اسلام عليڪم منهنجو نالو حامد علي گاڏاهي آهي۔آئون نور شاه ڪاليج جو شاگرد آهيان۔منهنجي رهائش زرعي يونيوورسٽي ڪالوني ٽنڊو ڄام ۾ آهي۔هي سائٽ مون پنهنجي دوست کي استعمال ڪندي ڏٺي مونکي تمام سٺي نظر آئي مونکي ڏاڊي خوشي ٿي۔توهان جو ٿورائتو آهيان مهرباني۔ حامد علي گاڏاهي بلوچ
جواب: جيئي سنڌ & سنڌي عوام سدا جيئي سنڌ ۽ سدا جيئي سنڌي قوم دوست حامد گاڏهي صاحب! ڀلي ڪري آيا، اوهانکي هن اوطاق جا رنگ پسند آيا، اميد ته اوهانکي هن اڱڻ تي کوڙ ساتريون محبتون ملنديون، اوهان ۽ اسين ملي ڪري سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ واري ازم کي يقيني ڪري سگهونٿا ۔۔۔ اوهانجو هن اڱڻ تي اچڻ اسان سڀني دوستن جي خوشنصيبي آهي ۔۔۔ ٽنڊو ڄام ۽ ان سان جڙيل زرعي يونيورسٽيءَ جو جڏهن تصور ايندو آهي ته سنڌ جي حقن واري ويڙه جا اهي جوڌا ياد ايندا آهن، جن زرعي يونويرسٽيءَ مان پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي ۔۔۔ اوهان مان به اهڙيون ئي اميدون آهن ۔۔۔ ڀيرو نه ڀڃندا ۽ پنهنجي ڪاوشن، پسند ۽ ناپسند کان واقف ڪندا رهندا ۽ هن اڱڻ کي سهڻو من مهڻو ٺاهڻ ۾ دوستن جا ٻانهن ٻيلي ٿيندا ۔۔۔ رب العالمين سنڌ کي ڪوسي واءُ کان امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين
جواب: جيئي سنڌ & سنڌي عوام ادا ڀلي ڪري آيا۔ ادا هن سائيٽ جي باري م ٻين دوستن کي به آگاه ڪندا ته نوازش ٿيندي۔
جواب: جيئي سنڌ & سنڌي عوام سـڄڻ ۽ سـاڻيهه، ڪنهــن اڻـــاسيءَ وســــري، حيــــف تنين کـــي هوءِ، وطــــن جـن وساريو۔
جواب: جيئي سنڌ & سنڌي عوام ادا سدا جيئي سنڌ پر دوستو اسان جا ڪجه سنڌي ڀائر اهڙا آهن جيڪي اسان جي قوم کي بدنام ڪري رهيا آهن دوستو انهن کي گهرجي ته پنهنجي دوستن سان ائين نه ڪن۔
جواب: جيئي سنڌ & سنڌي عوام ادا حامد علي گاڏاهي صاحٻ۔۔۔ اوهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئجي ٿو۔۔۔