ڪاپي ڪلچر ۾ ڦاٿل سنڌ ۽ اسان جي ذميواري

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏27 مارچ 2010۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪاپي ڪلچر ۾ ڦاٿل سنڌ ۽ اسان جي ذميواري
    حميرا علواڻي​


    24 مارچ 2010ع کان سڄي سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا امتحان، سنڌ جي پنجن تعليمي بورڊن (ڪراچي، ميرپورخاص، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو) جي نگراني هيٺ شروع ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ اٽڪل هڪ لک 20 هزار ٻار پيپر ڏئي رهيا آهن. نائين ۽ ڏهين جي سالانه امتحانن ۾ پهرين ڏينهن کان ڪاپي جون هزارين شڪايتون اچڻ شروع ٿي ويون آهن، جڏهن ته ڪنهن به امتحاني مرڪز ۾ امتحاني بورڊن طرفان ايڪسٽرنل، انويجيليٽر طور مقرري ڪو نه ٿي آهي ۽ نه ئي ڪاپي ڪلچر جي روڪٿام لاءِ ڪي عملي قدم کنيا ويا آهن. ڪاپي جي روڪٿام لاءِ 16 يا 17 گريڊ جي سينيئر استادن جي ٽيم يا ذميدار ماڻهن تي مشتمل ڪاميٽي مقرر ڪئي وڃي ته جيئن وقت تي امتحاني پيپر جي سيل کولڻ کان وٺي وقت تي شاگردن کان پيپرن جي وصولي ٿي سگهي! امتحاني سينٽرن جي ٻاهران اڪثر سوين ماڻهن جا جٿا موجود هوندا آهن، جن ۾ مٽ مائٽ، دوست، سوال جا جواب وڪرو ڪندڙ، اسڪول انتظاميا ۽ استاد پاڻ به شامل هوندا آهن، في سوال جو جواب 100 رپيا ۽ 1000 رپين ۾ سڄو پيپر حل! هي اسان پنهنجي نئين نسل کي ڪهڙي کوهه ۾ اڇلائي رهيا آهيون؟! محنت کان بچڻ لاءِ سڄي زندگي جو سودو! اهي ٻار جيڪي 9 يا 10 ڪلاس کان غلط طريقن سان امتحان ڏئي short cut ذريعي رشوت عيوض امتحانن ۾ پاس ٿيڻ جا عادي ٿين پيا، اهي زندگي ۾ محنت، جدوجهد، سچائي، خلوص، قرباني يا ڪنهن مقصد لاءِ جاکوڙڻ جي صلاحيت رکندا؟ يا پوءِ زندگي جي هر ميدان ۾ short cut، بي ايماني، خيانت، ڪوڙ يا ٻئي جو حق ماري وقتي ڪاميابي تي يقين رکندا؟!

    امتحانن ۾ ڪاپي جون شڪايتون پرائيوٽ اسڪولن کان وٺي سمورن سرڪاري اسڪولن مان اچن پيون. سنڌ اسيمبلي جي هلندڙ اجلاس ۾ جڏهن ڪنهن پوائنٽ آف آرڊر تي ميٽرڪ جي امتحانن ۾ ٿيندڙ ڪاپي بابت پڇيو ته وزير تعليم جواب ڏنو ته سنڌ جا چار امتحاني تعليمي بورڊ سندن کاتي هيٺ ڪم نٿا ڪن ۽ انهن جو سمورو ڪارهنوار گورنر سنڌ جي هٿن ۾ آهي! جڏهن ته سنڌ اسيمبلي 16 اپريل 2008ع تي پهريون بل سرڪاري طور تي پاس ڪرايو هو، جنهن تحت سنڌ جا تمام تعليمي بورڊ، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص تعليمي بورڊن جا اختيار گورنر کان وٺي سنڌ جي وڏي وزير (جيڪو سنڌ جو چيف ايگزيڪيوٽو آهي) جي حوالي ڪرڻا هئا! جنهن بل ۾ اهو به درج ٿيل آهي ته سنڌ صوبي کي ڇڏي باقي بلوچستان، سرحد، پنجاب، بلڪه گلگت-بلتستان ۾ به تعليمي امتحاني بورڊ صوبائي حڪومت هيٺ ڪم ڪري رهيا آهن!! سنڌ ۾ اهي اختيار 1999ع ۾ سنڌ جي تڏهوڪي تعليم جي وزير ايم اي جليل پنهنجي رضامندي سان گورنر سنڌ جي حوالي ڪيا ۽ گذريل 11 سالن کان سنڌ جا سمورا تعليمي ۽ امتحاني بورڊ سنڌ حڪومت وٽ نه، پر گورنر سنڌ جي نگراني هيٺ هلي رهيا آهن!

    ڪراچي جي شاهه فيصل ڪالوني جي هڪ پرائيوٽ اسڪول ۾ ڪراچي جي ميٽرڪ بورڊ جي زير اهتمام ٿيندڙ امتحان ۾ 70 شاگردن کي ڪاپي ڪندي هڪ پرائيوٽ چئنل پاران ڏيکاريو ويو، ڇاپي دوران استاد پاڻ ڪاپي ڪرائڻ ۾ مصروف هئا! ڇاپي لڳڻ کان پوءِ فوري ڪنهن تنظيم جا هٿياربند پڻ ساڳي اسڪول تي پهچي ويا، اهڙا غير قانوني جعلي امتحاني سينٽر هزارن جي تعداد ۾ هلايا پيا وڃن، هر ڪنهن جعلي امتحاني سينٽر مان اگر 1000 رپيا في پيپر جي حساب سان به وٺن ته هر ڪنهن جعلي امتحاني سينٽر جي ڪمائي لکين رپيا ٿي وڃي ٿي، ان سڄي ڪاروبار ۾ اسڪول مالڪان، بورڊ انتظاميا، استاد، مائٽ ۽ علائقي جون سياسي تنظيمون پڻ ملوث هونديون آهن ۽ جنهن نموني سان سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي، پنجاب سميت ڪٿي به اهڙو مثال نٿو ملي! هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ جي تعليم کي تباهه ڪيو پيو وڃي، ته جيئن سنڌ جا ٻار ڪنهن مقابلي جي امتحانن جا اهل ئي نه رهن. اڄ سنڌ جو ٻار ڪاپي ڪرڻ کي پنهنجو حق ٿو سمجهي، ٻيو ته ڇڏيو پبلڪ سروس ڪميشن کان وٺي تازو ٿيل مختيارڪار ۽ اي ايس آءِ واري امتحانن ۾ پڻ کلي عام ڪتاب کولي ڪاپي ڪرڻ جون رڪارڊ شڪايتون سامهون آيون آهن. سنڌ جي سڀني کان اعليٰ مقابلي جي امتحانن ۾ جنهن نموني ڪاپي ڪئي ۽ ڪرائي ويندي آهي، ان لحاظ کان سنڌ سرڪار ۾ ايندڙ 16 گريڊ کان مٿين گريڊ جي سرڪاري آفيسرن، استادن، ليڪچرارن، ڊاڪٽرن، پوليس آفيسرن، مختيارڪارن سميت ٻين ذميدارن جي ڪهڙي اهل تعداد سنڌ جي خدمت لاءِ سنڌ حڪومت جي انتظامي مشينري ۾ شامل ٿيندي ۽ پوءِ سڄي عمر ميرٽ، اهليت ۽ ايمانداري تحت فيصلا ڪندي يا پوءِ ناجائز طريقن سان ڪرپشن، اقرباپروري، بي ايماني يا پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن سياسي پارٽي جو سهارو وٺندي؟ ڇو جو ميرٽ ۽ اهليت کي ته ڪنهن سفارش جي ضرورت نه هوندي آهي ۽ اهو ته روشن سج وانگر پري کان نظر ايندو آهي!

    هاڻ اگر سنڌ حڪومت ان خلاف ايڪشن وٺڻ چاهي ته ڪيئن وٺي؟ ڇو جو امتحاني بورڊ ته گورنر جي اختيار هيٺ اچن ٿا! جڏهن سنڌ اسيمبلي مان سنڌ جا تمام امتحاني بورڊ سنڌ حڪومت جي ماتحت هجڻ وارو قانون منظور ٿي چڪو آهي ته پوءِ ٻه سال گذرڻ باوجود اهي سنڌ حڪومت حوالي ڇو ڪو نه پيا ڪيا وڃن؟ اگر ڪنهن سرڪاري بل تي گورنر صحيح نٿو ڪري ته سنڌ حڪومت پاران ٻيو ڀيرو ساڳي بل کي قانون ۽ آئين تحت اسيمبلي مان ٻيهر پاس ڪرائي، ٻيهر گورنر ڏانهن موڪلڻ تي، گورنر قانوني طور تي پابند هوندو ته هو ان بل تي صحيح ڪري. سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ ۾ مون امتحانن دوران ڪاپي ڪلچر جي حوالي سان بل جمع ڪرايو آهي، جنهن ۾ ڪاپي ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ تمام ماڻهن کي 6 مهينا جيل ڀيڙو ڪرڻ، ملوث اسڪولن جي رجسٽريشن فوري ختم ڪرڻ کان علاوه سخت اقدامات تجويز ڏنل آهن، جنهن تحت ڪاپي ڪرائيندڙ ۽ ڪندڙ ٻنهي مٿان ڪيس درج ڪيو ويندو! ڪاپي ڪرڻ لاءِ ڪنهن به نموني جو مواد ڪارتوس، حل شده پيپر، آنسر ڪاپي کان علاوه زباني مدد (جنهن ۾ عمومن استاد پاڻ سوال حل ڪرائيندا آهن)، اڄ ڪلهه موبائيل سيٽ تي SMS ذريعي پڻ جواب موڪليا وڃن ٿا! امتحاني حال ۾ موبائل وغيره بلڪل ممنوع هجن، امتحاني ڪاپيون تبديل ٿيڻ، extra sheets حل ڪري ٻاهران کان اچڻ، پيپر ٻاهران کان حل ڪرائيندڙ (چوڪيدارن، پوليس يا پاڻي پياريندڙ ملازمن) خلاف پڻ هن قانون تحت سخت سزائون مختص ٿيل آهن. قانون تحت ڪاپي ۾ ملوث شاگرد کي پڻ ٻن سالن تائين ڪنهن به امتحاني بورڊ مان امتحان ڏيڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويندو، پيپر آئوٽ ڪرائيندڙ ملوث ماڻهن/انتظاميا ۽ بورڊ جي ملوث ماڻهن کي پڻ ابتدائي جاچ کانپوءِ فوري نوڪري مان فارغ ڪيو ويندو. هن بل تحت امتحاني مرڪز ٻاهران 400 ميٽرن تائين ڪنهن به ٻاهرين ماڻهو کي فوري گرفتار ڪري جيل روانو ڪيو ويندو، غير قانوني طور تي دهشت ۽ ڌمڪين ذريعي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندڙ ماڻهن کي امتحاني حال اندر يا ٻاهران فوري گرفتار ڪيو ويندو ۽ ان خلاف اتي ئي ڪارروائي ڪري ايف آءِ آر درج ڪئي ويندي، جعلي امتحاني سينٽر هلائيندڙ اسڪولن جي فوري رجسٽريشن ختم ڪري ملوث اسڪول انتظاميا ۽ مالڪان مٿان پڻ ڪيس درج ڪري اسڪول بند ڪرايو ويندو، ايڊمٽ ڪارڊ ۾ هڪ جي جاءِ تي ٻئي ڪنهن امتحان ڏيندڙ ملوث شاگرد خلاف پڻ قانوني ڪارروائي ڪري ٻن سالن تائين ڪنهن امتحان ۾ ويهڻ ڪو نه ڏنو ويندو، امتحاني بورڊن ۾ هلندڙ ڪرپشن، ڪاپيون بدلائڻ، وڪڻڻ، بورڊ ۾ ڪاپيون اچڻ کانپوءِ بورڊ انتظاميا جي ملوث هجڻ (جيڪو پڻ ڪراچي ۾ عام آهي ته 5 هزار رپين ۾ فيل کي پاس ۽ A-1 گريڊ ۾ اچڻ لاءِ هڪ لک رشوت هلي پئي)، اهڙن سمورن عملن ۾ ملوث بورڊ انتظاميا، جنهن ۾ پڻ هيٺ کان مٿي تائين سڀئي ملوث هوندا آهن، تن کي نوڪري تان فورن برطرف ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو.

    سنڌ جي تعليم کي بچائڻ لاءِ پهريون سخت قدم ڪاپي کي روڪرائي، تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ ميرٽ تي استادن جي ڀرتي تمام گهڻو ضروري آهي. سنڌ جي مستقبل کي بچائڻ لاءِ اسان سڀني کي سجاڳ ٿي ڪوشش ڪرڻي پوندي. پنهنجي ٻارن جي پڙهائي تي توجهه ڏيڻ سان گڏوگڏ استادن سان هر 15 هين ڏينهن ملاقات کان سواءِ ٻارن کي ڪاپي نه ڪرڻ جي ترغيب گهر کان شروع ڪرڻي پوندي. سرڪار کي پڻ نظرثاني ڪري سيمسٽر سسٽم تحت هر 3 مهينن يا 6 مهينا مختصر سليبس مان امتحان وٺڻ، سمورو پرچو آبجيڪٽو ٽائيپ (هر سوال جي 1 مارڪ) ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ طريقي سان ڪاپيون چيڪ ڪرڻ، (جنهن ۾ ڪمپيوٽر پاڻ ڪاپي چيڪ ڪندو) جهڙا جديد طريقا، جيڪي سڄي دنيا ۾ استعمال ٿين پيا، تن کي هتي لاڳو ڪرڻ لاءِ شرط صرف ٻارن جي علم سان سچائي آهي. هن وقت تعليم کاتي کي پنهنجو ڪردار نڀائيندي سڀ کان پهرين سنڌ جي تعليمي بورڊن کي سنڌ حڪومت جي ماتحت ڪري، فوري طور تي ڪاپي کي روڪائڻ جا عملي قدم کڻي، سنڌ جي تعليم ۽ مستقبل کي بچائڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن. سنڌ جي تعليم ۾ بهتري آڻڻ لاءِ اهڙو قدم ضرور لاڀائتو ثابت ٿيندو.


    (روزاني ڪاوش)
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪاپي ڪلچر ۾ ڦاٿل سنڌ ۽ اسان جي ذميواري

    ادا سلطان آ٪ءُ اڄ ئي سوچيان پيو ته ڪيترن ڏينهن کان ڀائڙو گم آهي، الائجي ناراض ته نه ٿي ويو، يار سلطان پاڻ جهونا ماڻهون آهيون، هروڀرو ناراضگي نه ڪندا ڪريو ۔۔۔ باقي جيڪو اڄ اوهان ليک موڪليو آهي، تنهن لئه آءُ ڪجهه نه چوندس، ڇاڪاڻ جي آءُ چوندس ته دوست چوندا ته ڪجهه چوي ٿو ۽ منهنجن خيالن تي بندش جي ڳالهه شروع ٿيندي ۔۔۔ انڪري منهنجي هن هڪ جملي کي ئي منهنجو جواب سمجهندا ۔۔۔ ” رڍ آڏو رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا“

    رب العالمين اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ ۽ اهڙيون چهنڊڙين هڻڻ جهڙا ليک قوم کي جيترو گهڻو ياد ڪرائجن اوترو سٺو ۔۔۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪاپي ڪلچر ۾ ڦاٿل سنڌ ۽ اسان جي ذميواري

    سائين عوامي دور آهي ته اهي عوامي ڳالهيون ته ٿينديون نه۔۔۔
    جڏهن هڪ فرد ۾ ڪا خامي آهي ته ان کي دور ٿيڻ ۾ ٿورو عرصو ٿو لڳي ۽ هن جي جلدي سڌرڻ جا چانس هوندا آهن پر۔۔۔۔۔ جيڪڏهن قومن ۾ گڏيل طور خاميون اچي وڃن ته ورهين جي ڪوشش ۽ ويڙهه کان پوءِ وڃي اصلاح ٿيندي آهي۔۔ پر اسان وٽ انهيءَ نقطي تي ڪير ويچار ڪري۔۔۔ ڪاپي ڪلچر وارن کي ته منهنجي خيال ۾ سزاءِ موت ملڻ گهرجي۔۔ ڇو ته اهي علم جي موت جو ڪارڻ بڻجن ٿا۔۔
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪاپي ڪلچر ۾ ڦاٿل سنڌ ۽ اسان جي ذميواري

    ادا مهرباني اهڙي سٺي ڳاله شيئر ڪرڻ جي
    هونء به محترمه حميرا صاحبه سنڌ لاء اهو درد رکي ٿي ۽ مناسب وقتن تي انهن مسئلن ڏانهن توجه به ڇڪرائن ٿيون مان محترمه علواڻي صاحبه جو ڪو به مضمون ڪوشش ڪري ضرور پڙهندو آيان
    ته ادا مسئلو اهو آهي ته اسان جا ماستر ۽ انهن جا به ماستر ڪٿي ڪٿي ئي جڏهن ڪاپي تي پاس ۽ گوسڙو گهر ويٺي پگهارون کائن ۽ شوق سان ٻارن کي ڪاپي ڪرائن ته پوء شاگردن کي ڪٿي پڙهائيندا ۽ اهو معاشرو ڪيئن وجود ۾ ايندو اندازو لڳائي سگهجي ٿو
     
  5. شبير جتوئي

    شبير جتوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايگزيڪيوٽو آفيسر مهران شگر ملز ليميٽڊ ٽنڊو الهيار
    ماڳ:
    ٽنڊو مستي، خير پور ميرس
    جواب: ڪاپي ڪلچر ۾ ڦاٿل سنڌ ۽ اسان جي ذميواري

    ادا حقيقت ۾ تعليم جي تباهي جا ذميوار استاد، والدين ۽ تليم کاتي وارا آهن۔ اسان اهو چئي پنهجي پاڻ کي ذميوارين کان آ جو نه ڪيون ته يار گورنمنٽ اسڪولن ۾ تعليم نه آهي۔ يا استاد نٿا پڙهائن۔ تعليم ئي غريبن لا ء واحد هٿيار آهي، جنهن جي ذريعي هو هن دنيا ۾ مان مرتبو حاصل ڪري سگهن ٿا۔ ان جي لاء وس وارن کي عرض آهي ته ڪاپي ڪلچر جي خاتمي لاء ڪوششون ڪن۔
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڪاپي ڪلچر ۾ ڦاٿل سنڌ ۽ اسان جي ذميواري

    سڀني دوستن سٺا ويچار ونڊيا آهن الله ڪري ائين ٿئي اسان وٽ رڳو مائوس خراب نه آهي پر ڪي بورڊ به صحيح ڪم نه ٿو ڪري پروسيسر به هينگنگ پرابلم ۾ ڦاٿل آهي ريم به فيل آهي ليڪن مڌر بورڊ جو به حال ڪونهي ته پوء ڪمپيوٽر ڪم ڪري ته ڪيئن ڪري؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو