اڙي بابا ! اسان شريف ماڻهو آهيون اسان جو ڇا وڃي چوري چڪاري ۾ . منهنجا ٻئي ڇوڪرا پڙهيل ڪڙهيل آهن. نوڪري نه اٿن، پر مولا وڏو رازق آهي، گذر سفر پيو هلي. شوڪت ۽ سليم جي ذهانت سڄي تر ۾ ڪنهن کان به ڳجهي ڪونهي. شهر جي ڪنهن به اسڪول ڪاليج ۾ ڪو به امتحان ٿيندو آهي ته مدد لاءِ هر ڪو پيو ٻنهي ڀائرن کي ڳوليندو آهي. مون کين هميشه نصيحت ڪئي آهي ته پٽ ! ڪنهن لاءِ به برو نه ڪجي، اوکي ويل هر ڪنهن جي ڪم اچجي ۽ ڪنه...نجي مجبوري جو فائدو هر گز نه وٺجي. الله سانڃاه ڏني اٿن ! ڏاڍا فرمانبردار ۽ نيڪ ڇوڪرا آهن. اهڙي مهل هر ڪنهن جي دل سان مدد ڪندا آهن ۽ معاوضي جي به ڪڏهن گھرج نه ڪندا آهن. پر ماڻهو ڪٿي ٿا مڙن ! انهن جا به ٻچا جڏهن سٺين مارڪن ۾ پاس ٿيو وڃن ته زوري زبردستي پئسا يا تحفه تحائف ڏيو وڃن. ۽ روزي روٽي جو بندوبست ٿيو پوي. هن دور ۾ عزت ڀري ۽ حلال روزي سان پيٽ پيو پلجي ٻيو اسان کي ڇا کپي.!