هاڻي دونهين جي مدد سان ميسج ڪريو..

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏19 فيبروري 2014۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [​IMG]
    پاڪستان توڙي دنيا جي ڪيترن ترقي پذير ملڪن ۾ ڳالهه ڳالهه تي حڪومت طرفان موبائل نيٽورڪ بند ڪرڻ عام ٿي چڪو آهي. پر ان جو به توڙ سامهون اچي ويو آهي، هاڻي توهان ميسج ٽرانسفر ڪرڻ لاءِ موبائل نيٽورڪ جا محتاج نه هوندو ڇو ته دونهون (Smoke) اوہان جي موبائلن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيندو.
    جي ها ! توهان يقين نه ڪيو يا نه ڪيو پر هاڻي فقط دونهين جي مدد سان هڪ موبائل کان ٻئي موبائل سان رابطو ڪري سگهجي ٿو ۽ ڊيٽا پهچائي سگهجي ٿي. شروعاتي تجربي ۾ هڪ آءِ فون تان ٻئي آءِ فون تي ميسج پهچائڻ لاءِ دونهين جو ڪامياب استعمال ڪيو ويو.
    جرمنيءَ جي سائنسدان ڊينس ڊي بيل هي تجربو ”برلن آرٽ شو“ ۾ڪري ڏيکاريو آهي. سندس موجب هن تيڪنيڪ وارا ميسج جاسوسيءَ جي پڪڙ ۾ نه اچي سگهندا ۽ آءِ فون هارڊويئر ايڊون جي ذريعي پري تائين ويزيول ڪميونيڪيشن جي سهولت کان مفت ۾ فائدو وٺي سگهنداسين. هن قسم جي ميسج کي سموڪ ميسج سروس (SMS) سڏيو ويندو..
    هن ٽيڪنيڪ ذريعي هڪ بٽڻ دٻائڻ سان موبائل مان دونهين جو هڪ ننڍڙو ڪڪر ظاهر ٿئي ٿو جيڪو انهيءَ حالت ۾ ئي مطلوبه حدف تائين باآساني پهچي وڃي ٿو. پر اهو ميسج شروعاتي طور تي انهن ماڻهن لاءِ ئي ڪارگر آهي جيڪي اشارن جي ٻولي يا ڪوڊ جي طريقي ڪار مان واقف آهن.
    مست
    سنڌ سلامت

    www.sindhsalamat.com
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    دونهين سان وابسطه فقيرن ، لاهوتين ۽ مولائن کي واڌايون!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ان حوالي سان اڄ ڪجهه خبرون نظر مان گذريون آهن، ٽيڪنالاجي جي تيزي ۽ تڪڙي تبديلين سبب دنيا ۾ گهڻيون ئي شيون اڄ به اڳتي اينديون.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ها سائين انهن جا هاڻي ٺٺ ٿي ويا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو