• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪامپيوٽر جي هاڃيڪار رٿا (COMPUTER MALWARE).... تحقيقي دستاويز (RESEARCH PAPER)

Dr. Asif Jamal Charan

سينيئر رڪن
پيارا ساٿاريو…

پنهنجي 2 مهينن جي غير حاضري لاءِ معذرت ڪندي اهو عرض اڳيان رکان ٿو ته منهنجي غير حاضري جو سبب منهنجو هي تحقيقاتي دستاويز آهي جنهن جي ترتيب ڏيڻ ۽ توهان تائين پهچائڻ ۾ مونکي ايترو وقت لڳي ويو آهي. اصل ۾ هي دستاويز هڪ سنڌي اخبار وسيلي توهان تائين پهچائڻ ٿي گهريم پر اڄ ڪالھ گهڻو ڪري اخبار وارن دوستن کي علمي مواد جي بدران غير علمي مواد کي ڇاپڻ جو وڌيڪ شوق آهي سو پاڻ مونکي ٻه مهينا انتظار ته ڪرائيندا رهيا پر نه هي علمي ڪاوش نه ڇاپي نه ڇاپين. خير ! پوءِ سوچيم ته جنهن جي ڪو نه ٻڌندو آهي سو تنهنجي سنڌ سلامت وارا ٻڌندا آهن سو پوءِ توهان تائين پنهنجي هي ننڌڙي ڪاوش پهچائڻ لاءِ هن پليٽ فارم ڏانهن نهاريو اٿم ، شال قبول پوي...

اڄ تائين ڪامپيوٽر جي تمام موضوعن تي وڏا وڏا بحث ٿيندا رهيا آهن پر جنهن موضوع کي وڌ کان وڌ ٻڌو، ٻڌايو يا پڙهيو ويندو آهي سو آهي ” هاڃيڪار رٿا “ Computer Malware جنهن کي عام اصطلاح ۾ ڪامپيوٽر وائرس Computer Virus به چيو ويندو آهي. هن تحقيق وسيلي مون ان ڳالھ کي جامع لفظن ۾ ثابت ڪرڻ جي هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي ته هاڃيڪار رٿا جو مطلب Computer Malware آهي نه جو Computer Virus (جيڪا دراصل پاڻ هن سلسلي جي هڪ شاخ آهي). تنهن کان سواءِ ڪامپيوٽر هاڃيڪار رٿا جا مختلف قسم Types ۽ انهن جون شاخون توڙي ان واري ۾ ايندڙ هاڃيڪار رٿائن جا نالا به تفصيل ساڻ لکيا اٿم ته جيئن توهان کي هن موضوع جي جامع ڄاڻ ملي وڃي.

الله سائين منهنجي هن پورهئي کي قبول ڪري... آمين

دعا جي لاءِ التماس...

والسلام
آرٽيڪل پڙهڻ لاءِ هتي موجود آهي


ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
 
ماشالله تمام سٺي ناموني ڄاڻ ڏنل آهي. وقعي ۾ منهنجي حساب سان ٻه مينهنجا گهٽ ٽائيم آهي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ ان کي ڊزائين ڪري پيش ڪرڻ
 
<iframe src="" width="640" height="480"></iframe>
سائين اڪبر شر صاحب توهان پنهنجي ڏنل اسڪرين جي سائيز درست ڪيو جو سڀ سٺي نموني پڙهي سگهن ... هن وقت ان ۾ ڪو ايرر اچي رهيو آهي جيڪو آرٽيڪل جي سونهن کي ئي وڃائي رهيو آهي. لک لائق...
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سائين اڪبر شر صاحب توهان پنهنجي ڏنل اسڪرين جي سائيز درست ڪيو جو سڀ سٺي نموني پڙهي سگهن ... هن وقت ان ۾ ڪو ايرر اچي رهيو آهي جيڪو آرٽيڪل جي سونهن کي ئي وڃائي رهيو آهي. لک لائق...
ٺيڪ آهي سائين مون پنهنجي پوسٽ ختم ڪري ورتي آهي
 
Back
Top