حضرت بهلول رح پنهنجي دور جو مشهور دانا ۽ الله لوڪ ماڻهو هو، حضرت امام جعفر الصادق عه جو شاگرد ۽ وقت جي خليفي هارون رشيد جو سوٽ هو. هڪ ڏينهن جنابِ بهلول هڪ صحرا ۾ پنهنجي مستيءَ ۾ ويٺا هئا ته سندس شهر جي هڪ تاجر جو اتان گذر ٿيو، تاجر جي دل ۾ بهلول لاءِ عزت هئي، گهوڙي تي ويٺي ويٺي ان بهلول کي چيو : ”اي دانا ! مان تجارت جي لاءِ وڃان پيو، ڪجهه مشورو ڏي ته مان ڇا خريد ڪريان جنهن سان مون کي منافعو ملي.“ حضرت بهلول دانا رح چيو: ”بهتر اٿئي ته ڪارو ڪپڙو خريد ڪر..“ تاجر ان مشوري تي عمل ڪيو ۽ يمن مان وڏي تعداد ۾ ڪارو ڪپڙو وٺي آيو، اتفاق سان ڪجهه ڏينهن اندر هڪ وڏي شخصيت جي وفات ٿي پئي، جنهن جي ڪري ماڻهن ڪارو ڪپڙو سٺي انگ ۾ خريد ڪيو، شهر ۾ ٻئي ڪنهن وٽ ڪارو ڪپڙو نه بچڻ جي ڪري هن تاجر کان سڀني ڪارو ڪپڙو خريد ڪيو ۽ هن به پنهنجي دل تي منافعو ڪمايو. پئسي جي وڌيڪ اچڻ جي ڪري سندس طبيعت ۾ تڪبر اچي ويو. ڪجهه ڏينهن بعد وري هو يمن ڏانهن تجارت لاءِ سنڀريو، هن ڀيري به رستي تي هن کي بهلول دانا گڏجيو. هن چيو: ”اي چريا ! تجارت لاءِ وڃان پيو، ٻڌاءِ ته ڇا خريد ڪريان“ بهلول دانا وراڻيو: ”هن ڀيري تون ڇانهينءَ ۽ گدري جي خريداري ڪر“ تاجر بهلول جي لفظن تي يقين ڪري پنهنجي سڄي دولت مان رڳو ڇانهين ۽گدري جي خريد ڪئي، پر گدرو ۽ ڇانهين هفتي جي اندر خراب ٿي وئي ۽ کيس ايترو نقصان ٿيو جو پهرين کان به پوئتي پوئجي ويو. هن بهلول دانا کي ڳولي هٿ ڪيو ۽ کيس چيائين: ”واهه جو مشورو ڏنئي، سڄي ڀينگ ڪرائي ڇڏيئي“ بهلول دانا وراڻيس: ”اها ڀينگ مان نه پر تنهنجي لفظن ۽ لهجي ڪرائي آهي، پهرين تون مون کي اي دانا ! سڏيو هو ته مان توکي دانائي وارو مشورو ڏنو هو ۽ ٻيو ڀيرو تون مون کي اي چريا ! سڏيو هو تو مان توکي چرين وارو مشورو ڏنو هو، ان ۾ منهنجو ڪو ڏوهه ناهي“ ان ڪري ته چوندا آهن ته لفظ ۽ لهجو نصيب ٺاهين ٿا ٻين لفظن ۾ اها ئي زبان آهي جيڪا کٽ تي ويهاري ٿي ته پَٽ تي به..
اوهان جي خوبصورت شيئرنگ دل سان وڻي .... انسان کي ڳالهائڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي ۽ هيٺين سٽ کي ضرور ڌيان ۾ رکڻ گهرجي.