پاران علي عاجز گبول ڪراچي آ رت ۾ خوشبو ۾ مهندي جي...................................... هن سان منهنجي اڳ ته ڪڏهن به شناسائي نه هئي پر هو هڪ اهڙي تقريب ۾ مليو هو جيڪو سنڌ جي عظيم شهيد مظفر ڀٽي جي چاليهي جي تقريب گهوٽڪي ۾ مليو هيو جڏهن ته ان وقت درندن جي کولين ۾ ذاڪر بوزدار ازيت برداشت ڪري رهيو هو ته مرد مجاهد ڄڻ ته جنگ جي حالت ۾ هيو جڏهن اسٽيج تي تقرير ڪرڻ آيو هو ته دشمن کي شينهن وانگر للڪاريو، ها اهو صاحب خان گهوٽو جنهن سرائي قربان سان گڏجي حيدرآباد پريس ڪلب تي کنيل سنڌ ڌرتي جي قسم کي نڀائڻ لاءِ هميشه عملي جدوجهد ۾ رهيو هو . ها اهو صاحب خان گھوٽو رياست لاءِ رڪ جي ديوار هيو . گھوٽڪي ضلعي جي ڪارڪنن ۾ وڏي جي لقب سان سڃاتو ويندڙ هي عظيم ماڻهو سنڌ جي شهيدن سان پيار ڪندڙ توڙي جو معاشي طور هڪ ننڍڙي گهراڻي سان تعلق هجڻ باوجود هميشه ڪارڪن جو ٻانهن ٻيلي رهندو هيو رات جا پنڌ هجن يا دوستن جون محفلون ، قومي پروگرام هجن يا مظاهرا هو هميشه کلندو مسڪراندو پنهنجي ضمير سان مطمن نظر ايندو هيو هو ڪڏهن به ڪنهن به ڏکي صفر جي معيار ڄڻ ته توهين سمجهندو هيو . عام رواجي سياست جو هي باغي انسان پنهنجي دوستن ڪارڪنن کي سڀ ڪجهه سمجهندو هيو ، سنڌ جي سياسي ڪعبي ڏانهن پنڌ جي وقت ته ايڏو خوش هوندو هيو ڄڻ ته ڪو عاشق پنهنجي محبوب سان ملڻ لاءِ ويندو هجي هو ذاتي زندگي کي به قومي انداز ۾ گهاريندو هيو جنهن جو مثال ننڊڙي فرحان جي تربيت آهي هڪ دفعي ڪجهه دوستن سان گڏ ڪچهري لاءِ وڃڻ ٿيوته اتي فرحان جئي سنڌ چئي مليو ته ان وقت شهيد چيو ته دشمن چون ٿا ته شايد اسان کي ماري جدوجهد کي ختم ڪري ڇڏيندا پر اها انهن جي ڀل آهي اسان جي پوئين ويڙه هي ايندڙ نسل وڙهڻ لاءِ تيار آهي . ها صاحب تنهجي شهادت اڄ ايندڙ نسل لاءِ هڪ وڏو اتساه جو سبب بڻي آهي.شايد اوهان جي شهادتن تي اياز هي سٽون لکيون آهن ته ؛ دودا تنهنجو ساه ته ويندو ماڻهن جو ويساه نه ويندو ،.... ها صاحب خان تون اڄ پنهنجو پاڻ نڀائي ويون آهين تنهجون اهي افضل سان رهاڻيون هجن يا جرنيل جي تربيت اڄ توکي اتم ڪري ڇڏيو آهي جيڪي به تون چيو آهي اهو نڀايو آهي تنهنجي زندگي توڙي شهادت سنڌ امڙ سان ڪيل واعدن ءِ توڙي شهيددوستن سان ڪيل وچن کي پاڻي ڏيئي سرهو ٿيو آهين . مقتل گاهن جا راهي رند تون ته ڊرائينگ روم ۾ جامن جي ٽڪرائن کي گهمساڻ سمجهي حقيقي پنڌ جو راهي ٿين . جڏهن شهيدن سان رهاڻيون ڪندين ته انهن سان سرخرو ٿي ٻڌائيجان ته اي سنڌوديش جا شهيدو اوهان جي ڇڏيل واٽ تي اڄ به سنڌ جو نوجوان راهي آهي اڃان به رڻ مان رڙ اچي واري ڳالهه تي عمل ڪن پيا. امان نصيبان جهڙيون مائرون اڃان گهوٽ افضل کي مقتل گھاهن ڏاهن سينگاري سينگاري موڪلين ٿيون ادي صائمه جهڙيون ونيون پنهنجن گهوٽبن تي ماتم نه پر فخر ڪن ٿيون ها شهيدن کي اهو به چئجان ته ته سندن اولاد فرحان گھوٽي وانگر رواجي ڳالهين جي بجائي آزادي جا گيت ڳائن ٿا ۽ سندن دوست شهادتن تي روئڻ جي بجائي ميدان ملهائڻ لاءِ اڳ کان اڳرا رهن ٿا اهو پڪ چاڻو ته هاڻي ڪاري رات ختم ٿيڻ واري آهي ۽ جلد آزادي جو سج پيغام کڻي سن جي ڌرتي تي سلامي ٿيڻ وارو آهي . علي عاجز گبول ڪراچي