زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟ انسان هن دنيا ۾ فرحت ۽ آرام لاءِ پيدا ٿيو آهي يا مصيبتن ڏسڻ ۽ سور سهڻ لاءِ؟ عام طرح ته ائين تصور ڪيو وڃي ٿو ته دنيا انسان جي وندر، عيش ۽ خوشي لاءِ آهي ۽ نه رنج ۽ غم لاءِ. ٻيو ته هر قسم جو عيش عشرت جو اسباب روپين سان ميسر ٿي سگھي ٿو.شاھ نه فقط هڪ اعلى معيار جو شاعر هو پر هو هڪ پرهيزگار ۽ سچو مسلمان پڻ هو. رهڻي ڪرڻيءَ ۾ سادو هو پر خيالات ۾ اوليائن کان به اوچو هو. هو عبادتون ۽ رياضتون ڪندو هو ۽ پنهنجي ذاتي آرام جو خيال گھٽ ڪندو هو. بدن تي گيڙوءَ رتي ڪفني مٿي تي ڊگھي ٽوپي ۽ پير اگھاڙا. اها هئي هن جي پوشاڪ. کاڌي لاءِ هڪ ڪشتو هن لاءِ ڪافي هو. تَن کي تسيا ڏئي عبادت ۾ مشغول رهندو هو پر تڪليفن جي شڪايت بلڪل ڪانه ڪندو هو. جيئن مشڪلاتون ڪوڙينديون هيس تئين وڌيڪ خوش ڏسڻ ۾ ايندو هو. شريعت جو پورو پابند هو ۽ دنيوي لذتن کي ڇڏي پنهنجي حقيقي محبوب سان روحانيت رستي محو ٿي ويندو هو. شاھ جي سکيائن موجب هن دنيا جون مصيبتون انسان کي پچائي سندس روحاني ارتقاءَ ۾ مدد ڪن ٿيون. جڏهن انسان اندر باھ ۾ پچي اجرو ۽ صاف ٿئي ٿو تڏهن هو اهڙي درجي تي پهچي ٿو جنهن ۾ الاهي جمال جو جلوو پسي سگھي ٿو ۽ الله سان ملي هڪ ٿي وڃي ٿو.