• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت

عبدالحڪيم پلھ

سينيئر رڪن
سائين منهنجا اسلام عليڪم...
سنڌ سلامت
منهنجو نالو عبدالحڪيم آهي. ذات جو پلھ آهيان، ادب سان منهنجو رشتو اديبن جهڙو ته ڪونهي پر لکڻ جي تمام گهڻو شوق رهيو آهي بس اخبارن ۾ ٿورو گھڻو لکندو رهيو آهيان. هاءِ اسڪول ۾ اچڻ کانپوءِ منهنجي سنگت ڪتابن سان ٿي وئي هئي ان جو سبب منهنجا دوست، استاد عثمان ۽ حافظ نبن ميرانپوري هئا. استاد عثمان ۽ مونکي ڪتاب خريدڻ جوبه شوق هوندو آهي استاد اڄ به ڪنهن وڏي شهر ڏانهن ويندو ته ڪتاب ضرور خريد ڪندو.

ٽيڪنيڪل ڪاليج نواب شاه ۾ پڙهڻ دوران ادبي گڏجاڻين ۾ وڃڻ جو موقعو مليو. انهن ڏينهن ۾ هڪ دفعي آءُ حيدرآباد پنهنجي مامي استاد محمد خان سان ملڻ ويس ته هن به مونکي تعليم سان گڏو گڏ پمهمجي احساسن کي لفظن جو ويس پارائي اخبار ۾ لکڻ لاءِ همٿايو. استاد پاڻ به ادب دوست ۽ ادب پرور قسم جو ماڻهو هو. ائين يونورسٽي ۾ به ادبي سرگرميون پيون هلنديون هيون. محترم استادن جي همٿ افزائيءَ مون ۾ حوصلو پيدا ڪيو ۽ مان ادبي کيتر ۾ قدم اڳتي وڌايا.
لکڻ سان چاه اٿم، ڀرپور ڪوشش ڪنداسين اميد ته دوست به ساٿ ڏيندا. انشاءَالله
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ادا توهان کي سنڌ سلامت اچڻ تي ڀليڪار ڪجي ٿو پنهنجو مڪمل تعارف ڪرايو......... تعليم ، ڪم وغيره

577462_587184274684636_1359018999_n.jpg
 
ادا پلهه صاحب اوهان کي سهڻي اڱڻ تي ڀليڪار ڪجي ٿي.

هي به اوهان جو پنهنجو فورم آهي، هتان جو لکڻيون به اخبارن جي زينت بڻبيون آهن. اميد ته اوهان جا ليک پرهڻ لاء ملندا رهندا ۽ انهن تي پنهنجا ويچار به ونڊبا. هڪ دفعو وري ڀليڪار.

سدا خوش هجو ... سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top