توسان ڪهڙيون ريسون : شاعري ڳالهائي ٿي محمد سليمان وساڻ ٽنڊي محمد خان سان تعلق رکندڙ شاعر نثار احمد ناز جي شاعريء جو ڪتاب “توسان ڪهڙيون ريسون” ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي. سنڌ سلامت جيڪا انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ٻولي جي ترقي لاء ڪوشان آهي هاڻ پبليڪيشن طرف به وک وڌائيندي هي ڪتاب ڇپايو آهي. نثار احمد ناز جو ڪتابشاعري جي کيتر ۾ هڪ سٺو اضافو آهي. نثار احمد ناز هڪ بهترين شاعر هجڻ سان گڏ نوجوان شاعرن لاء رهنمائي جو سبب به بڻبو رهيو آهي. علمي ادبي کيتر ۾ سندس علمي ۽ ادبي ڪاوشون ڪنهن کان به ڳجهيون ناهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان ، ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ ،ينگ رائيٽرس فورم سنڌ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام سميت سوشل ميڊيا فيس بُڪ تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل سندس ڪاوشون اسان سڀني جي سامهون آهن. نثار احمد ناز هڪ اڻٿڪ محنت جو نالو آهي، جنهن بغير ڪنهن سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي پنهنجي حصي جو ڪم نهايت ئي جانفشاني ۽ ايمانداريءَ سان ڪيو آهي. سندس شاعري گهڻي عرصي کان سنڌ سلامت تي پڙهندو پيو اچان پر انتظار هيو سندس ڪتاب جو. نثار ناز اسان لاءِ ان ڪري به اهميت جوڳو آهي جو هو سنڌ جي هر شاعر، اديب ۽ ليکڪ سان گڏ سنڌ جي گهڻ گهرن جي دلي عزت ڪندي انهن کي ڀيٽا پيش ڪندو رهي ٿو، جيڪو هڪ نئون مثال آهي. نثار احمد ناز جي شاعريء ۾ سنڌ سان ازلي محبت جي جهلڪ به نمايان هوندي آهي. جڏهن سنڌ ڄائِي هند ۾ رهندڙ نامياري فنڪاره ۽ سنڌي شاعره محترما ڪوشي لالواڻي نثار ناز جو گيت “مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو، گهڙيءَ هڪ جو ناهي آ صدين جو ناتو” ڳاتو ته اسان کي نثارناز سنڌ سان ديوانگيءَ جي حد تائين پيار ڪندڙ شاعر لڳو. هو سنڌ سان محبت عبادت سمجهي ڪندو آهي. سندس گيتن ۽ شعرن ۾ سنڌ سدائين رچندي ۽ وسندي رهندي آهي. سندس نظم جون هي سٽون ته پڙهو: بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين منهنجو هر ڌرم سوچ منهنجيءَ جو سفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم جيجل سنڌ سان گڏ ساري دنيا جا سنڌي به ڄڻ سندس دل ۾ ويٺا هُجن سنڌين سان سندس سڪ ۽ محبت ۽ پيار جو اظهار سندس هن غزل مان ڀليءَ ريت پسجي سگهجي ٿو: جيڪي سنڌ تي لِکِي جيڪي سنڌ لئه وڙهن، سڀئي ليکڪ سنڌِي مونکي ڏاها کپن ! شل هِي ويڙها سدا “ناز” سنڌ جا وسن، وستيون واهڻ ٻنيون مونکي ها ها ! کپن . غزل هجي يا نظم يا وري وائي لفظن جي چونڊ ۽ پسمنظر سچ ته دل کي ڇهندڙ اٿس. هو لفظن جا انڊلٺي رنگ ميڙي ڪنهن سُندريءَ جي آنچل تي ستارن جيان ٽانڪيندي نظر اچي ٿو . سندس شاعريء ۾ مجاز جو رنگ به عيان آهي ۽ ايئن لڳندو آهي ڄڻ ناز اسان جي دلين مان گهمي ويو هجي. سندس شاعريء ۾ اوسيئڙو به آهي ته التجا به آهي، سندس شاعريء ۾ بيقراري به آهي ته انتظاري به آهي سندس شاعريءَ ۾ محبت جو هڪ معراج نه پر کوڙ سارا معراج موجود آهن . هو عاشق به آهي ته معشوق به.سندس هن نهايت ئي دلڪش غزل مان اهي سُرور ڏيندڙ جذبا پڙهي اندازو لڳايو ته هُن جي شاعريءَ ۾ مجاز جي مستيءَ جو ڪو ڇيهه ئي ڪونهي سندس شاعريءَ جا لفظ سدائين رقص ڪندي نظر ايندا آهن. ڳالهه نڪتي آ صنم زُلف سنوارڻ تائين شوخ نظرن کان وٺي تُنهنجي نهارڻ تائين ! نثار احمد ناز جي شاعري زماني جي بي واجبين، ستم ظريفين ۽ ڏاڍاين جي به عڪاسي ڪري ٿي. هو اهڙن ڏکن، ڏوجهرن کي پنهنجي شعرن ذريعي ڄڻ ته زبان مهيا ڪري ڇڏي ٿو. ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻون انڌن جي اچي شهر ۾ پيا آرسيون وڪڻون سر عام ڏئي هوڪا چَون چوڪ تي دلبر بُک پيٽ جي خاطر ٿا اسان دلبريون وڪڻون سندس شاعريء جو ڪتاب 208 صفحن تي مشتمل آهي جنهن ۾ غزل، نظم، وايون ۽ ڪافيون شامل آهن. ٽائيٽل بابر عظيمي جوڙيو آهي. ڪتاب جي شروعاتي 75 صفحن تي 17 شخصيتن جا رايا ۽ لکڻيون پڻ شامل آهن. اميد آهي ته نثار احمد ناز جي هن ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ دوست مثبت رايا موڪلي ، سنڌ سان محبت ڪندڙ هِنَ شاعر جي همت افزائي ۽ حوصلا افزائي ضرور ڪندا. نثار احمد ناز لاءِ دعا آهي ته هو پنهنجي قلم کي اظهار جو هڪ موثر هٿيار بنائي اڃان به لکندو رهي ۽ سنڌ امڙ جو حلالي پُٽ ٿِي سنڌ مٺيءَ سان ٿڃ جو ناتو نڀائيندو رهي .
توسان ڪهڙيون رِيسون : نثار احمد ناز ڪهڙي درجي جو شاعر آهي مٺل جسڪاڻي منهنجي خيال ۾ جنهن جي نالي ۾ ”نثار“ شامل هجي، ان کي ٻئي تخلص جي ضرورت ئي نه هئي، پر جنهن نثار ۾ ”ناز“ جي کوٽ هجي، ان کي حق پڄي ٿو، ته تخلص لاءِ ”ناز“ جو انتخاب ڪري. پاڻ ماڻهن ۾ اعتراف جي عادت پيل نه آهي، پر مون گهڻن هنڌن تي نثار احمد ”ناز“ پاران خود کي ”ٽئين درجي جو شاعر“ چئي تعارف ڪرائيندي، پنهنجي ڪنن سان ٻڌو ۽ سندس تحريرن ۾ به ائين پڙهيو اٿم. البت ضرورت ان امر جي آهي ته نثار احمد ”ناز“ جو هيءَ مجموعو، جيئن ئي ڇپجي، ته ان کي پڙهي، پڙهندڙ پاڻ فيصلو ڪري، ته نثار احمد ”ناز“ ڪهڙي درجي جو شاعر آهي؟ نثار جي نثاري جو تعين ان مان ڪريو ته ”جنهن ڏينهن سندس مجموعي ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ جي مهورت ٿيندي، انهيءَ ڏينهن، سندس اهو مجموعو پوري دنيا جي سنڌين واسطي ”سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام“ تان آن لائين ٿيندو!؟ هر ڪو گهر ويٺي، سفر ڪندي، جنهن مهل به واندڪائي مليس، شاعري پڙهڻ جو شوق جاڳيس، مفت ۾ پڙهي سگهندو. منهنجي خيال ۾ اهو صرف نثار ئي آهي، جنهن کي اهو خوف نه آهي، ته سندس ڇپيل مجموعو مفت ۾ پڙهڻ جو انتظام مهيا ڪري ڏيڻ سبب، وڪامڻ بدران ڪٿي سٿيو رکيو هوندو!؟ منهنجي خيال ۾ اهو اعزار صرف ۽ صرف نثار جي نثار طبيعت سبب نثار احمد ”ناز“ کي ئي حاصل ٿي سگهيو هوندو. نثار احمد ”ناز“ جي شاعري مون گهٽ، تمام گهٽ پڙهي آهي، پر ايتري خبر اٿم ته هي پنهنجي طبيعت جو، پر اهڙن شاعرن منجهان آهي، جيڪي ضرورت پوڻ وقت، شاعري لاءِ پاڻ کي در دريون ڏئي بند ڪري ويهندا آهن. سندس هڪ طرحي غزل تي بحث دوران سچي ڪيائين، ته سڄو ڏينهن س ا س ٽنڊو محمد خان جي آفيس ۾ پاڻ کي قيد ڪري غزل مڪمل ڪيائين. ان مان اندازو ڪريو ته هو هلندي گهمندي شاعري جا موضوع ڀلي ذهن ۾ آڻي، پر شاعري لاءِ شاعراڻو ماحول پيدا ڪري، شاعري جون عروضي گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ وس مان نه گهٽائيندو آهي. پاڻ بحر وزن، علم عروض ۾ ڪيتري مهارت رکي ٿو، ان جو اندازو سندس شاعري پڙهي يا سندس روايتي تعليم وارن شاگردن نه، شاعر شاگردن جي ڳاڻيٽي ۽ انهن جي شاعري پڙهڻ سان به ڪري سگهجي ٿو. مون اڳ به ذڪر ڪيو ته لکڻ لاءِ وقت ٿورو مليو اٿم ۽ نثار جي شاعري پڙهي به ٿوري اٿم، پوءِ به، ايتري خبر اٿم ته نثار گهڻ موضوعاتي شاعر آهي. سندس شاعري اڪثريت کي وڻندي. سندس شاعري مان گهڻو ڪجهه نه ئي سهي، ٿورو ئي سهي، هي پڙهو: سنڌ جو ٻالڪ پڙهي، اُنَ جِي اوسر ٿئي ، اڪَ جون ڪاٺيون اڃا نِمَ جا پاوا کپن ! يا وري هيءَ پڙهو: ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻون! انڌن جي اچي شهر ۾ پيا آرسيون وڪڻون! (عوامي آواز سنڊي ميگزين، آچر 23 فيبروري، 2014ع ص: 12)
سنڌ دوست ڪردار نثار ناز کي واڌايون جنهن جي شاعري جو مجموعو اسانجي هٿن تائين پهتو ٿيو ... سندس جهڙي طبيعت رنگين ۽ جاذب آهي تهڙو ئي سندس ڪتاب ۽ انکان وڌيڪ سندس شاعري ... سليمان وساڻ ٿورن لفظن جي ڪسوٽي تي نثار ناز جي شخصيت تي خوب لکيو آهي ... لفظن جي ڀيٽا ڏيڻ ۾ سليمان هاڻ پنهنجي مٽ پاڻ ٿيندو وڃي ... سدا سرها رهو ... سنڌ سان جڙيل رهو
سندس چونڊ شاعري جي مجموعي تي جڏهن شاعرن کان الرجڪ مرتضى وساڻ طرفان ئي خوب تعريف ٻڌڻ وٽان ملي ته پڪ ٿي ته مون جهڙو بي زوق ماڻهون به سندس طرفان سنڌي شاعري جو آندل هي ڪتاب يقينن کائنس کان ريسون ڏياريندو.. پر جيڪڏهن اعزازي ڪاپي ملي ته وڏي واڪي چئبو.. “توسان ڪهڙيون ريسون“
اوهان جي ڪاپي ته موجود هئي پر اوهان مرتضى سان جيڪا جُٺ ڪرڻ پئي چاهي سا به ماني کائڻ جي معاملي ۾ .... ته پوء هن کان سڀ ڪجهه وسري ويو، ڪتاب هٿن ۾ هوندي به اوهان کي ڏيڻ وسري ويس.