• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شال! “ريشم جهڙا خواب ” ساڀيا ٿين

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
شال! “ريشم جهڙا خواب ” ساڀيا ٿين


ڏهرڪي ۾سنڌي ادبي سنگت طرفان جميل سومري جي شاعري جي پهرين مجموعي ”ريشم جهڙا خواب“ جي مهورتي تقريب گورنميٽ پي هاءِ اسڪول م ٿي، مهمان خاص اياز گل هو جڏهن ته صدارت عبدالغفار تبسم ڪئي. ڪتاب جي مهورت عبدالغفار تبسم، منظور اڄڻ، ڊاڪٽر خادم منگي، مبارڪ لاشاري، مشتاق گبول ۽ ٻين پنهنجن هٿن سان ڪئي. مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي عبدالغفار تبسم،اياز گل،منظور اڄڻ،ڊاڪٽر خادم منگي، امر اقبال، رميش ڪمار بي ايم، مبارڪ لاشاري، مشتاق گبول، امير حمزي ميراڻي، الهورايو بوزدار، محمد دين راڄڙي، فدا ملڪ، زاهد ڀنگر ۽ آڪاش شمس چيو ته هڪ شاعر جي اسلوب ۽ انداز تي هميشه ماحول، مطالعي ۽ طبيعت جو بهتر اثر هئڻ لازمي آهي. هنن چيو ته جميل سومري جي شاعريءَ کي اسين احساساتي شاعري چونداسين، ڇاڪاڻ جو هن پاڻ ڪويتا جي هار ۾ لفظن ۽ احساسن جا ڦُولَ ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه سان پويا آهن، هن جي لفظن جا ڦُولَ ڪٿي احساسن جي اڌ ٽڙيل گُلاب جي مکڙيءَ جيان ته ڪٿي وري آجپي، امن ۽ پيار ڏانهن واجهائيندڙ سورج مُکيءَ جيان پيا ڀاسن، اسين دل سان دُعا پيا ڪريون ته جميل سومرو جا “ريشم جهڙا خواب ” “سدا سرسبز ۽ شاداب رهن.
 
جميل بهترين تخليقڪار آهي سندس هيء شاعريء جو مجموعو به دلڪش ئي هوندو ... مان اڃان تائين ڪتاب ناهي پڙهيو. ڪتاب پڙهي ان تي ضرور لکبو.

1653951_357537101051179_1127165785_n.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top