• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مٺيون ڳالهيون صوبيه ۽ بختاور جو ڳايل هڪ گيت

نثارناز

سينيئر رڪن
محترم ساٿيو جيئي سنڌ
ٻه ڏينهن پهرين صوبيه ۽ بختاور جي ڳايل گيتن جو پهريون البم ” مٺيون ڳالهيون“ ڪينجهر انٽر پرائيزس پاران حيدرآباد جي مشهور ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ مهورت لاٌءِ پيش ڪيو ويو، صوبيه ۽ بختاور جيڪي گيت اتي ڳايا هُئا، سنڌ سلامت جي ٽيم انهن گيتن مان ڪجهه گيت وڊيو جي صورت ۾ رڪارڊ ڪيا هُئا هڪڙو گيت جيئي منهنجي سنڌ ڪالهه توهان سان ونڊ ڪيو هو اڄ وري هي ٻيو گيت مٺيون ڳالهيون توهان سان ونڊ پيو ڪريان، دوستو آواز جي ڪوالٽي هن گيتن جي اپ ٽو ڊيٽ ڪونه هوندي خير پوءِ به مونکي خبر آهي ته سنڌ سلامت جا ساٿي شاهه سائين جي انهيءَ بيت ته ” پريان سندي پار جي مڙوئي مٺائي، ڪانهي ڪڙائي چکين جي چيت ڪري“ منهنجي هن غريباڻي پوسٽ کي جيءَ ۾ جايون ڏيندا۔ دوستن کي اها ڀلي ريت سُڌ هوندي ته هن گيت کي پڪچرائيز ڪرڻ وارو، اسان جو محنتي ڪئميرا مين محترم عبدالغفور سمون آهي۔ ان کان علاوه آئون ڪينجهر انٽر پرائيزس سنڌ وارن جو به شڪريو ادا ٿو ڪريان جن هنن گيتن کي فلمبند ڪرڻ ۾ اسان سان ڀرپور تعاون ڪرڻ فرمايو۔
 
Back
Top