سنڌ جي ايڊونچرپسند ڇوڪرين ڏانهن خط...!

'مختلف موضوع' فورم ۾ سولنگي فهيم طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2014۔

  1. سولنگي فهيم

    سولنگي فهيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هي خط سنڌ جي انهن نيڪ بخت ايڊونچر پسند ڇوڪرين جي نانءُ آهي، جن گهران ڀڄڻ جو يا ته پڪو پهه ڪري ورتو آهي، يا اڃا دليون هڻي رهيون آهن، هي خط ڪنهن به غيرواسطيدار ڀاءُ يا ڀيڻ کي هٿ اچي ته هن کي پاڻ پڙهڻ بدران اوڙي پاڙي يا شهر ۾ اهڙو ارادو رکندڙ ڇوڪرين تائين هڪ قومي فرض سمجهي پهچائي. اهي ڀينرون جن کي پاڻ تي ڀروسو نه هجي يا اهو خدشو هجي ته سڀاڻي، ٻئي ڏهاڙي ايندڙ مهيني يا ايندڙ سال گهر مان ڀڄڻ جو خيال سندن دل ۾ به پيدا ٿي سگهي ٿو، اهي به هن خط کي احتياطي اپاءَ طور پڙهي سگهن ٿيون.

    خط جي شروع ۾ ئي اهو واضح ڪجي ته سنڌ ۾ ڇوڪرين جي پرڻن بابت کـُلي ڳالهائڻ کي سدائين هڪ Taboo سمجهيو ويو آهي، ڇوڪريءَ جي مائٽن کان سڱ گهرڻ لاءِ به اچبو ته شروعات مام ڀريل انهن لفظن سان ڪبي ته “ سائين، ڀري ٻير کي هر ڪو ڀينڊ هڻي، سو پاڻ به ان سلسلي ۾ آيا آهيون..!” ڇوڪريءَ جي مائٽن کي جواب ڏيڻو هوندو ته چوندا: “پاڻ واري ڪـِڪـِي ته اڃا دلو کڻڻ جهڙي به نه ٿي آهي، ٿي ته پوءِ ڏٺو ويندو.” مام ئي مام ۾ طئي ٿيندڙ انهن معاملن ۾ ڇوڪريون به پٺتي ڪٿي ٿيون رهن..!! رشتو پسند اچڻ جي صورت ۾ چيلهه تي ٻه دلا کڻي مائٽن ۽ مهمانن آڏو گذرندي چئي ڏينديون: “پاڻ ته ٻه ٻه دلا کنيو وڃون، وڌيڪ اٿن مرضي...!!”

    خط جي شروع ۾ اهو به واضح ٿو ڪجي ته اسان اوهان جي گهران ڀڄي نڪرڻ واري بنيادي حق جا نه مخالف آهيون ۽ نه وري اوهان کي ڀڄائيندڙ يا ڀڄائڻ لاءِ اتساهيندڙ سان اسان جي ڪا ذاتي دشمني آهي، هن کليل خط جو مقصد تحفظِ حقوقِ نسوان کي يقيني بڻائڻ جي وت ۽ وس آهر هڪ ننڍڙي ڪوشش کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.

    اوهان گهر مان ڇو ڀڄي رهيا آهيو، ان سوال جي ڪا به اهميت نه آهي، ڇاڪاڻ ته سببن جي اوهان جي والدين کانسواءِ باقي سڄي راڄ کي اڳ ئي خبر آهي....گهر مان ڀڄڻ واري ٽائيمنگ، اسپيڊ، حالتون ۽ جنهن سان اوهان ڀڄي رهيا آهيو يا جيڪو اوهان کي ڀڄائي رهيو آهي، ان تي ڳالهائڻ جي وڏي اهميت به آهي ۽ ضرورت به آهي، سڀ کان پهرين اهو ڏسڻ جي ضرورت آهي ته جيڪو اوهان کي ڀڄائي رهيو آهي يا جنهن سان اوهان ڀڄي رهيا آهيو، ان جي ڀڄڻ جي رفتار ڪيتري آهي. هتي توهان کان وڌيڪ توهان کي ڀڄائيندڙ جي speed وڌيڪ matter ٿي ڪري. ڀڄائيندڙ جي رفتار ايڏي ڍلي به نه هجي جو مائٽن جي مٿان اچي پوڻ جي صورت ۾ توهان کي ڀڄندي ڀڄندي هن کي به گهلڻو پوي، نه وري ڀڄائيندڙ جي رفتارايڏي تيز هجي جو سپاهين آڏو ڊوڙندي ڊوڙندي همراهه اوهان کان به اڳ ڪڍي وڃي ۽ ڪنهن هلندڙ ٽرين، بس، ٽريڪٽر، رڪشا يا هلندي نظر ايندڙ ڪنهن به شيءِ مٿان چڙهي وڃي..!!

    اوهان ڀڄڻ جو ارادو ڪري ئي ورتو آهي ته ڀڄڻ کان اڳ پنهنجي ڀڄائيندڙ جي صلاحيتن ۽ قابليت، جيڪڏهن ڪي اٿس ته انهن جو رڳو جائزو ئي نه وٺو پر آزمائي به ڏسو. پهرين جاچ لهو ته ڪردار جو ڪيترو پختو آهي، ملاقاتن دوران توهان جي خيالن ۽ ڳالهين ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺي ٿو يا توهان ۾....؟ ڳالهين دوران اوچتو دم جي مريض جيان سهڪڻ لڳي يا گدڙ وانگر اکيون ڳاڙهيون ٿي وڃنس ته ان کي عشق جا آثار سمجهڻ جي جذباتي غلطي ڪرڻ بدران سمجهي وڃو ته ڀنگ يا چرس پي آيو آهي.....ڪردار جي وڌيڪ تصديق لاءِ ڪنهن سهيلي يا هڪ جيڏي کان کيس پريم پتر لکرايو يا پاڻ ئي اوڙي پاڙي وارِي بڻجي لکي ڏيو ۽ نتيجا ڏسو، همراهه جون خوشيءَ وچان واڇون ڪنن سان وڃي لڳن ته هڪ ڦلترو سان ڦاسي پوڻ کان بچي وڃڻ جو جشن ملهايو، گهر مان ڀڄڻ وارو شوق پوءِ به برقرار رهي ته نئون اميدوار ڳوليو ۽ ساڳيا تجربا ورجايو...!!

    معلوم ڪيو يا معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو ته پيءُ ماءُ کان به اوچتو وڌيڪ پيارو لڳندڙ اوهان جي خوابن جو شهزادو ارادي ۽ پٺاڙن جو ڪيترو مضبوط آهي. پوليس ۾ ڪو مٽ مائٽ آهي ته ان جون خدمتون حاصل ڪيو، سچو پتر گهرايو، نه ملي ته ڪهوءَ جي لڪڻ يا گهر ۾ ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ ڪتب ايندڙ سونٽيءَ مان به ڪم هلي ويندو. مستحڪم مستقبل جي پڪ خاطر ٿوري دير لاءِ دل به پڪي ڪيو ۽ سندس پٺاڙن تي وسڪارو لائي ڏيو....!! پريميءَ جي وات مان يا ڪٿان به ڪا دانهن نه ڪري ته سمجهي وڃو ته پوليس جي مار به کڻي ويندو، ترسو، اهو سمجهڻ يا خوش ٿيڻ کان اڳ تصديق ضرور ڪيو ته ڇورو سونٽين جي زيپٽ ۾ يا دهشت ۾ ته بيهوش نه ٿيو آهي..!! ٿاڻن ۾ به پيار پرڻن جا اڪثر جوابدار يا ته سچوپتر لڳڻ کان اڳ ئي بيهوش ٿي ويندا آهن يا وري گهڻا “مڙس ماڻهو” يا “ثابت قدم” هوندا آهن ته سچو پتر هڻندڙ سپاهي جو هٿ پڪڙي چوندا آهن: “وڙهو ڇو ٿا ڀائو، ڳالهيون ڪيو نه...!!؟؟”

    جسماني ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجي ڀڄائيندڙ يا ڀڄائڻ جي خواهش رکندڙ تي آخري آزمائشي وار ڪيو، کيس ٻڌايو ته اوهان جو ڀاءُ، سئوٽ ماسات، ماروٽ يا ڪو به اوڙي پاڙي وارو، مڙئي ڪنهن جي مٿان بيهي وڃو ۽ چئو ته هو سندس ڀيڻ کي پسند ڪري ٿو ۽ سندس ڀيڻ به ساڻس پرڻو ڪرڻ چاهي ٿي، پنهنجي مبينا پريميءَ جي ردعمل جو غور سان جائزو وٺو، پنهنجي ڀيڻ جي محبت ڪرڻ واري حق بابت سندس خيال ۽ نظريا معلوم ڪيو، روشن خياليءَ جا واهڙ وهائيندي جيڪڏهن هو پنهنجي ڀيڻ جي پسند جو پرڻو ڪرڻ واري حق جو دفاع ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته پاڻ کي خوشنصيب سمجهو، ان جي ابتڙ مبينا غيرت وچان سندس ڪن يا اکيون ڳاڙهيون ٿي وڃن ۽ اوهان جي سئوٽ، ماسات، ماروٽ يا اوڙي پاڙي وارَي جي شان ۾ يا پنهنجي ڀيڻ لاءِ ڪو گستاخاڻو جملو چوي ته ڪن کان پڪڙي کيس هڪ زوردار چماٽ وهائي ڪڍو ۽ ٻڌايو ته اوهان به ڪنهن جي ڀيڻ، نياڻي يا عزت آهيو..!!

    اوهان کي ڀڄائڻ جي خواهشمند اميدوار جيڪڏهن مٿيون سموريون ٽيسٽون پاس ڪري ورتيون آهن ۽ هاڻي اوهان وٽ گهران نه ڀڄڻ جو ڪو به جواز باقي نه رهيو آهي ته ڀڄڻ کان اڳ پاڻ کان ڪجهه سوال ضرور ڪيو.ڇا اوهان پنهنجي ڀڄڻ واري خواهش يا ڪارڻن بابت پنهنجي پيءُ ماءُ، ڀاءُ يا ڪنهن مٽ مائٽ سان ڪڏهن دل جو حال اوريو آهي، نه اوريو آهي ته ڇو نه اوريو آهي..!!؟ ڇا دڙڪا، ڇڙٻون ۽ مارڪٽ ملڻ جو ڊپ آهي...؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ امڪاني دڙڪن ۽ مارڪٽ کي تارازي جي هڪ پڙ ۾ وجهو ۽ ٻئي پڙ ۾ گهران ڀڄڻ جي امڪاني نتيجن، امڪاني بدنامي، ڌمڪين، خطرن ۽ ڀڄائيندڙ جي ڪنهن به وقت پاڻ ڀڄي وڃڻ واري امڪاني خدشي کي وجهو، هاڻي فيصلو ڪيو ته اوهان پيءُ ماءُ جي مشاورت ۽ راضپي سان گهر مان ڀڄڻ چاهيندا يا بنا اجازت ڀڄڻ وڌيڪ بهتر رهندو...!!؟؟
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    هاهاهاها
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    يار پوري پڪ سان ته ٿو چئي سگهان پر پهريان ڪٿي پڙهيل آهي.. تمام گهڻو مزو آيو وري پڙهي...هههههههههههه
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سڀ سچيون ڳالهيون ،،،، جيڪي سڀ سمجهن ٿا. هن خط کي اڳتي پهچائڻ جو هڪ ڪم ته سنڌ سلامت ڪندي ...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    ساڳي آزمائش جيڪڏهن ڇوڪرا به ڪرن ته ٺيڪ رهندو ڀڃائڻ کان بعد جيڪا نيجا نڪرن ٿا انن کي مون ڏيڻ جي صلاحت ضرور هئڻ گهرجي.
    نه پنهنجي مئٽن جو نقصان ٿئي نه وري ڇوڪري جي مئٽن جو.. پر اهيو اسان جي سوڻي سنڌ سميت پوري دنيا ۾ رهندڙ ماڻهن جو ريواج ڪون آهي ته برداشت ڪن. پيار جو پرڻو پوري دنيا ۾ بدنام آهي
    هي گانو مشهور آهي ته.
    رنجهي منجهيان چرايان 12 سال سال ليلا مجنو دي ديوان ڪئي مثال نووين يه پراڻي ديکو جهڙي بهي زماني عشق والائين دا هويا بورا حال عشق بي پرواه....
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو