ڪينيڊا ۾ هڪ اهڙي گاڏي تيار ڪئي ويئي آهي جيڪا برف پاڻي ۽ سڪيءَ تي زُوزاٽ ڪندي وڃي ٿي ڪينيڊا جي انجنيئرن هن منفرد گاڏيءَ کي تيار ڪيو آهي جيڪا پنهنجي ظاهري گهاڙيٽي جي ڪري پاڻي ۾ ترڻ سان گڏ ڪناري ۽ برف تي به بنا ڪنهن ڏکيائي جي ڊوڙي ٿي هن ۾ هڪ ئي وقت ٽي ماڻهو آسانيءَ سان سوار ٿي سگهن ٿا.