هڪ ڀيري وتايو فقير ڪنهن شادي ۾ شريڪ ٿيو، نڪاح پڙهائڻ کان پو سڀني وتائي فقير کي کارڪون ورهائڻ لا چيو. ته فقير پُڇيو . ورڇ ڪهڙي ڪريان ؟ خدا واري يا انسانن واري ؟ ته ماڻهن چيو فقير خدا واري ورڇ ڪر. [/IMG] وتائي فقير کارڪون ورهائڻ شروع ڪيون ڪنهن کي گهٽ ٿي ڏنائي ته ڪنهن کي ٻُڪ ڀري ٿي ڏنائين ۽ ائين ئي کارڪون ختم ٿي ويون گهڻا ئي ماڻهون رهجي ويا جن کي کارڪون مليون ئي ڪونه. ماڻهن پُڇيس ته : فقير الاهي ماڻهون رهجي ويا آهن هي تو ڪيئن ونڊ ڪئي آهي ؟ وتايو: توهان ئي چيو ته خدا واري ورڇ ڪر... خدا ته ڪنهن کي گهڻو ڏيندو آهي ، ڪنهن کي ٿورو ۽ ڪنهن کي سِڪائيندو آهي......
محترم، مونکي اڳ ۾ سبق آموز سيڪشن جي ڄاڻ نه هئي. هاڻ ان حڪايت کي سبق آموز ۾ لکيو اٿم.. ڄاڻ ڏيڻ جي مهرباني