اڄ هنن جي شاديءَ جي پنجاهين سالگرهه هئي، ٻئي تمام گهڻو خوش هئا، سندن اولاد به تمام گهڻي خوش، پاڙيوارا ته اڃان گهڻو خوش هيا، ڇو ته انهن جي لاءِ هنن زال مڙسن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مثال ٿي سگهي ٿو. ڪڏهن به انهن ٻنهيءَ جي جهيڙي جو آواز ڪنهن کي ٻڌڻ ۾ نه آيو. ڪامياب زندگيءَ جو راز ڄاڻڻ لاءِ نيٺ پاڙي جي مردن اچي پوڙهي کي ورايو، ”چاچا ! ڀلا ڏي خبر، اسان ته پرڻيلن کي هڪ ٻئي سان سدائين وڙهندي ڏٺو آهي، اوهان جي ڪامياب زندگيءَ جو راز ڇا ۾ آهي،؟“ پوڙهو مسڪرائڻ لڳو: ”اسان شاديءَ جي پهرئين سال هڪ معاهدو ڪري ڇڏيو هو ۽ اڄ تائين ان تي عمل ڪندا آيا آهيون، جنهن جي ڪري ٻنهيءَ ۾ اڄ تائين جهيڙو نه ٿيو آهي“ هڪ پاڙي واري سڀني جي ترجماني واري انداز ۾ پڇيو: ”ڪهڙو معاهدو ، ڪجهه اسان کي به ته ٻڌاءِ جهونا.؟؟“ معاهدو هي آهي ته ”ڏينهن جي پهرئين حصي ۾ هُو پنهنجي مرضي هلائيندي آهي، ۽ ڏينهن جي ٻئي حصي ۾ مان سندس مرضيءَ تي هلندو آهيان..“ حاصل مطلب ته مرضي وري به زال جي هلندي آهي....