• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اچ وري تون ياد آئين

نثارابڙو

نائب منتظم
او سنڌ جا سڄڻ، سنڌ جا عاشق، اڄ وري تون ياد آئين، اڄ وري اکين جي ڳوڙهن ۾ تنهنجي تصوير نمايان ٿي، اڄ وري سنڌ جا سور نڙيءَ جو سور بڻجي، دل جي دنيا کي نهوڙي ويا ۔۔۔ وري الائجي ڪڏهن سنڌ تو جهڙا پٽ پئدا ڪندي، وري الائجي ڪڏهن ۔۔۔؟؟؟

جڏهن به تنهنجو نالو ايندو آهي ته سنڌ جي مالڪيءَ جو تصور اڀرندو آهي ۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=-nLJSI5pONs

http://www.youtube.com/watch?v=kk-glg9wB0s

http://www.youtube.com/watch?v=BOCNFbYYd_0


http://www.youtube.com/watch?v=BuBOogCKskI
 
جواب: اچ وري تون ياد آئين

سائين وڏي ڳاله آهي نه ڪنهن يونيورسٽي نه ڪاليج جي ڊگري پوء به 65 ڪتاب ۽ ايڏي جدوجهد ايڏيون تحريڪون ايڏا عهدا
واقعي
سلام سيد
 
جواب: اچ وري تون ياد آئين

سائين وڏي ڳاله آهي نه ڪنهن يونيويسٽي نه ڪالج جي ڊگري پوء به 65 ڪتاب ۽ ايڏي جدوجهد ايڏيون تحريڪون ايڏا عهدا
واقعي
سلام سيد

ادا طاهر، سائين محترم جيترو وڏو ماڻهون هيو، انلاءِ صرف ايترو چوندس ته سنڌ 20 صديءَ ۾ جيڪي شخصيتون پئدا ڪيون انهن ۾ سندس مقام سڀ کان اعلا هو ۔۔۔ ايترو شفيق، ماٺيڻو، بهادر، ڄاڻو ۽ سنڌ دوست مونکي سنڌ جي تاريخ ۾ 19 يا 20صديءَ ۾ ٻيو ڪو به نظر نٿو اچي ۔۔۔ آءُ جڏهن بي اي پڙهندو هوس ته ، ڪنهن ڪم سانگي سن ۾ سندس اوطاق ۾ وڃي رهيو هوس ۔۔۔ هو صبح جو اٿي ايندو، منهنجي ناشتي جو پڇندو، باقي لنگر ته سندس سدائين هلندو هو، ڪير به سندس اوطاق ته لڙي اچي ته بکيو نه ويندو هو ۔۔۔
هڪ دفعي مونکي چيائين ته تنهنجا هٿ اکر ڪيئن آهن؟ مون کيس لکي ڏيکاريا ته چيائين ته هڪ ڪتاب آهي اهو لکي ڏي، مون خوشيءَ سان ها ڪئي ۽ پاڻ مونکي انوقت جو هڪ اڻلڀ ڪتاب لکڻ لاءِ ڏنائون ۔۔۔
اوطاق تي ايندڙ ننڍا يا وڏا سڀ هڪ جيترو مان وٺي ويندا هئا ۔۔۔ بس ڙي ادا ڪيتريون ڳالهيون ٻڌايان سندس شخصيت جون ۽ سندس سنڌ سان محبت جون ۽ سندس ڄاڻ جون ۔۔۔ هڪ ڏينهن هڪ نئون نوجوان ڪن دوستن سان لڙي آيو، سائين سندس نالو پڇيو، ذات پڇي ۽ پوءِ کيس چيائين ته ڀلا ٿر وارن مان آهين يا لاڙڪاڻي وارن مان، ايئن کيس ڏاڏي تائين وڃي پهتو ۔۔۔ ۽ کيس اهي ڳالهيون ٻڌايائينس جي کيس پنهنجي ڏاڏي جي باري ۾ هو به نه ڄاڻندو هو ۔۔۔ اسين سڀ سندس سنڌ جي علائقن ته ڇا پر گهراڻن مطلق ڄاڻ تي حيران ٿي وياسون ۔۔۔

رب العالمين کيس جنت الفردوس ۾ اعلا مقام عطا ڪري ۔۔۔ آمين

sindhsalamatsaathsal
 
جواب: اچ وري تون ياد آئين

آمين الله تعالي کين جنت ۾ جاء ڏي
ابڙا صاحب ان ڪتاب جو نالو ته مهرباني ڪري ٻڌايو جيڪو سائين اوهان کي لکڻ لاء عنايت ڪيو
 
جواب: اچ وري تون ياد آئين

آمين الله تعالي کين جنت ۾ جاء ڏي
ابڙا صاحب ان ڪتاب جو نالو ته مهرباني ڪري ٻڌايو جيڪو سائين اوهان کي لکڻ لاء عنايت ڪيو

ڀائڙا انوقت اهو ڪتاب محترم سائينءَ ڇپرائڻ کان منع ڪيو هو ۽ ڪن مخصوص دوستن کي ڏنو هو، هن وقت اهو ڪتاب ڇپيل آهي ۽ ممڪن مارڪيٽ ۾ هجي ۔۔۔ ”رهبر“ ڪتاب جو نالو آهي ۔۔۔ هي ڪتاب سنڌ جي آزاديءَ واري جدوجهد جي منصوبه بنديءَ تي لکيل آهي ۔۔
 
Back
Top