مهانگائي جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل غريب طبقو.

'ڪهاڻيون' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏19 فيبروري 2014۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سرمد قريشي.
    Sarmadqureshi08@gmail.com


    موجوده حڪومت جي ٿوري عرصي ۾ پيدا ٿيل مهنگائي جو طوفان ڏينهون ڏينهن شدت اختيار ڪندو پيو وڃي،توڙي جو ان حڪومتي عرصي ۾ ڪو اهڙو ڪرپشن اسيڪنڊل سامهو ناهي آيو، تنهن باوجود مهنگائي جي ان طوفان سبب ملڪ جي 60 سيڪڙو غريب عوام کان سندس جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي.

    هڪ طرف ملڪ ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري نه هئڻ سبب جديديت ڏانهن مائل ڪرڻ لاء نت نون منصوبن جا خواب ڏٺا پيا وڃن، ته ٻئي پاسي ملڪي عوام جو اڌ کان به وڌيڪ حصو بُک ۽ افلاص هيٺ زندگي بصر ڪرڻ تي مجبور لڳو پيو آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي هاڻ حڪمران طبقي کي اهو سمجهڻ گهرجي ته اهي سڀ جديد منصوبا اُن وقت تائين فضول آهن جيسيتائين ملڪ جي عوام کي خوشحالي ۽ امن جي راه ڏانهن راغب نه ٿو ڪيو وڃي.

    هن نام نهاد جهموري دور ۾وڌندڙ مهنگائي سبب روپئي جي قيمت ۾ ايندڙ مسلسل ايندڙ لاٿ سڌي ريت غريب عوام (جنهن ۾ اڪثريت پورهيت طبقي جي آهي) جي چيله چٻي ڪرڻ ۾ ڪا به قصر ناهي ڇڏي.وچولي طبقي لاء ته مهنگائي صرفهڪپريشاني آهي،اهو طبقو وري به ڪنهن نه ڪنهن طرح منهنگائي جي ڪڙي گوري به ڳيو وڃي ٿو ۽ اُف به نٿو ڪري، پر غريب ماڻهو سڄو ڏيهن پورهيو ڪرڻ باوجود به گهٽ اُجوري سبب ٻن وقتن جي ماني ڳڀي لاء زندگي موت جي چئوواٽي تي بيٺل نظر اچي ٿو،هڪ رپورٽ موجب پاڪستان هيئنر اُن ملڪن جي لسٽ ۾ اڳڀرو ٿيندو پيو وڃي جن ۾ کاڌ خوراڪ جي کوٽ سبب

    Nutritional deficiency disorder

    جهڙيون بيماريون عام ٿي رهيو آهن.ساڳئي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ جا 37.5 ماڻهو کاڌ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن. ان ڪري انهن ۾ پروٽين ۽ آيوڊين جي سخت ڪمي موجود آهي جنهن سان اها بيماري وڌي ٿي

    پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينيهن تائين سوين دفعا اسيمبلين ۾ منهگائي تي بحث مباحثه ٿيا ته ڪڏهن وري ان ئي مسئلي تي سياسي وارو وٺندي اپوزيشنز پاران واڪ آئوٽ به ٿيندا رهيا آهن پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ان بحثن ۽ واڪ آئوٽن جو ڪو کڙتيل به نڪتو يا نه،اڪثر ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به ايوانن۾ منهنگائي جي حوالي سان بحث ٿيندي آهي ته موجوده حڪومت پوئين حڪومت تي ان جي ذميواري عائد ڪري ڇڏيندي آهي،پراڻي حڪومت نئين حڪومت تي پئي ڇٿر ڪندي آهي. اهڙي طرح نئين اليڪشن تائين اپوزيشن ۽ حڪومت ان موضوع تي رڳو بحث ۽ الزام تراشيون ڪندي رهجي ويندي آهي ۽ آخر ۾ ٿيندو ڪجه به ناهي ايسيتائين جو نئين حڪومت اچي ويندي آهي ۽ پنهنجي روايت قائم رکندي مهنگائي جو الزام پراڻي حڪومت ۽ سندس پاليسين تي هڻي ڇڏيندي آهي.اصل ۾ ٿيڻ ته ائين گهرجي ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون ۽ ايوانن ۾ ويٺل اپوزيشن جا ميمبر ان حوالي سان ڪو اهڙو لائي عمل جوڙين جنهن سان ملڪ ۾ مهنگائي جي اندورني پاڙن تائين پهچي سگهجي. ائين ڪرڻ سان ٻيو ڪجه نه ته جمع خورن،منافع خورن ۽ ٽيڪس چورن جو گهيراءُ ته ٿي سگهي ٿو ۽ مهنگائي جي حد ۾ ٿوري گهڻي ڪمي واقع ٿي سگهي ٿي ان کان علاوه کائڻ پيئڻ جي شين تي اجايو لڳل ٽئڪس به ختم ٿي سگهي ٿو، پر هتي ان مسئلي جي حوالي سان ڪو به سنجيده نظر نه پيو اچي هر ڪو پنهنجي سياست چمڪائڻ جي پويان لڳو پيو آهي.

    چنڊ تي وڃڻ واري ڳاله پراڻي ٿي ويئي،جتي هيئنر انسان مريخ تي پاڻي ۽ جيوتن جا آثار تلاشڻ ۾ لڳو پيو آهي،اُتي اسان واري سماج ۾ زمين تي موجود سرمائيداري نظام ڏينهون ڏينهن غريب اشرف المخلوقات جي زندگي کي ڏينهون ڏينهن پويان ڌڪي رهيو آهي.

    مهنگائي جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل غريب ماڻهو ڏينهون ڏينهون ان ۾ ويتر ڌٻجندو پيو وڃي ته اُتي وري سرمائيدار ۽ جاگيردارن منفع خورن کي ان جو سڌي ريت فائدو ٿي رهيو آهي. سندن زر پائڻ جي حوس غريب عوام جوڪافي وقت کان استحصال ڪري رهي آهي ۽ انهن کان سندس جيئڻ جو حق کسي رهي آهي.مارڪس موجب ته هڪ خاص اسٽيج تي پورهيت طاقتن جو سرمائيدار طاقتن سان ٽڪراءُ ٿي ويندو آهي،اهڙي طرح موجوده سرمائيدارا ڻي نظام ۾ جهڙي ريت طبقاتي فرق معاشري ۾ نظر اچي رهيو آهي تنهن ۾ هڪ خاص انقلاب ته برپا ٿي سگهي ٿو پر ان لاء ڪنهن خاص قيادت جي ضرورت آهي جيڪا غريب ۽ پورهيت عوام جي سڌي ريت نفي ڪندڙ هُجي ۽ انهن مان ئي هجي.

    تازو مهنگائي خلاف 22 ڊسمبر تي تحريڪ انصاف جماعت اسلامي عوامي مسلم ليگ پاران جيڪا ريلي ڪڊي وئي آهي جنهن جي پ پ به حمايت ڪندي نظر آئي. اُن کي ڏسندي اهو ضرور چئي سگهجي ٿو ته اهو هڪ بهتر قدم آهي ڪنهن به وڏي جماعت جو منهنگائي خلاف احتجاج بهتر قدم آهيپر ظاهري طور ان عمل سان مهنگائي ۾ ڪا گهٽتائي اچي سگهي اهو نظر نه پيو اچي. ڀلي کڻي اهي ريليون ٻين شهرن ۾ به ڪڊيون وڃن پرموجوده حالتن ۾ مهنگائي گهٽائڻن ليگ حڪومت جي وس کان ٻاهرنظر اچي رهيو آهي ۽ نه صرف ن ليگ جي حڪومت پر اگر تحريڪ انصاف کي به اهو موقعو ملي ته اها به مهنگائي جي ان سونامي کي روڪڻ کان لاچار نظر ايندي،اها هڪ حقيقت آهي ته ڪا به حڪومت پاڻپنهنجي عوام تي مهنگائي جو بم ڪيرائي پنهنجي ئي پيرن تي ڪهاڙي ناهي هڻندي، اُن جو ته اهو مقصد هوندو آهي ته جيترو ٿي سگهي عوامي تحش کان پاسو ڪجي پر تنهن هوندي به کين پنهنجن آقائن(آئي ايم ايف،ورلڊ بينڪ) کي خوش ڪرڻ لاء اهو ڪرڻو پوي ٿو ڇو جو پاڪستاني معيشت پنهنجن ادارن جي بيڪارٿيل انفرااسٽڪچر سبب مسلسل خاسارن کي منهن ڏئي رهي آهي ان ڪري ان خاسارن جي برپائي عوام کان ڪرائڻ کان سواء حڪومت وٽ ٻيو ڪو حل نه ٿو رهي. گذريل حڪومت سان به ساڳيو ئي حال هو ان ڪري ان نظام تحت ايندڙ نئين حڪومت معاشيحملن ۾ پراڻي حڪومت کان به اڳڀري نظر ايندي ان ۾ ڪو به شڪ ناهي. موجوده مهنگائي جي هڪ خاص وجه اها به آهي ته سڄي دنيا ۾ هينئر سرمائيداراڻي نظام هڪ بحران جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي جنهن جي اڳڪٿي مارڪس پنهنجي ڪتاب ”سرمايو“ ۾ سو سال کن پهرين ڪري چڪو آهي.

    مارڪس موجب ته ” هڪ پاسي دولت جي زخيره اندوزي، ٻئي پاسي بک بدحالي جهالت،غلامي ۽ انتشار کي جنم ڏيندي آهي،جيڪڏهن موجوده حالتن تي نظر ڊوڙائجي ته مارڪس جي اها اڳٿي سچ ثابت ٿيندي نظر اچي رهي آهي معاشري ۾ غريب ۽ امير جي وچ ۾ جيڪا ديوار آهي اها سرمائيداري نظام جي ڇانو هيٺ ڏينهون ڏينهن مظبوط ٿيندي نظر اچي رهي آهي جيڪا انساني حقن تي پڻ اثر انداز ٿي رهي آهي.

    هينئر دنيا جي ڪُل دولت جو 42 سيڪڙو نجي ملڪيت بڻيل آهي۽ اهي نجي ملڪيتون ۽ اسٽاڪ مارڪيٽن جا لاها چاڙهن تي ڀاڙينديون آهن سندن سرڪار نه اچي نه وڃيان ڪري سرڪار پنهنجن ادارن کي بيوس ڄاڻائيندي نجڪاري طرف ويندي آهي، نجڪاري نظام سرڪار وٽ هلي ناهي ايندو.عالمي ليول تي سرمائيداري نظام جي ڏينهون ڏينهن بحران طرف وڃڻ سبب هن جديد رياستن جي پاڙن کي به کوکلو بڻائي ڇڏيو اهي.هئنرآمريڪا جهڙو ملڪمعاشي تنگي جوشڪار لڳو پيو آهي ته پوء ترقي پذير ملڪن جي حالت جو اندازو پاڻ مرادو لڳائي سگهجي ٿو،آمريڪاگذريل 42 سالن ۾ اهڙي معاشي بحران پهرين ڪڏهن به نه ڏٺو هو جيڪو هيئنر ڏسي رهيو آهي ان ئي بحران سبب آمريڪا ۾ هزارين ماڻهو بيروزگاري واري زندگي گذاري رهيا آهن جنهن جو تازو مثال آڪٽوبر جي مهيني ۾ آمريڪا ۾ ٿيل ”شٽ ڊائون“ بحران ۾ ڏسڻ ۾ آيو جنهن ۾ هزارين سرڪاري ملازمن کي بنا پگهارن جي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو،جڏهن ته ڪافي ملازمن کي سندن ڪمن کان فارغ ڪيو ويو.”ڪريڊٽ ڪرنچ“ واري بحران سببعالمي معيشت هيئنر تيزي سان هيٺ وڃي رهي آهي جنهن جو ڪو دڳ ئي نه ٿو لڀجي. ان ڪري نظر اهو اچي رهيو آهي ته 2008کان شروع ٿيل ان بحران ۾ جيتري تيزي ايندي ان ئي رفتار سان قرضن ۾ ڌٻيل ننڊن وڏن ملڪن ۾ مهنگائي ۽ بيروزگاري جي شرح ۾ اظافو ٿيندو ويندو.پرسرمائيداري جي اوسر سبب هي گورک ڌنڌو ختم ٿيندي نظر ئي نه پيو اچي،ان ڪري هاڻي ملڪي توڙي عالمي حالتن کي مدِنظر رکي صرف ايترو ئي چئي سگهجي ٿو تهسرمئيدار رياستن وٽ عوام کي ڏيڻ لاء هيئنر ٽيڪسن کان سواء ٻيو ڪجه به ناهي بچيو،سوپاڪستان سان به اها ساڳي صورتحال آهي انڪري ايندڙ عرصي ۾ ملڪي بحرانن ۾ وڌيڪ شدت اچي سگهي ٿي، توڙي جو ڪارو ڌن اڇو ڪرائڻ واريون اسڪيمون پڻ هتي متعارف ڪرايو ويون آهن پرنظر اهو پيو اچي تهاهو ڪارو ڌن اڇو بڻجي به هن مُلڪ جي بينڪن ۾ نه رهندو بلڪه ٻاهر موڪليو ويندو ۽ ان حوالي اڃا تائين ڪا اهڙي پيش رفت يا ڪو فارمولو سامهون ناهي آيو جو سياستدانن ۽ ڪامورن جي ٻاهر پيل دولت کي ملڪ ۾ آندو وڃي .

    توڙي جو پنهنجا اساسا ذري گهٽ هيئنر سڀني سياستدانن ظاهر ڪري ڇڏيا آهن جن ماڻهن کي ڪٿي حيران ڪيو آهي ته ڪٿي پريشان،پر ان باوجود به سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تهاُهي اساسا جيڪي اڃا ڳجه ڳوه ۾ پيل آهن سي ڪڏهن ۽ ڪيئن ظاهر ٿيندا. جتي پاڪستان جو ٻچو ٻچو به ڄمڻ سان 81 هزار رُپين جو قرضي لڳو پيو آهي اُتي جن سياستدانن سرمائيدارن اربين ڪروڙين رُپين جا قرض معاف ڪرائي ڇڏيا انهن کان پڇاڻوٿيندو به يا نه ؟

    گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال مهنگائي جي شرح ۾ ٻيڻ تي اظافو ٿيو آهي ان ڪري ايندڙ سال لاء به

    حڪمران طبقو ڇُريون تيز ڪريو ويٺو آهي،هڪ رپورٽ موجب ايندڙ سال جي شروعاتي ٽن مهينن ۾ عام واهپي جي اگهن ۾ ويتر اظافو ڪيو ويندو

    ان ڪري هاڻي هن ملڪ جي غريب عوام وٽ صرف ٻه ئي رستا بچيا آهن .هڪ رستو آهي مذمت ، ٻيوقرباني جيڪو ٽئڪسن،قرضن ۽ مهنگائين جو ڀار ڊوهندي هو هميشه ڏيندو آيو آهي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏20 فيبروري 2014
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    نهايت ئي توجهه طلب موضع

    حڪرانن کي غريب عواب جي ڪهڙي پرواهه انهن جو ڇا ڪري مري ڪير جئين
    هن ڇا پر هر جمهوري حڪومت ۾ امير امير تر ۽ غريب غيرب تر ٿيندو رهيو آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ها يار غريب ته گهڻو پريشان آهن ... پر حڪومت ڪجهه به ناهي ڪري رهي ... صرف سکڻن اعلانن سان ڇا ٿيندو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا روئڻ پٽڻ سان ڪجھ به نه ٿيندو ، الله پاڪ جي طرفان ڪو اهڙو مرد مجاهد پيدا ٿئي جيڪو نظام کي بدلائي !
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو