دوستو ! ليپ ٽاپ استعمال ڪندي اچانڪ اسڪرين جي روشني بند ٿي وڃي ٿي ۽ اسڪرين تي جڏهن روشني اچي ٿي ته تمام تيز ٿي اچي ۽ هن قسم جو پرابلم اچي ٿو.
محترم سائين ، توهان جي ونڊوز ۾ جيڪو ڊسپلي ڊرائيور ٿيل آهي اهو شايد ونڊوز سپورٽ نه پيو ڪري. يا وري توهان جي اسڪرين ريزوليشن جي سائيز وڌيڪ هوندي... بحر حال مون کي ته ان جي باري ۾ صرف هڪ ئي حل مليو آهي، جيڪو هن لنڪ تي آهي. باقي وڌيڪ محترم رحيم بخش کان ٿا پڇون.
مًحترم سائين ، مون وٽ اهڙي قسم جو اڳ ۾ ايرر نه آيو آهي پر پو به هڪ سافٽويئر توهان کي موڪليان پيو جنهن کي انسٽال ڪريو ۽ نيٽ آن لائن رهو. انشا الله مسئلو حل ٿي ويندو. هن لنڪ تان سافٽوئر ڊائونلوڊ ڪريو. يا وري توهان ڊسپلي ڊرائيور نئين سر انسٽال ڪريو.
توهان مينيوئلي روشني کي گهٽ وڌ ڪيو يعني فنڪشن ڪي کي پريس ڪري پوء روشني وڌائڻ واري بٽڻ کي پريس ڪندا رهو آهستي آهستي ممڪن آهي ته توهان جي مسئلو حل ٿي وڃي.
ڪٿي توهان جو ليپ ٽاپ سيو موڊ تي ته ناهي....؟ ان کي بند ڪرڻ لاء ليپ ٽاپ جي ٻاهريان جيڪي بٽڻ آهن جيڪو سئچ موڊ آهي ان مان سيو موڊ کي ڊس ائبل ڪريو انشاء الله مسئلو حل ٿي ويندو