سنڌي مُهنجي ٻولي اصلي ٻولي اصلي ا ب ٻ پ ڀ ت ٺ ٽ ث ٿ ف ڦ سان نه ڪه اڙدو جيان خيمن جي ٻولي

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏23 فيبروري 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌي مُهنجي ٻولي اصلي ٻولي اصلي ا ب ٻ پ ڀ ت ٺ ٽ ث ٿ ف ڦ سان نه ڪه اڙدو جيان خيمن جي ٻولي
    [​IMG]
    قومي ٻوليءَ جي حفاطت ۽ ڏهاڙي تي الاهي دوستن سنڌي ٻوليءَ سان وفا جو قسم کنيو آهي ۽ قومي ٻوليءَ جا بينر، پينا فيڪس وغيره به خوبصورت اندازن ۾ پکيڙي رهيا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ تڏنهن کان انتشار ان ڪري به پئجي ويو آهي جو ٻوليءَ ۾ گهڻا اسڪرپٽ وُجود ۾ آندا پيا وڃن جڏنهن ته هن ٻوليءَ جي سنڌي اوريجنل سنڌي اسڪرپٽ جيڪو هتي ڏيکاريو ويو آهي کي انتهائي سائنسي طريقي سان ڊزائين ڪيو ويو آهي جنهن کان بهتر سنڌي ٻوليءَ جي انن اکرن کي پيش ڪرڻ جي ٻي ڪا بهترين ترتيب نٿي ٿي سگهي. ٻوليءَ سان حقيقي مُحبت ڪندڙن کي عرض ته ڀلي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڌاريان لفظ وجهي هُن جا ٻيا اسڪرپٽ ٺاهيو پر هن جي اصلي ترتيب هرگز نظر انداز نه ڪيو، جي توهان هن معمولي ترتيب کي نظر انداز ڪندا ته اڳتي هلي ٻوليءَ جي حفاظت خاڪ ڪري سگهندا.
    اچو ته ڏسون ته جنهن مُحترم انگريز صاحب هن عربي رسم الخط ۾ سنڌي الفا بيٽ لکي هُئي اُن ۾ هُن ڪهڙيون جاميٽريءِ جو رمضون استعمال ڪيو هُيون. جيڪي جُذ ههن استعمال ڪيا اُنهن جي ترتيب ٽٻڪن، ٿالهين، ڪنڊن اُڀي، ترکي، سڌي لائينن سان ترتيب ڏني. شڪل مان واضح آهي. ا (الف انب) پهرئين عمودي لائين، پوءِ هڪ ٿالهي وڇائي ان جي هيٺان ٽٻڪن جي ترتيب جهڙوڪ (ب) بي بلان ، (ٻ) ٻي ٻڪري ٻه ٽٻڪا، (پ) پي پلو ، ٽي ٽُٻڪا ۽ (ڀ) ڀي ڀولڙو چار ٽٻڪا . ساڳيءَ ٿالهيءَ کي وڇائي پوءِ وري مٿان ٽٻڪن جي ترتيب ڏني وئي (ت، ٺ ، ٽ، ث، ٿ). مهرباني ڪري پنهنجي بينرن ۽ پينافڪس ۾ پٽيءَ جي ترتيب به ائي صحيح ڪري لکو ۽ سنڌي ٻوليءَ جوي حفاظت ڪريو. جن دوستن به نادانيءَ ۾ سنڌي الفا بيٽ جي ترتيب تبديل ڪري پيش ڪئي آهي يا پنهنجن پنهنجن اسڪولن ۾ پڙهائين پيا يا جن به سنڌي ڪتاب غلط الفا بيٽس سان لکي سنڌي پرائمري شاگردن جي ذهنن کي تبديل ڪرايو آهي اُهي جي سچا قوم پرست ۽ ٻوليءَ جا عاشق آهن ته اصلي سنڌي الفا بيٽس، اصلي سنڌي شاعري يا ادب لکن ۽ سنڌي خالص مُهاورا ۽ ڳُجهارتون ئي پيش ڪن. ياد رهي ته اسانجي ٻولي سنڌي، اڙدو ٻوليءَ وانگر خيمن يا لشڪرن جي ٻولي ناهي جنهن ۾ گهڻن زبانن کي وجهي پروان چڙهايو پيو وڃي پر هي هڪ 5000 سالن جي تهذيب رکندڙن جي ٻولي آهي جنهن جا مالڪ موجود آهن ۽ جيڪا علم جي ادارن ۾ وڌي جوان ٿي آهي نه ڪي بي مالڪ بي گهر اُڙدوءَ جيان خيمن يا لشڪرن ۾ پروان ٿيندڙ نڌڻڪي ٻولي. جنهن جو مالڪ هرڪو ٿي سگهي ٿو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اچو ته پنهنجي اصلي صورتختي، ٻولي ۽ ثقافت جي حفاظت ڪريون جنهن جا کاٽي ٻيا نه پر پنهنجا ئي بي سمجهه ماڻهون آهن جيڪي بغير محنت ۽ تحقيق جي اثر رسوخ هُئڻ ڪري اڳتي وڌي نانءُ ڪمائڻ ۾ لڳل آهن ۽ ڄاڻي اڻ ڄاڻي ۾ انا ۾ مُنجهي اسانجي سنڌي صورتختي، ٻولي ، سگهڙپون، ڳُجهارتون، تهذيب ، تمدن داءَ تي لڳائي رهيا آهن. اچو ته پهرئين انهن جو احتصاب ڪري سنڌي صورتختي ، ٻولي، تحزيب، تمدن، مهمان نوازي، رک رکاءَ بچايون ڇو جو )گهر ڪا ڀيدي لنڪا ڍائي) ۽ اسلام کي به 73 فرقن ۾ ائين ئي ورهايو ويو.
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    دوستئو سنڌي ٻوليءَ جي حفاظت تڏنهن ٿيندي جڏنهن ان جي اصلي حالت برقرار رکرائبي، واکاڻ کان وڌيڪ هن جي ترتيب اهم آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو