اسپارٽين پنهنجن ڪمزور ، نٻل ۽ روڳي ٻارن کي جبلن ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيندا هئا ، جڏهن مان اسپارٽين جو ذڪر ڪيان ٿو ، تڏهن منهنجو مطلب اهو ناهي تہ ڪمزور ۽ نٻل ٻار کي ڄمندي ئي جبلن ۾ ڦٽو ڪيو وڃي ، اهو دور ٻيو هو ، اڄ سائنسي دور آهي ، ممڪن آهي ( ۽ اڪثر ڪري ) اهي نٻل ٻار اڳتي هلي سگهارا ٿين ، پر مان جيڪا ڳالهہ ڪرڻ چاهيان ٿو ، انهئيءَ جو بنيادي هي آهي تہ اهي انسان جيڪي زندگي جي تبديلي جي جدوجهد ۾ شريڪ نٿا ٿين ، يا نٿا ٿي سگهن ، جو منجهن اهڙو ست ناهي ، تہ پوءِ اهي رڪاوٽ بڻجن يا ٻين انسانن مٿان بار بڻجڻ بجاءِ بهتر آهي تہ پنهنجو انت آڻين ، ڇا ڪاڻ تہ هونئن بہ حياتي مٿن بار آهي ، سواءِ ڪارج جي زندگيءَ جو بار ڍوئڻ ڇا حماقت ناهي . منير احمد ماڻڪ