• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بلاگ نئين اي ميل تي منتقل ڪيئن ڪجي ؟

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
السلام عليڪم .
مونکي منهنجي بلاگ جي ايميل آ ڊي چينج ڪرڻي آهي. ڪافي ڪوشش ڪيم پر نه ٿيو. آئون چاهيان ٿو ته منهنجو بلاگ پراڻي ايميل بجا نئين ٺاهيل اي ميل تي کُلي ۽ اپڊيٽ به نئين ايميل تان ڪريان.

محترم رحيم بخش فاروق سومرو سجاد علي چنا سميت سڀني دوستن کي عرض آهي ته منهنجي مدد ڪن.
۽ جناب مست کي به گذارش ٿو ڪريان
 
هيٺ ڏنل طريقي کي ڏسي تبديلي ڪريو.
2hzgv1e.jpg

ياد رکڻ گهرجي ته توهان بلاگ تي صرف پوسٽ موڪلڻ يا دليٽ ڪرڻ جو اختيار آهي.باقي ٻيا اختيار نه هوندا.
 
پراڻي اي ميل تان موڪليل دعوتنامون (invitation) کي جڏهن نئين اي ميل طرفان تسليم (accept) ڪيو ويندو ته پراڻي اي ميل تان بلاگ اسپاٽ تي لاگ ان ٿي اجازت نامه (permissions) تان نئين رڪن کي Auther (صرف پوسٽ ڪرڻ ۽ ڊليٽ ڪرڻ جا اختيار رکندڙ) مان Admin (مڪمل انتظامي اختيار رکندڙ) بڻائي سگهجي ٿو .. جنهن کان پوءِ نئين اي ميل تان بلاگ اسپاٽ تي لاگ ان ٿي انتظامي اختيارن کي استعمال ڪندي permission سيڪشن منجهان چاهيو ته پراڻي اي ميل واري بلاگر کي ختم ڪري سگهجي ٿو...

jKOsg6FSJzGKX.png


جيڪڏهن ڳالهه اڃان به سمجهه نه اچي ته هي وڊيو ڏسو.. ;)

 
ذيشان سائين مهرباني لک قرب.
توهان جي ڏسيل طريقي تي هلندي مون بلاگ کي نئين اي ميل تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. لک قرب
 
Back
Top