
اڪثر اسڪولز لاءِ وڏيرن جي اوطاق جو ٻُڌندا رهون ٿا پر هر هنڌ ايئن به ناهي. ڪافي ڳوٺ اهرا به آهن جتي گورنمنٽ جي پيچيده ڪرپٽ نطام ۾ ڍيڪي تي ٺهيل غير پائيدار عمارتون ته جلد زبون ٿي ويون پر ڳوٺاڻا پوءِ به پنهنجي وت/وس آهر ڪوشش ڪندا آهن ته هران وڙان ڏيئي به اسڪول هلائجن.
پر سوال اهو آهي ته جيڪي اسڪول هلن ٿا پيا ۽ اسٽاف به آهي پوءِ به اُهي ڇو جلدي اُجريو وڃن. ڀلي کڻي رشوت ڏيئي ڏيئي ٺيڪو ورتل ٺيڪيدار مزي جو ڪم نه ڪري ويو هُجي پر پوءِ ڪُجهه وقت ته اسڪول کي سلامت رهڻ گهُرجي ۽ انهيءَ جي مرمت به ٿيندي رهڻ گهُرجي. جنهن لاءِ ايس ايم سي نالي فنڊ هر اسڪول کي (گهٽ ۾ گهٽ 22000) ملندو رهي ٿو. اهو کڻي گهڻو ناهي پر اسڪول جي ٿوري کڻي ڀڃ داهه جي مرمت لاءِ ڪافي آهي. پر افسوس سان چوڻو پئي ٿو ته ڪافي چيڪس لڳل هوندي به ماستر ڀائر اهو کايو وڃن. بلڪه اڪثر ته منجهن انهيءَ تي کُلي عام جهيڙا ٿيندي به ڏِٺا آهن ته فلاڻي ماستر مون سان ٺڳي ڪئي ايس ايم سي مان ٽَڪو به نه ڏِنائين سڄي پاڻ کائي ويو.
توڙي جو ايس ايم جي شفافيت لاءِ ڳوٺ جي معزز کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ لازمي هوندو آهي پر اڪثر ماسترن پاران اهي چونڊي اهڙا کنيا ويندا آهن جيڪي ڪنهن مصلحت تحت اها اک ڏِٺي مک کائيندي ڏسي چُپ رهن. اوهان نوٽ ڪري ڏيسو ته گهڻو ڪري ماسترن پاران ايس ايم سي وارن ڏينهن ۾ ڪا نه ڪا اهڙي شئي ظاهر ٿيندي جنهن سان خبر پئي ته همراهه وٽ اوچتو پئسو آيو آهي.
سڀني کي گُذارش ته اهو فرض سمجهو ته ماسترن کان ايس ايم سي جو حساب وٺڻو آهي. کانئن پائي پائي جي پُڇا ڪجي ته اهي ڪِٿي خرچ ٿيا. رڳو گورنمنٽ تي لعنتاڻا ڏيڻ کان بهتر آهي ڪُجهه پنهنجي طور به ڪجي.
مون پنهنجي طرفان ڪوشش ڪئي ۽ ڪاميابي ٿي. اوهان به ضرور ڪوشش ڪجو.!