شهيد فاضل راهو سندس شهادت کان هڪ مهينو اڳ هڪ غريب ڪولهي کي خط لکي ڏنو هو جيڪو وٽس دانهين ٿيو هو ته سندس ڪمند جا پيسا هڪ پٽيل کايو ويٺو آهي. فاضل صاحب جنهن ليٽر هيڊ تي خط لکيو آهي ان تي شيخ اياز جو شعر لکيل آهي. ان شعر سان لڳاءُ مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته بهادر ۽ داناءُ هجڻ لاءِ ڪنهن اسڪولي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي پوندي. سنڌي ٻولي جي عام چوڻي آهي ته ”ماءُ ڄڻيندي پُٽڙا ڀاڳ نه ڏيندي وٺندي“ ماءُ جنت ته ڏئي سگهي ٿي پر ڀاڳ نه ٿي ڏئي سگهي، ڀاڳ ته فطرت جي سوکڙي آهي نه ڪي هٽ ويڪائو وکر! هڪ ڏاهي جو قول آهي ته”دنيا کي نوان رستا ڏيکارڻ ۽ انهن سان روشناس ڪرائڻ وارا عظيم انسان دانشور ۽ فلسفي اسڪولن ۾ پيدا ناهن ٿيندا. هي اهي ماڻهو آهن جيڪي اسڪولن ۾ پڙهائجندڙ ڳالهين جي خلاف بغاوت ڪندا آهن!“ هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته ”تڪليفون انسان کي سوچڻ تي مجبور ڪنديون آهن سوچڻ سان انسان ۾ دانائي پيدا ٿيندي آهي ۽ دانائي زندگي کي جيئڻ جي قابل بنائيندي آهي!“ اياز جي شاعري مان هن شعر جي چونڊ ڪرڻ ۽ ان کي پنهنجو نصب العين بنائڻ دليل آهي ان ڳالهه جو ته قدرت فاضل راهو کي اهڙي ڀاڳ سان نوازيو هو جيڪو بهادري، سچائي، سخاوت، سهپ، اورچائي جي مرڪبن مان ٺهيل هو.سچائي جي راهه تي هلندي ڪيئي تڪليفون ۽ مصيبتون سهڻيون پونديون ۽ سر جي بازي لڳائڻ کان سواءِ ظلم، ڏاڍ ۽ عقوبتون ختم ٿي نه سگهنديون. شهيد فاضل راهو جي سموري زندگي به ان اصول تحت ويڙهه وڙهندي گذري، جڏهن غلام محمد بئراج ٺهيو ته سنڌ جون زمينون ٻاهرين ماڻهن کي نيلام ڪري ڏنيون پئي ويون تڏهن اڳتي وڌي نيلام بند ڪريو“جو نعرو لڳائي عملي طرح ميدان ۾ شريڪ ٿيو. تعلقي ٽنڊو محمد خان جا نام ڪٺيا ماڻهو گڏ ڪري بک هڙتال تي ويهاريو ڇو ته ان وقت ٻيا ڪي به اهڙا دلير ماڻهو ڪونه هيا جيڪي پوليس سان مهاڏو اٽڪائي سگهن ۽ سندن ڀو برداشت ڪري سگهن. ڪامريڊ بخاري جو ٽولو انڊرگرائونڊ رهيو ته هن وقت ايوبي آمريت سان مهاڏو اٽڪائڻ جو کي جو ڪم آهي، سو اهو اسان کان ڪونه ٿيندو. فاضل صاحب انهن نام ڪٺين (جنهن ۾ چور ۽ ڏاڍا مڙس) شامل هيا تن کي بک هڙتال تي ويهاريو ۽ کين اهو سمجهايو ته ”توهان هميشه هڪ ٻئي کي لٺيون هنيون آهن ۽ هڪ ٻئي جا ڍڳا ٻڌا آهن پر هي قومي ڪم آهي جيڪو اڄ اوهين ڪرڻ پيا وڃو“! نتيجو اهو نڪتو جو گهڻي تعداد ۾ فاضل صاحب سميت ماڻهو گرفتار ٿيڻ لڳا حڪومتي ايوانن تائين ان گونج جا پڙاڏا پهتا ته حڪومت ڳالهين لاءِ آماده ٿي ۽ شرط رکيو ويو ته پهريائين گرفتار ٿيل ماڻهو آزاد ڪيا ويندا پوءِ ڪمشنر وٽ ڳالهيون ٿينديون. فاصل صاحب انهي سازش کي سمجهي ويو تنهن ساٿين سميت آزاد ٿيڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين ته جيستائين زمين جي ورهاست مقامي ماڻهن ۾ نه ٿي ڪئي وڃي تيستائين نه تحريڪ بند ٿيندي نه ئي اسان مان ڪو ٻاهر نڪرندو. آخر مجبور ٿي حڪومت کي اها ڳالهه لکت ۾ ڏيڻي پئي تنهن کانپوءِ فاضل پنهنجي ساٿين سان گڏ آزاد ٿيو. اهڙي طرح ووٽر لسٽن کي سنڌي ۾ ڇاپڻ واري تحريڪ جي به هن ئي اڳواڻي ڪئي بدين ضلعي مان جڏهن تيل نڪتو ته ليبر به پنجاب کان آندو ويو، فاضل صاحب سخت قانوني جدوجهد ڪري ڪورٽن مان اهڙا به ڪيس کٽي ورتا جن ۾ هڪ ته ليبر مقامي ماڻهو مان ئي هوندي ۽ ٻيو اهو ته جنهن به زمين مان تيل جو کوهه کوٽيو ويندو ۽ جيڪڏهن ان زمين ۾ فصل بيٺا آهن ته ان فصل جو معاوضو ڏنو ويندو. تيل نڪرڻ جي صورت ۾ زمين جيزمين جي مالڪ کي رائلٽي ڏني ويندي پر جيڪڏهن تيل نٿو نڪري ته ان زمين کي سونت ۾ آڻڻ لاءِ خرچ تيل ڪمپني کي ڏيڻو پوندو. والفقار علي ڀٽي جي حڪومت کي فوجي جنرل ضياءُ ختم ڪري جڏهن ملڪ تي مارشل لاءِ مڙهيو. سنڌ اندر فاضل راهو صاحب جمهوريت کي بحال ڪرائڻ لاءِ پيش پيش رهيو.خاص طور ڀٽي صاحب جي شهادت کانپوءِ آڪٽوبر 79 ۾ اهڙي وقت ملڪ گير هاري ڪانفرنس منعقد ڪرائي جڏهن ملڪ سياسي جمود جو شڪار رهيو. ڪانفرنس کان پوءِ وڏي وٺ پڪڙ شروع ٿي کيس ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو. سموري ملٽري ڪورٽ کيس ڏهه ڪوڙا ۽ سال سزا ٻڌائي، انهي کان اڳ ۾ سنڌ اندر صحافين جي جدوجهد شروع ٿي جنهن کي ”ڀٽو بچايو تحريڪ جو به نالو ڏنو ويندو آهي“ ان ۾ هاري، شاگرد ۽ مزودر به شامل هئا. اندرون سنڌ جا هاري صحافي جي روپ ۾ ڪراچي جي شهر ۾ گرفتاريون ڏيڻ لڳا ته مارشل لاءِ وارا آپي مان ٻاهر نڪري ويا ۽ فاضل جي گهر تي چڙهائي ڪري سندس وڏي پٽ صديق راهو (جيڪو 84ع ۾ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيو ۽ پارٽي جي لاپرواهي ۽ ڪوتاهي ڪري فوت ٿي ويو) کي گرفتار ڪري کڻي ويا ۽ ان تي تمام گهڻو تشدد ڪيو ويو کيس سسي تائين زمين ۾ پور ي مٿي جا وار پٽيا ويا پر هن دلير نوجوان ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي قانو لاڳو ڪندڙن کي ڪابه اهڙي ڳالهه نه ٻڌيائين جيڪا سندس پيءُ پارٽي ۽ سنڌ واسين لاءِ قابل شرم هجي! فاضل راهو ايم آر ڊي جي جمهوري جدوجهد ۾ به هر اول دستي وارو رول ادا ڪيو، پيپلز پارٽي جي ننڍن ورڪرن جن ۾ غازي صلاح الدين، حسين شاهه بخاري، مولابخش چانڊيو ۽ ٻيا شامل هئا تن کي ساڻ ڪري سڄي سنڌ ۾ دورا ڪيا تحريڪ کي منظم ڪيو ۽ ماڻهن کي اتساهه ڏياريو ته اصل طاقت عوام جي آهي آمر ڪجهه به ناهن اوهان اٿي پوندو ته حڪمرانن کي لڪڻ جي جاءِ ڪانه ملندي. جڏهن گرفتارين جو دور شرو ع ٿيو ته هن پنهنجي خاندان جي عورتن کان به گرفتاري پيش ڪرائي. سنڌ جي عوام سان يڪجهتي جو ثبوت ڏنو، فاضل راهو صاحب اصولن تي سودبيازي ڪرڻ سکيو ئي ڪونه هو. هڪ نندڙو مثال ڏيندو هلان ته ايم آر ڊي پاران هڪ ميٽنگ آگسٽ 86ع ۾ ڪراچي ۾ ٿي جنهن ۾ ڪوبه اهڙو فيصلو ڪونه ٿيو جنهن کان پريس کي آگاهه ڪيو وڃي، چانهه ڪيڪ ڊراءِ فروٽ جي محفل کانپوءِ جڏهن اها ڳالهه ٿي ته پريس وارا جيڪي ٻاهر انتظار ڪري رهيا آهن تن کي ڇا ٻڌائجي، فتحياب علي خان چيو ته فاضل راهو تي اها ذميوار تي اها ذميواري رکي وڃي ته هو پريس وارن کي ٻڌائي ته هن ميٽنگ ۾ جيئن ته خان عبدالولي خان شريڪ نه ٿي سگهيو آهي تنهن ڪري ايندڙ گڏجاڻي ۾ هو شريڪ ٿيندو ته پوءِ گڏيل لائحه عمل تيار ڪيو ويندو. سڀني کي اها ڳالهه پسند آئي سواءِ شهيد فاضل راهو جي. فاضل صاحب سختي سان انهي جو جواب ڏنو ته خود بينظير ڀٽو صاحبه پاڻ اٿي اچي سندس ڀر ۾ ويٺي ۽ کيس چيائين ته ”راهو صاحب توهان ڳالهه کي سمجهو ۽ منهنجي ڪري ئي پريس وارن سان ڳالهايو“ فاضل چيس ته ”محترمه هي سڀ ڪوڙا ليڊر ۽ ضياءُ جا ايجنٽ آهن تنهن ڪري عملي جدوجهد کان انڪاري آهن اوهان هن وقت ضياءُ حڪومت خلاف جدوجهد جو اعلان ڇو نه ٿا ڪريو، آءٌ پارٽي جو سينيئر نائب صدر آهيان ۽ هتي پارٽي جي نمائندگي ڪري رهيو آهيان، اوهان جدوجهد جو اعلان ڪريو منهنجي پارٽي ان ۾ ڪو به اعتراض نه ڪندي باقي صرف ڪيڪ کائي ڪوڙ هڻجن اهو ڪم مون کان ڪو نه پڄندو.! بينظير ڀٽو صاحبه خاموش ٿي هن جو منهن ڏسڻ لڳي ۽ چيائين ته ”نه بابا نه هي مڃيندو ئي ڪونه، ٻيا ماڻهو مقرر ڪيو“ شهيد فاضل راهو اهڙن گڻن جو مالڪ هو، سندس شهادت کان پوءِ ته سڄو نقشو ئي تبديل ٿي ويو.
منهنجي دوست ۽ ڪامريڊ طالب ڪنڀار کان هڪ ڏينهن پڇيم ته اوهان سڀني سياستدانن تي نارض ۽ انهن جي ڪردار تي شڪ ڪندا آهيو ... ڀلا اوهان ڪنهن کان متاثر به آهيو ؟؟ طالب ٻڌايو ته ها .... مان شهيد فاضل راهو کان گهڻو متاثر ٿيس، ڇو ته هو عوامي سايست ڪندو هو ۽ عوام ۾ ئي رهندو هو، هن کي وڏا ماڻهو يا ٺٺ ٺانگر نه پر عام ماڻهو گهڻو پسند هئا. شهيد فاضل راهو واقعي ئي تمام وڏي ڪردار واري شخصيت هو.