ليکڪ: جبران خليل جبران ترجمو: پروفيسر عطاءُ اللھ ابڙو خدا پهريون ڀيرو جڏهن منهنجا چپ ڳالهائڻ لاءِ چريا، ته مان مقدس پهاڙ تي چڙهي ڪري خدا تعاليٰ کي سڏيو: ”اي منهنجا پاليندڙ مان تنهنجو ٻانهون آهيان،تنهنجي رضا منهنجي لاءِ مذهبي واٽ آهي ۽ مان زندگي ڀر تنهنجو فرمانبردار رهندس.“ مگر الله پاڪ منهنجي ان ڳالهه جو ڪو به جواب ڪو نه ڏنو ۽ هڪ سخت تيز طوفان جيان گذري منهنجي اکين اڳيان اوجهل ٿي ويو. · هڪ هزار سالن کانپوءِ مان ٻيهر مقدس پهاڙ تي چڙهيس ۽ خدا تعاليٰ سان مخاظب ٿيس: ”اي منهنجا پيدا ڪرڻ وارا! منهنجو خمير تنهنجي هٿن جو ڳوهيل آهي،تو مون کي مٽيءَ مان بڻايو ۽ پنهنجو افضل ۽ اعليٰ روح مون ۾ ڦوڪي زندگيءَ جي گرمي ۽ طاقت بخشي،منهنجي نس نس تنهنجي مقروض آهي،منهنجا مالڪ!“ مگر خدا تعاليٰ مون کي ڪو به جواب ڪو نه ڏنو ۽ هزارين ڦڙ ڦڙائيندڙ پرن جيان منهنجي پاسي کان گذري ويو. · هڪ هزار سالن کانپوءِ مان وري مقدس پهاڙ تي چڙهيس ۽ ٽيون ڀيرو خدا جي حضور ۾ عرض ڪيم: ”اي مقدس پيءُ! مان تنهنجو لاڏلو پٽ آهيان،تو مون کي محبت ۽ شفقت سان پيدا ڪيو ۽ مان محبت ۽ عبادت سان تنهنجي حڪومت جو وارث بڻيس.“ مگر هن ڀيري به خدا تعاليٰ ڪا ورندي ڪا نه ڏني ۽ ڏور پهاڙن تي ڇانيل ڪوهيڙي جيان منهنجي نگاهن کان لڪي ويو. · هڪ هزار سالن کان پوءِ هڪ دفعو وري مقدس پهاڙ تي چڙهيس ۽ چوٿون دفعو مان الله پاڪ کي عرض ڪيو: ”اي دانا، بِينا خدا! اي منهنجا ڪمال ۽ منهنجي محبت!مان تنهنجو ماضي آهيان ۽ تون منهنجو مستقبل!مان زمين جي اونداهين ۽ تنهنجون پاڙون آهيان ۽ تون آسمان جي روشنيءَ ۾ منهنجا گل ۽ اسان ٻئي سج جي اڳيان هڪ ئي وقت اُسرون ۽ نِسرون ٿا.“ هاڻ خدا منهنجي طرف متوجهه ٿيو. هو مون تي جهڪيو ۽ مون سان سُس پُس ڪئي اهڙن لفظن ۾، جن جو اثر ۽ مٺاس مون کي پگهاري رهيو هيو. خدا مون کي پنهنجيءَ گهرائي ۾ ويڙهي ورتو، جهڙيءَ طرح سمنڊ پنهنجي اندر ڪِرڻ واري گهر کي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيندو آهي. ۽ جڏهن مان ماٿرين ۽ ميدانن ۾ لٿس، ته خدا اتي موجود هو.