پاڪستاني جوڙو آمريڪا جي اندر ڪيترن سالن کان رهي رهيو هو ۽ آمريڪي شهريت لاءِ سندن ڪوششون جاري هيون، هڪ ڏينهن مڙس ٻاهران ڊوڙندو آيو ۽ خوشيءَ ۾ اچي زال کي چيائين ته ”ڀاڳڀري پنهنجو ڀاڳ کلي ويو، پاڻ کي هاڻي آمريڪي شهريت ملي وئي. اسان هاڻي آمريڪي سڏرائينداسين“ زال جيڪا ان وقت ٿانوَ ڌوئي رهي هئي، اٿي بيهي رهي، چوڻ لڳي ”ٺيڪ آهي هاڻي هي باقي جا ٿانوَ تون ڌوئجان ۽ مان وڃان ٿي شاپنگ تي ۽ رات جو منهنجو انتظار نه ڪجان... ڊارلنگ..“
بابا ! تون سڄي دنيا گهمي ڏس، مست توکي رڳو سنڌ ۾ نظر ايندا، ٻين ملڪن وارا سڀ چريا آهن بابا اسان مست آهيون