي آزاديءَ سان پنهنجا خيال ٻين ماڻهن سان ونڊڻ (شيئر ڪرڻ) ۾ سولائي ٿي رهي آهي. ڇو ته اخبار يا ٽي وي ۾ ايڏي گنجائش ناهي جو هر ماڻهو خبر ڇپرائي سگهي يا مضمون لکي سگهي. ٻي سُٺي ڳالهه اها ئي آهي جو سنڌ جي سياسي پارٽين سنڌ جي تعليم بابت مهم هلائڻ جو اعلان ڪيو، ساڳي ريت سنڌ ڌرتيءَ سان ايڪتا لاءِ ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيڻ جو اعلان ڪيو. مثال طور سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ 9 فيبروري تي ۽ جسقم 23هين مارچ تي ڪراچيءَ ۾ ريليون ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ۽ قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو سنڌ ۾ تعليم بچائڻ خاطر مهم هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

    سنڌ جي تعليم جا ڪيترائي پهلو آهن، منهنجي ايماندارانه راءِ آهي ته جيڪڏهن سنڌ جون سياسي پارٽيون هڪ ڀيرو اهو عهد ڪن ته گهٽ ۾ گهٽ هُو پنهنجي سياست جو رڳو هڪ سال سنڌ ۾ تعليم سُڌارڻ لاءِ ارپين ۽ ان جي شروعات پنهنجي صفن مان ڪن ته سندن سنڌ تي وڏو احسان هوندو. پنهنجي صفن مان ان لاءِ لکيو ته سماج ۾ بهتريءَ لاءِ ڪو به قدم جيڪڏهن اسان پنهنجي گهر کان شروع نه ڪنداسين ته اُهو درست رخ ڏانهن ڪو نه کڄندو. سياسي پارٽيون سڀ کان پهرين ته پاڻ سان لاڳاپيل شاگرد تنظيمن جو قبلو درست ڪن ته جيئن تعليمي ادارن گهٽ ۾ گهٽ ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ سياست ڪندڙ شاگرد تنظيم جو ڪردار ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي انتظاميه جهڙو نه هُجي. اسان جي تعليمي ادارن ۾ سياست ۽ عام شاگرد دشمن سياست کي جوان ڪرڻ ۾ تعليمي ادارن جي ڪرپٽ انتظاميه جو وڏو هٿ رهيو آهي، جيئن سول بيورو ڪريسي ۾ ڪرپٽ ڪامورا پنهنجي ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ ننڍي اسٽاف کي ڪرپشن ڪرڻ جو موقعو ڏيندا آهن، تيئن ئي يونيورسٽين جي ڪرپٽ انتظاميه وقت جي حاڪمن کي خوش ڪرڻ لاءِ کين پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ڏيڻ ۽ شاگرد تنظيمن کي خوش ڪرڻ لاءِ سندن اڳواڻن کي سهولتون فراهم ڪندي آهي ته جيئن سندن ”ڪارن ڪرتوتن“ تي هرطرف ماٺ ڇانيل هجي، جنهن سبب عام شاگرد جي تعليم برباد ٿي رهي آهي، ٻي صورت ۾ سنڌ علمي، شعوري ۽ ميرٽ جي بنياد تي اڳتي وڌڻ بدران تباهيءَ طرف وڌي رهي آهي.

    گذريل آچر ڏينهن سنڌ جي ٻن وڏين يونيورسٽين پي ايڇ ڊي جي ڊگرين جا پروگرام ڪيا. هڪ پروگرام شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ٿيو ۽ ٻيو ڪراچيءَ جي هوٽل ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو پروگرام ٿيو، جنهن ۾ مان پاڻ شريڪ هئس. سڄي دنيا ۾ ناليوارن ماڻهن کي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏئي سندن نالي آڏو ”ڊاڪٽر“ لفظ جو واڌارو ڪيو ويندو آهي. اهڙي ريت گذريل سال ڪراچي يونيورسٽيءَ رحمان ملڪ کي ”ڊاڪٽر“ جي ڊگري ڏني. هاڻي وري گذريل هفتي لاهور ۾ وزيراعظم ميان نواز شريف کي به ”ڊاڪٽر“ جو سرٽيفڪيٽ مليو. اهڙي ريت سيد قائم علي شاهه ۽ سيد خورشيد شاهه به پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر بڻجي ويا. سنڌ يونيورسٽيءَ جو انتهائي تڪراري وائيس چانسلر نذير مغل خود به ڊاڪٽر آهي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي يونيورسٽين بابت پاس ٿيل قانون کي ”نذير مغل“ عدالت ۾ چئلينج ڪيو ۽ عدالتي فيصلي تحت ئي هُو اڃا تائين وي سي بڻيل آهي. عوام جي چونڊيل نمائندن جي اسيمبليءَ هڪ قانون پاس ڪيو، جنهن تحت هاڻي يونيورسٽين جا اختيار گورنر بدران چونڊيل وڏي وزير وٽ هليا ويا آهن، پر يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هڪ ڪامورو چوي ٿو ته هُو ان قانون کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي. گورنر جي هُشيءَ تي هڪ وي سي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آمراڻي طريقي سان ڄميو ويٺو آهي، پر حيرت آهي ته عوام جا چونڊيل اڳواڻ ان وي سيءَ هٿان ڊگري وٺي ”ڊاڪٽر“ بڻجي ويا.

    ”هي منهن ڏئي ٻن تون وِهه کائي نه مرين“.

    سنڌ جي يونيورسٽين اندر شاگرد سياست جو ڪردار هڪ ڊگهو بحث آهي، سنڌ جي تاريخ ۾ شاگرد تحريڪ لاءِ 4 مارچ جو ڏهاڙو به آهي، پر سوشل ميڊيا تي هلندڙ بحث دوران هڪ نوجوان ڌيان ڇڪائيندڙ ڳالهيون ڪيون آهن، مون کي سندن ڳالهين مان درد ۽ اذيت جي شدت محسوس ٿي آهي، جيڪا سنڌ جو نوجوان نسل محسوس ڪري ٿو ۽ مون جهڙي صحافي يا ڪالم نويس مان اها اميد رکي ٿو ته مان سندس آواز کي اُوچو ڪريان. مان سندس ڳالهين کي ”فيس بوڪ“ تان اتاري جيئن جو تيئن پڙهندڙن آڏو رکان ٿو ۽ ان کانپوءِ بحث کي اڳتي وڌائينداسين ته سنڌ تڏهن ”سنڌ“ بڻبي جڏهن سنڌ لکيل پڙهيل هوندي.

    عبدالفتاح ميمڻ لکي ٿو، ”سر اوهان هر شيءِ تي نظر رکندا آهيو، ان جي خلاف آواز اٿاريندا آهيو، پر سنڌ يونيورسٽيءَ جي غنڊن خلاف آواز ڇو نه ٿا اُٿاريو، هي جيڪي ڪامريڊ آهن نه اُهي اڪثر هلندڙ ڪلاس دوران اندر گهڙي استاد کي پري ڪري خود ڀاشڻ ڏيڻ لڳندا آهن. پوائنٽس مان شاگردن کي زبردستي لاهي هڙتال لاءِ مجبور ڪندا آهن ۽ جڏهن پوليس پهچندي آهي ته هي خود موٽر سائيڪل تي چڙهي فرار ٿي ويندا آهن ۽ لاٺي چارج عام شاگردن تي ٿيندي آهي. هي ڪامريڊ بداخلاق آهن، جن کي نه ڳالهائڻ جو ڍنگ آهي نه اخلاق آهي. مان اوهان کي هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪريان ته پليز اوهان ڪجهه ڪريو، اوهان جي آواز ۾ وڏي طاقت آهي، هي جيڪا سنڌ جي تعليم برباد ڪئي پئي وڃي ۽ جيڪو ظلم ٿي رهيو آهي ان کي روڪيو. اڳي مان سوچيندو هئس سنڌ آجي ٿئي پر هاڻي سوچيان ٿو الله سنڌ کي هنن ڪامريڊن کان بچائي جيڪي سنڌ جي تعليم کي برباد ڪري رهيا آهن. تعليمي ادارن ۾ هي سياست بند ڪرايو، ڪهڙي به پارٽي هُجي، سڀني کي مجبور ڪريو ته تعليمي ادارن مان سياست ختم ڪريو.“ عبدالفتاح ميمڻ نالي نوجوان اڳتي لکي ٿو ته، ”سر منهنجي سِسٽر (ڀيڻ) يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي آهي، اها روئي مون کان پُڇندي آهي ته ’ادا سنڌي اهڙا هوندا آهن؟ ٽي وي تي اچي ته وڏيون ڳالهيون ڪندا آهن، اسين صبح جو 7 وڳي گهران نڪرنديون آهن، 3 وڳي تائين ڪلاس هلندا آهن، جيڪو هاف ٽائيم ملندو آهي ان ۾ ڪامريڊ اچي ويندا آهن، اسان کي سڄو ڏينهن بکيو اڃيو رهڻو پوندو آهي، پر جڏهن گهر نڪرڻ لاءِ ’پوائنٽ‘ تي ويهندا آهيون ته هي پوائنٽ (بس) مان زبردستي لاهي روڊ تي ويهاريندا آهن، جيڪڏهن انڪار ڪريو ته گاريون ڏيندا آهن‘. سر ڏاڍي ڏک سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جا دشمن ٻاهر وارا نه پر پنهنجا ئي آهن.“

    فيس بوڪ تي هي ٻه پوسٽ عبدالفتاح ميمڻ طرفان لکيل آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ بابت ظاهر آهي ته هي صرف هڪ شاگرد جي راءِ آهي، پر هڪ تلخ حقيقت ڏانهن نشاندهي آهي، مان سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي پرزنٽيشن ٻڌي رهيو هئس ته ”يونيورسٽيءَ پاران چار سالن ۾ 185 کان وڌيڪ پي ايڇ ڊي ڊگريون ڏنيون ويون آهن ۽ 300 کان وڌيڪ ايم فل اسڪالرز جون ڊگريون ٽن سالن ۾ ڏنيون ويون آهن. ريسرچ ايم فل ايڊ لاءِ گذريل سال 17 اميدوارن درخواستون ڏنيون آهن، اسان صرف 400 شاگردن کي داخلا ڏئي سگهون ٿا. بريفنگ موجب سنڌ يونيورسٽي ڪراچي سميت مختلف ضلعن ۾ 9 ڪئمپس قائم ڪيون آهن. شهيد محترمه بينظير ڀٽو هائوسنگ اسڪيم ۾ 300 ايڪڙ زمين ورتي وئي آهي، جنهن ۾ ٽيچرز، آفيسرز ۽ ملازمن کي گهر ڏنا ويندا.“ يونيورسٽي پاران مون کي ٽن سالن جي ڪارڪردگيءَ بابت جيڪو ڪتابڙو ڏنو ويو، ان ۾ ٻيو به گهڻو ڪجهه لکيل آهي، پر ظاهر آهي ته ان ۾ يونيورسٽيءَ جي استادن جي وي سي خلاف هلندڙ تحريڪ جو ڪٿي به ڪو ذڪر نه ملندو نه ڪي عبدالفتاح ميمڻ جي لکيل ڳالهين جي ڪا جهلڪ نظر ايندي، پر 2011ع جي هڪ اهڙي تصوير هن ۾ ضرور آهي جنهن ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سنڌ جا سمورا قومپرست اڳواڻ، دانشور ۽ ڏاها شريڪ آهن، ان ۾ لکيل آهي ته، يونيورسٽيءَ ۾ امتحان جي صورتحال بابت سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس، جيتري قدر مون کي ياد اچي پيو ته هن ڪانفرنس ۾ جيڪي تجويزون ڏنيون ويون هيون انهن تي شايد عمل ئي ڪو نه ٿيو. ان زماني کان وٺي اڄ تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر تڪراري بڻيل آهي، پر فتاح ميمڻ شاگرد اڳواڻن لاءِ لفظ ”ڪامريڊ“ استعمال ڪيو آهي. لفظ ”ڪامريڊ“ جو وڏو انقلابي پسمنظر آهي پر اڄ ته ”ڀتو“ وٺندڙ به ”ڪامريڊ“ آهي.

    حقيقت ۾ هڪ عام شاگرد فتاح ميمڻ جن ڳالهين جي نشاندهي ڪرائي آهي، اها اسان جي شاگرد سياست جي دردناڪ ڪهاڻي آهي. هتي ڳالهه صرف سنڌ يونيورسٽيءَ جي ناهي پر ٿلهي ليکي اسين سنڌ جي تعليم جي ڳالهه ڪريون پيا. سوال سنڌ جي تعليم جي سڌاري جو آهي. پرائمري سطح کان وٺي يونيورسٽي سطح تائين حالت خراب آهي. مارچ کان سنڌ ۾ نئون تعليمي سال شروع ٿي رهيو آهي، اهڙي ريت پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم جي سُڌاري لاءِ مرحليوار هڪ وڏي جاکوڙ جي ضرورت آهي.

    گذريل سال عوامي جمهوري پارٽيءَ پاران تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي هئي، سرڪار اهڙو اعلان ڪري يا نه ڪري پر سماج ۾ رهندڙ سڄاڻ ماڻهو، سنڌ جون سياسي جماعتون، قومپرست، علم دوست، اديب، دانشور، شاگرد تنظيمون، بلڪ اسان سڀ گڏجي رضاڪاراڻي طور تي اهڙو ڪو فيصلو ڪري سگهون ٿا. سنڌ ۾ تعليم خاطر ڪا وڏي ڪانفرنس گهرائڻ، ڪا متفقه راءِ جوڙڻ جي ضرورت آهي. اهو فرض سنڌ جي چونڊيل نمائندن جو به آهي. سنڌ اسيمبليءَ کي به اهڙي ذميواري محسوس ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي تعليم کاتي کي به اکيون کولڻ گهرجن. سنڌ هڪ آهي، سنڌ هميشه هڪ رهندي، ماءُ صرف ماءُ هوندي آهي، پر سنڌ ماءُ جي بقا ۽ سنڌ کي هڪ رکڻ خاطر ضروري آهي ته سنڌ کي علم جو ڳڙهه بڻايو. سنڌ ماءُ سان محبت جو اظهار سڀ کان وڏو اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته نئين صديءَ ۾ علم ڀري سنڌ ئي سنڌين ۽ سنڌين جي بقا جي ضمانت ڏئي سگهندي.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام اهم مضمون آهي ... ڪاش اسان جي حڪومت ۽ انتظاميه اهڙن لکڻين ۽ صلاحن کي پڙهي، سمجهي ۽ سٺين ڳالهين تي عمل ڪري ...
     
  3. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سورنهن آنا سچ آهي.. ٻين تي معيار پوء ڏجي.. پهريان پنهنجن ڪرتوتن جي اصلاح ڪجي.. هي صرف ڪنهن هڪ سنڌي نوجوان جي راءِ ڪانهي پر يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ هر نوجوان (جيڪو ڪامريڊي لڏي سان لاڳاپيل ناهي) جي راء اها ئي آهي.. سڀني کي خبر آهي ته قوميت جي نالي تي قوم دشمني عروج تي آهي..
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تعليم جي تباهيء جا ڪارڻ ته کوڙ آهن ليڪن ان جي سڌاري لاء ڪو به حل ڪنهن وٽ به ڪونه ٿو نظر اچي اسان وٽ هڪ ايس ڊي اي او هاڻي تازو آيو هو جيڪو وزٽ تي ويندو هو ته پنهنجي اسٽاف ميمبرن کان موبائيل وٺي پاڻ وٽ رکندو هو ته جيئن ڪير ڪنهن کي انفارم نه ڪري ليڪن اهو به گهڻو وقت سياسي قوتن اڳيان ٽڪي نه سگهيو. اڄ ڪلهه ڪافي استاد اخباري نمائنده لڳا پيا آهن ڊيوٽي جو چئو ته داٻي سان چون ته گهڻو گهڻو نه ڪر نه ته اهڙو بيان اچي ويندي اخبار ۾ جو ياد ڪندين. هي آهي اسان جو حال. کوڙ سارا اسڪول آهن انهن ۾ پڙهائي جو حال پورو آهي ليڪن ان کي سڌاري جو ڪو نسخو هجي ته ٻڌائيندا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو