هُن کي پنهنجي فلائيٽ تي پهچڻ جي تمام جلدي هئي، شهر جي ٽريفڪ کي نظر ۾ رکندي هو فلائيٽ جي ٽائيم کان 2 ڪلاڪ اڳ ۾ گهران نڪري آئي. تڪڙ ۾ نڪرڻ جي ڪري هو پنهنجي لاءِ ناشتو به تيار نه ڪري سگهي هئي. ايئرپورٽ لائونچ ۾ پهچندي هُن سک جو ساهه کنيو. فلائيٽ ۾ اڃان منو ڪلاڪ کن وقت بچيل هو. وقت پورو ڪرڻ لاءِ هو لائونچ ۾ اچي سيٽ تي ويٺي پر کيس بک محسوس ٿي، کيس ياد آيو ته هن صبح هڪ بسڪٽن جو رول به پنهنجي ننڍڙي پرس ۾ رکيو آهي، پر ان سان گڏ ٻيو به ڪجهه هجڻ گهرجي، ان ڪري هن ايئرپورٽ جي ٽَڪ شاپ تان جوس پڻ خريد ڪيو. واپس اچي هو سيٽ تي ويٺي ۽ رستي تي ورتل اخبار پڙهڻ شروع ڪيائين. هُن بسڪٽ کائڻ لاءِ هٿ وڌايو پر کيس حيرت ٿي جڏهن ڀرسان واري سيٽ تي ويٺل شخص به ٽيبل تي پيل بسڪٽن جي رول مان هڪ بسڪٽ کڻي کاڌو. کيس ڏاڍي ڪاوڙ آئي. دل ۾ سوچڻ لڳي، وڏو واهيات شخص آهي، منهنجي بسڪٽ کڻڻ کان اڳ ۾ مون کان پڇي به نه ٿو، خير هڪ بسڪٽ جو خير آهي، اهو سوچي هن ٻيو بسڪٽ کنيو پر کيس وڌيڪ حيرت ٿي ۽ ڪاوڙ جو پارو به وڌي ويو جڏهن ان شخص ٻيو بسڪٽ کنيو. اخبار هاڻي سندس اڳيان سرسري طور هئي، هاڻي کيس ان شخص تي ايتري ڪاوڙ هئي، وس پڄيس ته ان شخص جي وارن کان پٽي کيس پڇي ته توکي نڪ نالي ڪا شئي آهي؟ صفا بي نڪو آهين.. هاڻي رول ۾ آخري بسڪٽ وڃي بچيو، کيس تجسس ٿي پيو ته هاڻي اهو آخري بسڪٽ به ته ڪاٿي اهو شخص کائي نه وٺي... اڃان هو ان ئي سوچ ۾ هئي ته ان شخص ان آخري بسڪٽ کي به کنيو، پر وري ان بسڪٽ جو اڌ حصو ڪري اتي رکيو.. کيس ان ۾ پنهنجي بي عزتي محسوس ٿي ۽ ان شخص کي اهو محسوس ڪرائڻ لاءِ ته اهو عمل کيس خراب لڳو آهي، هُو پنهنجو منهن گهنجائي زور سان پنهنجي سينڊل کي زمين تي کڙڪائي اُٿي. سندس ورتل جوس جيئن جو تيئن سندس هٿ ۾ هو... الا! دنيا ۾ ڪهڙا ته بي حيا ماڻهو موجود آهن، جو ٻين جي شيئن کي کائيندي دير نه ٿا ڪن، سو به بنا پڇڻ جي، ايئن ئي پنهنجي پاڻ سان ڳالهائيندي هاڻي هو جهاز ۾ ويهي چڪي هئي، جڏهن سندس ڪاوڙ ڪجهه جهڪي ٿي ته پنهنجي سامان کي سنڀالڻ لڳي، ٽڪيٽ ڏسڻ لاءِ جڏهن هن پنهجي پرس کي کوليو ته سندس اکيون ڦاٽل رهجي ويون.. سندس بسڪيٽ جو رول سندس پرس ۾ ئي پيل هو، ”مطلب ! مان جنهن شخص تي ايتري ڪاوڙ پئي ڪيان، اصل ۾ ان جي ئي بسڪيٽن تي هٿ صاف ڪري آيس.. “ اهو ڏسڻ سان هو ڏاڍي پڇتائڻ لڳي، دل چويس پئي جيڪڏهن زمين جاءِ ڏيئي ته اندر هلي وڃان... نه نه هي ته جهاز آهي، زمين ڪٿان آئي.. “ اهو سوچي سوچي هاڻ هو بس پاڻ تي ئي ڪاوڙ ڪرڻ لڳي... کيس اندازو هو ته هو ڪجهه دير پهرين جيڪو ڪجهه اُن شخص لاءِ سوچي رهئي هئي هاڻي هُو ئي سندس باري ۾ اهو ڪجهه سوچيندو هوندو. هي ته هئي هڪ ننڍڙي ڪهاڻي جيڪا زندگيءَ ۾ هر ڪنهن سان پيش اچي ٿي، تڪڙ تڪڙ ۾ بنا ڪجهه سوچڻ سمجهڻ جي اسان ٻين تي ڪاوڙ ڪرڻ لڳون ٿا، سمجهون ٿا ته شايد هو اسان جو حق کائي ويٺا آهن، اسان سان صحيح نه ٿا پيش اچن، پر ڇا اسان پاڻ تي غور ڪيو آهي ته اسان ڇا پيا ڪيون، ڪاٿي غلطي اسان کان ته نه پئي ٿئي. (اسد حسيني) مست سنڌسلامت ڊاٽ ڪام
مست سائين اڄڪلهه ماڻهن سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي .... نه نه سوچڻ ته ڪونه ڇڏيو اٿن پر صرف پاڻ لاء ٿا سوچين ....