بيوقوف جي هٿ ۾ لٺ ڏجان...

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2014۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [​IMG]

    هڪ ڏينهن حضرت بهلول دانا رح سان وقت جي خليفي ۽ سندس سوٽ هارون رشيد جي ملاقات ان حالت ۾ ٿي جو خليفي جي هٿ ۾ هڪ لڪڻ يا لٺ هئي. ماڻهو حضرت بهلول دانا کي ديوانو يا مجزوب سڏيندا هئا پر خليفو مائٽ هجڻ جي ڪري حضرت بهلول دانا رح جي دانائي کان ڪجهه قدر واقف هو.
    خليفي پنهنجي اها لٺ مزاح جي طور بهلول دانا کي ڏني ۽ چيائين: ”بهلول! هي منهنجي طرفان وٺ ۽ خيال سان پاڻ وٽ سنڀالي رک، اها لٺ اهڙي ماڻهو کي ڏجان جيڪو توکي پاڻ کان وڌيڪ بيوقوف نظر اچي.“
    بهلول اها لٺ سنجيدگيءَ سان ورتي ۽ خاموشيءَ سان پنهنجي رستي سان روانو ٿيو.
    ڪجهه ڏينهن کان بعد خليفو تمام گهڻو بيمار ٿي پيو ۽ حڪيمن مطابق خليفي جي بچڻ جي اميد صفا گهٽ هئي. بهلول دانا به خليفي جي طبيعت پڇڻ لاءِ پهتو.
    سلام جي بعد پڇيائينس : ”اي خليفا ! ڇا حال اٿئي“
    خليفي وراڻيو: ”ڪهڙا حال بهلول! ڏسين ٿو بيماريءَ جي آخري مرحلي ۾ آهيان، اڳيان وڏو سخت سفر درپيش آهي.“
    بهلول: ”ڪهڙو سفر جنابِ خليفا؟“
    خليفو: ”آخرت جو سفر، جيڪو هر ڪنهن کي ڪرڻو آهي“
    حضرت بهلول دانا سادگيءَ سان پڇيو: ”پوءِ سائين ڀلا ان سفر تان واپسي ڪڏهن ٿيندي؟“
    خليفي وراڻيو: ”وڏو عجيب ماڻهو آهين بهلول، ڀلا آخرت جي سفر تان به ڪير واپس وريو آهي؟“
    بهلول ساڳئي لهجي ۾ چيو: ”ڀلا واپس نه ورندو ته اڳتي ڪيترا حفاظتي دستا موڪليا اٿوَ، ڪير ڪير اوهان سان گڏ هلندو؟“
    خليفي بي وسيءَ سان وراڻيو: ”هن سفر تي ڪير گڏ نه هلندو آهي ۽ خالي هٿين وڃي رهيو آهيان بهلول..“
    بهلول وراڻيو: ”اڇا.. ! ايڏو وڏو سفر ۽ ڪو به مددگار ناهي، جيڪڏهن توهان سان ڪير به گڏ نه هلندو ۽ توهان وٽ ڪا شئي به ناهي ته پوءِ هي وٺو اوهان جي امانت اوهان جي اها لٺ“ اهو چئي بهلول بغل مان خليفي جي لٺ ڪڍي خليفي کي واپس ڏني...
    بهلول وڌيڪ اڳتي ڳالهايو: ”توهان مون کي اها لٺ ان لاءِ ڏني هئي ته پاڻ کان وڏي ڪنهن بيوقوف کي ڏجان، هن وقت مون کي اوهان کان وڏو ڪو بيوقوف نه ٿو سجهي. مون کي حيرت آهي اوهان تي ، اوهان ڪنهن به ننڍي سفر تي ويندا هئا ته ڪيترائي هفتا پهرين ان جي تياري ڪري ڇڏيندا هئا،حفاظتي دستا اڳتي موڪليندا هئا، ڪيترو لشڪر هيبت سان گڏ اوهان سان همرڪاب هوندو هئو“
    ”پر هاڻي جڏهن ڳالهه آهي ايڏي وڏي سفر جي، جنهن مان واپسي به ممڪن ناهي، اوهان ڪابه تياري نه ڪئي. بس اوهان کي ئي هاڻي هن لٺ جي ضرورت آهي، مون جي نظر ۾ اوهان جهڙو ٻيو ڪو بيوقوف ناهي“
    اهو چئي بهلول دانا رح روانو ٿيو ۽ خليفي جي لاءِ هڪ سوچ جو وهڪرو ڇڏي ويو...
    ان ملاقات بعد خليفو ٻيهر تندرست ٿي ويو..

    مست
    سنڌسلامت ڊاٽ ڪام

    نوٽ: حضرت بهلول دانا رح جي متعلق اڳ ۾ به هڪ حڪايت (لفظ ۽ لهجو نصيب ٺاهين ٿا) پوسٽ ڪري چڪو آهيان.
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
    تمام سٺي نصيحت آهي. الله تعالى اسان کي ان سفر ۾ ڪاميابي عطا فرمائي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺيون حڪايتون ... مان اوهان جي پهرين پوسٽ (لفظ ۽ لهجو نصيب ٺاهين ٿا) فيسبوڪ تي شيئر ڪئي هئي، جنهن کي تمام گهڻي موٽ ملي هئي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو