خوش رهو پنهنجي خرچ تي

'مختلف موضوع' فورم ۾ اياز علي رند طرفان آندل موضوعَ ‏18 فيبروري 2014۔

  1. اياز علي رند

    اياز علي رند
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 اپريل 2011
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    شاهپورچاڪر
    ٽماٽر مهانگا ٿي ويا آهن ته ڀاڄي ٽماٽرن کان بغير به ٺهي سگھي ٿي. کنڊ مهانگي آهي ته ڦڪي چانهه پيو هونئن به کنڊ صحت لاءِ ٺيڪ ڪونهي. بصر مهانگا آهن ته ٻوڙ کي ٿوم سان داڳ ڏيو. اٽو مهانگو آهي ته چانور کائو، چانور مهانگا آهن ته برگر کائو.
    اسٽريٽ ڪرائيم کان بچڻ لاءِ پنهنجا کيسا خالي رکو، سنسان گھٽين مان گذرڻ بند ڪريو ۽ ڪوشش ڪري سج لٿي کان پوءِ گھرن ۾ ئي رهو.
    مليريا ۽ ڊينگي کان بچاءُ لاءِ در دريون بند رکو... ۽ روشندانن کي ڄاريون لڳايو
    ڌماڪن کان بچاءُ خاطر شهر يا گھٽين ۾ چار پنج ڄڻا هڪ جاءِ تي گڏجي نه بيهو، ملڻو هجي ته پري پري بيهي هڪ ٻئي کي سستي پيڪيج ذريعي ايس ايم ايس ڪريو. رش وارين جڳهين ته نه وڃو جهڙوڪ مسجد، مندر، گرجا، پارٽيون، شاديون، وليما، سالگره، محفل موسيقي يا محفل ميلاد وغيره ۽ اهڙيون ٻيون تقريبون جن ۾ ڪنهن مسلمان جي اچانڪ ڦاٽي پوڻ جا چانسز هجن.
    بجلي يا گيس جي لوڊشيڊنگ جي حوالي سان اوهان جون دانهون بلڪل اجايون ۽ غيرضروري آهن بجلي ماضي قريب جي ايجاد آهي ماڻهو انکانسواءِ هزارن سالن کان رهندا پيا اچن. گھڻو پري نه وڃو اوهان جا وڏا يا اوهان مان ئي کوڙ وڏي عمر وارا بزرگ اهڙا هوندا جن جي عمر جو وڏو حصو بجلي ۽ گيس کان بغير گذريو هوندو.
    تعليم کي عام ڪرڻ جو الڪو اوهان کان وڌيڪ حڪومت کي هجڻ گھرجي ڇو جو اڻپڙهيل ماڻهن جي اضافي سبب وزيرن ۽ مشيرن جي اميدوارن ۾ بي انتها اضافو ٿيندو پيو وڃي.
    باقي رهي غربت ! ته غربت الله پاڪ جي نعمت آهي.
    حضور صه جن جي حديث آهي ته جنت ۾ سڀ کان پهريان مونسان گڏ منهنجا غريب امتي داخل ٿيندا.
    تنهنڪري ان نعمت جو شڪر ادا ڪريو ۽ هرو ڀرو پنهنجو ايمان نه وڃايو.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا ڇا سچو مسلمان ڪڏهن خودڪش بم ڌماڪو ڪري سگهي ٿو؟ ڇا هو ٻين مسلمانن ته ٺهيو پر ڪنهن انسان ذات جو بيگناھ قتل ڪري سگهي ٿو ، دهشتگردي جي آڙ ۾ رڳو مسلمانن کي ڇو ٿو نشانو بڻايو وڃي؟ ممتاز علي وگهيو ممتاز قريشي ۽ افتخار علي چوهاڻ جن کي ايڊ ڪجي ٿو ۽ گذارش آهي ته هن موضوع تي ڪجھ روشني وجهن
     
  3. غفوررند

    غفوررند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    168
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا اياز سڌو سئنون چئو ت زھر جو ڍُڪ پيئو ، ن ھجو ن تڪليفون ڏسو
     
  4. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    بهترين اندازِ تحرير...طنزيه لفظن ۾ سچ کي وائکو ڪيو ويو آهي.
    اها حقيقت آهي ته مسئلن جو حل ڪڍڻ بدران اهڙن لفظن جي ٽوپي پارائي اسان جا حڪمران غريب عوام کي دلاسو ڏيندا رهندا آهن.
    مان سمجهان ٿو مهنگائي، ڪرپشن، لوڊشيڊنگ جهيڙا مسئلا تڏهن حل ٿيندا جڏهن حڪمرانن سان گڏوگڏ اسان جي قوم جو هڪ هڪ فرد پنهنجا فرض ايمانداري سان پورا ڪندو. جڏهن اميرن تي به ٽيڪس نافذ ٿيندا ۽ بنا ڪنهن نرمي جي انهن کان وصولي به ڪئي ويندي، جڏهن قانون جي حڪمراني ٿيندي.، سرڪاري آفيسن ۾ خرچي ڏيڻ جو رواج ختم ٿيندو...جڏهن اسڪولن ۾ استاد سچائي ۽ لڳن سان تعليم ڏيڻ شروع ڪندا..
    بدقسمتي سان اسان جي قوم ۾ حرام کائڻ جو نشو عام ٿي ويو آهي...
    لائيٽ جا جڳاڙ ڪندڙ هي قوم ڪهڙي منهن سان لوڊ شيڊنگ جي حل جي اُميد ڪري سگهي ٿي..!!
    افسوس جي ڳالهه آهي ته اڄ هر ٻيو ماڻهو پنهنجي ڪم ڪڍڻ لا ٻين کي نقصان پهچائڻ ۾دير نه ڪندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو حڪمران خواهش هوندي به سڀ مسئلا حل نٿا ڪري سگهن، شايد انڪري اهي به ڪرپشن ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا...
    جيستائين قوم جي اڪثريت سچائي سان انهن کي حل ڪرڻ جون ڪوششون نه ڪندي اسان ڪڏهن به ترقي نه ڪري سگهنداسين.
    دنيا جون ترقي يافته قومون خيالي پلا نه پچائينديون آهن، قومي جوش ۽ جذبي سان محنت، مشقت ۽ تعليم جي ذريعي اهي اڄ ترقي جي بلندين تي پهتل آهن.
    جهيڙي طرح اڄ پاڻ کي مسلمان سڏائيندڙ خود ڪش بم حملا ڪري رهيا آهن ۽ معصوم ديني ڀائرن کي بيدردي سان شهيد ڪري رهيا آهن، اهڙي طرح ته ڪنهن به مذهب ۾ ڪنهن به انسان جو مارڻ جائز نه آهي.
    اڄ اسان نهايت آساني سان هڪ ٻئي کي ڪافر قرار ڏئي ڇڏيندا آهيون. ڇا ڪنهن به مسلمان جي ايمان جي پڪ ڪو ٻيو مسلمان ڪري سگهي ٿو..؟
    اها دعوا ته صرف ۽ صرف الله رب العزت لا ئي ممڪن آهي.
    الله پاڪ اسان سڀني کي پنهنجي امان ۾ رکي ۽ هن نفسانفسي جي دور ۾ قومي سوچ ۽ قومي ٻڌي جو جذبو عنايت ڪري ته جيئن اسان وڌ کان وڌ پنهنجي قوم جي خدمت ڪري سگهون. آمين.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو