حڪومت طالبان ڳالهيون، فيصلائتي قدم جي گهڙي. سرمد قريشي قيام پاڪستان کان پوء پاڪستاني عوام کي پهريون آئين 1956 ۾ ڏنو ويو،جنهن جو نفاذ 23 مارچ 1956 ۾ عمل هيٺ آيو.جنهن ۾ پاڪستاني رياست کي اسلامي جهموريه جو درجو ڏنو ويو.جنهن جون ڪجه اهم اسلامي شڪون بيان ڪجن ٿيون.ـــ ملڪ جو نالو اسلامي جهموريه پاڪستان هوندو ۽ ان ۾ نظام اسلام جو نفاذ عمل ۾ آندو ويندو.ــــ اسلامي جهموريه پاڪستان ۾ اقتدار اعليه يا حاڪميت صرف ذات باري تعاله جي هوندي.ــــ مسلمانن کي پنهنجون زندگيون اسلامي تعليمات جي مطابق گذارڻ لاء مڪمل سهولتون ڏنيون وينديون ۽ ملڪ ۾ هر قانون قران ۽ سنت جي روشني ۾ بڻايو ويندو.ــــ غير مسلم (اقليتن) کي مذهبي آزادي ۽ ٻيا حق ڏنا ويندا.1956 وارو اهو آئين صرف اڊائي سال ئي نافظ العمل رهيو.جنهن تي به دلي طور ڪو به عمل نه ٿيو،ان کان پوء آمر جنرل ايوب خان جي دور ۾ هڪ نئون آئين تشڪيل ڏنو ويو جيڪو 1962 واري آئين جي نالي سان موسوم آهي.هن آئين جون ڪجه اهم اسلامي شڪون هن ريت آهن.ـــ اقتدار اعله الله سائين کي حاصل هوندو عوام انهن اختيارن کي قران ۽ سنت جي مقرر حدن ۾ ئي رهي ڪري استعمال ڪنديــــ ملڪ جو نالو اسلامي جهموريه پاڪستان هوندوـــ سربراه مملڪت مسلمان هوندو.ـــ اسلامي نظرياتي ڪونسل جو قيام عمل ۾ آندو ويندو.ـــ مذهبي اقليتن جي حفاظت ڪئي ويندي.ــــ وياج جو ڪاروبار ختم ڪيو ويندوــــ ملڪ ۾ شراب جوا ۽ عصمت فروشي تي پابندي هوندي.1962 وارو هي آئين به ڪجه ئي عرصو يعني پوڻا 7 سال نافظ العمل رهيو جنهن کان پوء هڪ نئين آمر يحيه خان مارشلا لڳائي هن آئين کي منسوخ ڪيو.جنهن کان پوء ڀُٽي صاحب جي دور 1973 ۾ پاڪستانين کي نئون آئين ڏنو ويو جنهن ۾ بيشتر اسلامي شڪون 1956 ۽ 1962 واريون ئي آهن.هن آئين جون ڪجه اهم اسلامي شڪون هن ريت آهن.ـ ملڪ جو نالو اسلامي جهموريه پاڪستان هوندو ۽ ملڪ جو سرڪاري مذهب اسلام هوندو ــ صرف اهو شخص مسلمان هوندو،جيڪو الله جي وحدانيت ۽ رسول پاڪ صه تي آخري نبي جي حيثيت سان مڪمل يقين رکندو هجي.ــ اسلامي نظرياتي ڪونسل جو قيام عمل ۾ آندو ويندوــ ملڪ جو صدر،وزيراعظم مسلمان هوندو.ــ ملڪ جي قانون کي قران سنت جي مطابق بڻايو ويندو ۽ غير اسلامي قانونن کي منسوخ ڪيو ويندو.ــ هن ئي آئين ۾ احمدين (قاديانين) کي غير مسلم قرار ڏنو ويو ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته مسلمان جو ختم نبوت تي ايمان لازمي آهي.ان حوالي سان لکڻ جو مقصد ان ڳاله تي روشني وجهڻ آهي ته پاڪستان جي شروعاتي دور کان وٺي هيل تائين ملڪ ۾ اسلامي قانون رائج آهن اهو ئي نه پر هن ملڪ ۾ اسلامي قانون جي پاسداريء لاء وفاقي شرعي ڪورٽ جهڙو ادارو پڻ موجود آهي جنهن جو مقصد اسلامي قانون کي ملڪ ۾ قائم رکڻ آهي.اگر ملڪ جي پارليامينٽ ۾ به ڪو اهڙو قانون پاس ٿئي ٿو جيڪو اسلامي قانونن تي پورو لهندڙ نه هجي ته وفاقي شرعي ڪورٽ اهڙي قانون کي منسوخ ڪرڻ جا به پورا اختيار رکي ٿي.ان کان علاوه پاڪستان جي تاريخ ۾ جهاتي پائي ڏسجي ته ملڪ ۾ مختلف موقعن تي شرعي نظام کي هٿي وٺائڻ لاء مختلف قدم کنيا ويا آهن جن ۾ 1979 ۾ حدودآرڊينينس نافذ ڪرڻ،30 جون 1980 تي زڪواته عشر جو نظام لاڳو ڪرڻ،1983 ۾ محتسب اعله جي مقرري،اسلاميات جو نصاب ۾ شامل ڪرڻ،عربي زبان جي تعليم لازمي قرار ڪرڻ،2 جنوري 1981 تي اسلامي يونيورسٽي قائم ڪرڻ،لا ڪاليجن ۾ اسلامي فقه جي تعليم کي لازمي قرار ڏيڻ،عورتن لاء الگ يونيورسٽيون ۽ ڪاليج قائم ڪرڻ،قاضي عدالتن جي قيام کان وٺي قصاص ۽ دويت جو قانون نافض ڪرڻ تائين سڀ قدم شريعت جي عين مطابق رکيا ويا آهن جنهن مان اهو صاف ظاهر آهي ته هن ملڪ جو قانون عين شريعت مطابق آهي پر تنهن هوندي به طالبان هڪ پاسي دهماڪا ڪري بيگناه ماڻهن جو قتل عام ڪري ملڪ ۾ شريعت لاڳو ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن ته پوء شايد انهن وٽ شرعي نظام جي وصف الگ ئي آ.شريعت جو نفاذ هن ملڪ ۾ گهڻي وقت کان رائج ٿيل آهي اها ڳاله ٻي آهي ته هن ملڪ جي آئين جو اسلام سان تعلق آهي پر هتي رهندڙ ڪجه ماڻهن جو اسلامي نظام سان ڪو تعلق ناهي اهو ئي سبب آهي جو هتي وياج،منشيات ۽ ملاوٽ توڙي بدعنواني جو بازار سرگرم آهي.موجوده وقت ۾ اليڪٽرانڪ ،پرنٽ توڙي سوشل ميڊيا تي حڪومت طالبان مزاڪرتي عمل جي چرچن تي بحث متل آهي ڪجه سياسي سماجي ڌُرين حڪومت طرفان طالبانن سان ڳالهين جي حمايت ڪئي آهي ۽ ڪجه سماجي ڌُرين ان عمل جي مخالفت ڪئي آهي.هن سڄي مذاڪراتي عمل جي حوالي سان حڪومتي ۽ طالبان ڪميٽيون قائم ٿي چڪيون آهن ۽ باقائده سان ان ڪميٽِن وچ ۾ ڳاله ٻوله به ٿي رهي آهي ۽ حڪومتي اعلامين موجب طالبانن جي مجلس شوره ٺاه واري هن سڄي عمل جي آجيان ڪئي آهي.پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن حڪومت ۽ طالبان مذاڪرات فائنل رائونڊ ۾ داخل ٿي چڪا آهن ته اُتي پيشاور ۽ پوء ڪراچي ۾ پوليس تي ٿيندڙ بم ڌماڪا ڪهڙي طرف اشارو ڪري رهيا آهن؟ ان کان علاوه چوڌري نثار جي ڪجه وقت اڳ ڏنل بيان موجب ته ملڪ ۾ طالبانن جا 45 گروپ موجود آهن ته انهن 45 گروپن مان ڪهڙا گروپ ڳالهين لاء راضي ٿيا آهن اها ڳاله به اڃا پس ِ پردا پيل آهي. طالبانن جيڪا صدر وزير اعظم ۽ چيف اف آرمي اسٽاف سان سڌي ريت ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي آهي ان مان اهو لڳي رهيو آهي ته طالبان حڪومت طرفان ٺاهيل ڪميٽي مان پوري طرح متاثر ناهن.حڪومت کي طالبانن سان مذاڪرات ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي ان جو هڪ جواب اهو به ٿي سگهي ٿو ته حڪومت طالبانن جي طاقت آڏو پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن ڇو جو مذاڪراتي عمل جي دعوت هميشه پاڻ جيڏي سگه رکندڙن کي ڏني ويندي آهي پاڻ کان ڪمزور قوت سان مذاڪراتي عمل هن سماجي ڊانچي ۾ گهٽ ڏسڻ ايندو آهي.ان جو هڪ مثال آمريڪا جي صورت ۾ اسان جي سامهون آهي جنهن اقوام متحده جي منع ڪرڻ باوجود به افغانستان ۽ عراق تي حملو ڪيو ۽ هيئنر وري پاڪستاني حدن ۾ پرڊينٽڊر ڊرونز جا هيل فائرميزائل وسائي رهيو آهي. اڳين به جڏهن حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ مذاڪراتي عمل شروع ٿيڻ وارو هئو ته آمريڪا پاران خاطري باوجود ڊرون حملو ڪري ان عمل ۾ خلل وڌو ويو هو بحرحال اها خاطري هينئر وري به ڪرائي ويئي آهي هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ان خاطري تي عمل ٿئي ٿو يا وري قبائلي علائقن تي ڊرونز جي يلغار ٿئي ٿي.پاڪستان جي تاريخ ۾ حڪمران طبقي جا فيصلا هميشه عوامي امنگن کان بالاتر ٿي ڪري ڏنا ويا آهن ۽ هيئنر به هن مذاڪراتي عمل کي جتي حڪمران طبقو قومي ٻڌي ۽ سلامتي جو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي اُتي لڳاتار دهشتگردي جي تباهڪارين ۽ خوف و حراس جي ماحول ۾ جيئندڙ عوام به هن مذاڪراتي عمل تي پنهنجون اميدون سالهاڙي ويٺل اهي.پر ڪجه ڏينهن اڳ پشاور جي قصا خواني بازار ۾ جيڪو بم دهماڪو ڪيو ويو هو ان وقت اها مزاڪراتي ڪميٽي ٽيم به شهر ۾ موجود هئي ان ڪري ”حڪومت طالبان ڊائيلاگ“ جي خلاف جيڪي ڌُريون موجود آهن انهن جي اها دليل گهڻي حد تائين درست محسوس ٿي ته ڊائيلاگ جي چڪر ۾ طالبان گروه حڪومت کي ڳالهين ۾ مصروف رکندي فوجي آپريشن کان ڪجه وقت لاء جند آجي ڪرائڻ جي چڪر ۾ هوندا آهن تان ته اهو تخريبڪاري جو ڪو نئون منصوبو جوڙي سگهن.ان کان علاوه حڪومتي مذاڪراتي ٽيم کي به سخت تنقيد جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو اهي اهو ان ڪري جو ان ڪميٽي ۾ پارليامنٽ جي ڪنهن به ماڻهو کي شامل ناهي ڪيو ويو ۽ ان ڪميٽي ۾ موجود ڪجه ماڻهن جو طالبانن سان رويو انتهائي نرم آهي ائين کڻي چئجي ته اهو ٿورو گهڻو ئي سهي پر طالبانن جي نطرئي جا حامي آهن. ان ڪري سٺو اهو هو ته طالبان سان ڳالهين لاء حڪومت پاران پارلياماني ميمبر تي مشتمل هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي ها.ان کان علاوه طالبان حامي ليڊر منور حسين ۽ عمران خان جيڪي طالبانن سان مذاڪرات ڪرڻ جا حامي آهن انهن کي حڪومتي نمائندگي ڪندي باقائده طالبانن وٽ ڳاله ٻوله لاء وڃڻ گهرجي ها ته کير جو کير پاڻي جو پاڻي ٿي پئي ها، ان سان اگر هو طالبانن کي امن طرف آماده ڪري اچن ها ته سندن به واه واه ٿي وڃي ها ۽ جي ائين نه ٿئي ها ته پاڻ وري ڪڏهن دشمن عنصرن سان ڳاله ٻوله لاء واويلا ڪندي نظر نه اچن ها.هن سڄي مرحلي ۾ ماضي 1978 جي مجاهدن ۽ هينئر جي طالبانن جن کي انقلاب ثور کان پوء (آمريڪين ئي پاڪستان جي مدد سان ٺاهيو) انهن موجب ته ملڪ ۾ شريعت جي نفاظ لاء ڳاله ٻوله ٿي رهي آهي پر پس پرده ڳالهين ۾ مالي وسيلن ۽جيل ۾ بند سنگين دهشتگردن جي رهائي جا شرط به سامهون اچي سگهن ٿا،اگر جي ائين ٿيو ته پوء ڇا حڪومت سندن مطالبا قبول ڪرڻ جي قوت رکي سگهندي ۽ جيڪڏهن اهي مطالبا مڃيا به وڃن ٿا ته پوء ان جي ڇا گارنٽي آهي ته ان سان ملڪ تي پوندڙ اثر مثبت ثابت ٿي سگهندا؟ ڇو جو طالبان ڪميٽي سان تعلق رکندڙ مولانا عبدالعزيز پنهنجي بيان ۾ چئي چڪو اهي ته شريعت نافظ ڪرائڻ لاء جيڪڏهن پنجاه هزار قيمتي جانيون وڃن ٿيون ته ڪا ڳاله ناهي اگر ان لاء زياده رت وهائڻ جي ضرورت آهي ته بلڪل وهائي سگهجي ٿو جڏهن ته پاڻ پنهنجي ان فتوا کان به انڪار ڪون ڪندو جنهن ۾ آيل اهي ته طالبانن سان وڙهندڙ فوجين جي جنازه نماز پڙهائڻ جائز ناهي جنهن کان پوء مييڊيا تي پڻ اهو بيان ڏنو ويو هو ته ان فتوه تي 500 سو عالم سڳورن جو دستخطون شامل ٿيل اهن.ماچيس جي باري ۾ غالب جو چوڻ هو هي ڪهڙا ماڻهو اهن جيڪي باه پنهنجي کيسن ۾ وجهيو ٿا وتن، سو هاڻي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهي مزاڪرات امن جي ڪوشش آهي يا پوء پنهنجي ئي کيسي ۾ ٻاريل چڻنگ ڇو جو اگر ان سڄي معاملي جا نتيجا جيڪڏهن حڪمران ۽ عوام جي اميد مطابق نه نڪتا ته پوء ملڪ وري هڪ نئين بحران ڏانهن ڌڪجي ويندو.ان سڄي مرحلي ۾ هڪ ٻي ڳاله ته واضع آهي ته انهن ڳالهين جو مقصد امن قائم ڪرڻ نه پيو لڳي حڪمرانن لاء اها مذاڪراتي ڳاله فقط پنهنجا سياسي مفاد حاصل ڪرڻ لاء ڇيڙي ويئي. جڏهن ته ان سڄي مرحلي ۾ طالبان سڳورن کي ممڪنه فوجي آپرييشن کي منهن ڏيڻ لاء به وقت ملي ويندو.بحراحال هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ڳاله کي هڪ پاسي ڪجي ان ڪري ۽ هن مسئلي کي سنجيدگي سان حل ڪرڻ جو رستو اختيار ڪرن گهرجي. حڪومت کي گهڻو وقت اڳ اهو فيصلو ڪرڻو هو هينئر به حڪومت پاران ٺاهيل ڪميٽي تي آگريون کڄي رهيون آهن سو جيترو جلد ٿي سگهي هن ڊرامي کي هڪ پاسي ڪجي ڇو جو بنياد پرستي ۽ دهشتگردي جو اهو ناسور مذاڪراتن سان ختم ٿيڻ جهڙو هيئنر کان ئي نظر نه پيو اچي .