يوڪرين ۾ ڇا پيو ٿئي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏23 فيبروري 2014۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    يوڪرين ۾ ڇا پيو ٿئي؟

    اثر امام

    يوڪرين ۾ ڪجهه هفتن جي تشدد ڀريل احتجاج ۽ ٽيهارو کن ماڻهن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ نيٺ حالتون ڪجهه نرم ٿيون آهن ۽ صدر وڪٽر يانوڪووچ ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهين جي نتيجي ۾ وقت کان اڳ وارين چونڊن جي واعدي تي احتجاج ختم ڪيو ويو آهي ۽ ماڻهو پنهنجي پنهنجي گھر هليا ويا آهن. جيتوڻيڪ اها پڪ ته نه ٿي ڏئي سگهجي ته حالتون ڪيستائين ائين رهنديون بهرحال في الحال ته وڌيڪ خونريزيءَ جا امڪان ٽَري ويا آهن.
    يوڪرين هڪ تمام وڏو ملڪ آهي ۽ ان جي زمين جي زرخيزي ۽ خوشحاليءَ جو اندازو ان منجهان لڳائڻ گھرجي ته پهرين توڙي ٻي مهاڀاري جنگ جي ڪارڻن منجهان هڪ يوڪرين تي قبضو ڄمائڻ جي امنگ به هئو. هٽلر ته ايتري تائين چئي ڏنو ته يوڪرين واري زمين اها جنت آهي جنهن جو انجيل ۾ واعدو ٿيل آهي. اها زمين هن جو خيال هئو ته “عظيم” جرمن قوم جو حق هئي “جاهل ۽ غيرمهذب” يوڪريني ماڻهن جو ان تي ڪو حق نه هئو. ان ڪري هُو يوڪريني عوام کي “آزادي” وٺي ڏيڻ جي اعلان سان يوڪرين ۾ داخل ٿيو هئو ۽ پوءِ جيڪا آزادي وٺي ڏني هئائين اها اهڙي هئي جهڙي پاڪستاني فوج بنگالين کي “هندستاني ايجنٽن ۽ مڪتي باهني جي غنڊن” کان وٺي ڏني هئي.
    سوويت يونين ردِ انقلاب جو شڪار ٿيو ته يوڪرين کي بنهه منڍ کان شروعات ڪرڻي پئي. بلڪل ائين جيئن خود روس کي به ڪرڻو پيو. عالمي سامراجيت جي اڳواڻ امريڪا جو مقصد اتي پورو نه ٿي ويو هئو ته دنيا ۾ سوويت يونين نالي پورهيتن جي رياست هاڻي نه رهي هئي پر صحيح معنى ۾ ان جو ڪم ته اتان شروع ٿي رهيو هئو. سڀ کان پهريان اها ڪوشش ڪرڻي هئي ته سمورن انهن ملڪن کي پنهنجي ڪالوني بڻائي وٺجي جيڪي اڳ سوويت يونين سان گڏ هوندا هئا. انهن ملڪن ۾ خاص ڪري اوڀر يورپ ۽ وچ ايشيا جا ملڪ شامل هئا. يوڪرين جي ظاهر آهي ته ان ۾ وڏي اهميت ۽ خاص حيثيت هئي. ان ڪري امريڪا ترت ئي آئي. ايم. ايف، ورلڊ بينڪ ۽ سِي. آئي. اي وغيره جي سهڪار سان اتي پنهنجون سامراجي پاليسيون نافذ ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون. يوڪرين کي سوشلسٽ روس کان ته الڳ ڪيو ويو هئو پر سرمائيدار روس کان الڳ ڪرڻ وارو ڪم اڃان رهيل هئو. جنهن لاءِ وڪٽر يوشچينڪو کي 1993 ۾ يوڪرين جي تازي قائم ڪيل نيشنل بئنڪ جو سربراه مقرر ڪيو ويو. امريڪا ۽ سندس ساٿين ان همراه کي ان وقت به “جرئتمند سڌار واديءَ” طور متعارف ڪرايو هئو ۽ ان آئي. ايم. ايف جي پاليسين تي عمل ڪندي ملڪ جي معيشت جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو. هن آئي. ايم. ايف سان 1994 وارو بدنامِ زمانه ٺاهه ڪيو ۽ يوڪرين جي نئين ڪرنسي جاري ڪئي جنهن سان ملڪ ۾ ملازمن ۽ پورهيتن کي ملندڙ معاوضو حقيقت ۾ تمام گھڻو گھٽجي ويو. اسپين جي شهر ميڊرڊ ۾ سمٽ آف دي بريٽن ووڊ انسٽيٽيوشن جي 60 هين سالگره جي موقعي تي بند ڪمري جي اجلاس ۾ آئي. ايم. ايف سان اهو 1994 وارو بدنام معاهدو طئي ٿيو هئو جنهن ۾ يوڪرين کي مڃرايو ويو ته اهو ڪرنسيءَ جي مٽا سٽا واري عمل تي رياستي ضابطو نه رکندو. يوشچينڪو صاحب ملڪ جي وڏي ۾ وڏي سرڪاري بئنڪ جو سربراهه هئڻ جي ناتي سان ان عمل جو ذميوار هئو جنهن جي نتيجي ۾ آڪٽوبر 1994 ۾ يوڪرين ۾ راتو واهه مانيءَ جي قيمت ۾ 300 سيڪڙو، بجلي 600 سيڪڙو ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا 900 سيڪڙو تائين وڌي ويا جڏهن ته پاڻ آئي. ايم. ايف جي رپورٽن مطابق 1991 جي ڀيٽ ۾ يوڪرين اندر ملندڙ پورهيي جو معاوضو 75 سيڪڙو تائين گھٽجي ويو هئو. اِهو هو اُهو يوڪرين جيڪو سوويت يونين جي “قبضي” کان نجات وٺڻ کان پوءِ سُک ۽ آزاديءَ سان ستين آسمان ڏانهن پنهنجي پرواز ڪرڻ لاءِ تيار هئو.
    ايندڙ مهيني يعني نومبر 1994 ۾ عالمي بئنڪ جي ڳالهيون ڪندڙ ٽيم يوڪرين جي زراعت کي “نئين سر اڀارڻ” لاءِ يوڪرين ۾ داخل ٿي جتي پوءِ طئي ڪيو ويو ته يوڪرين کي امريڪا جي واڌو ڪڻڪ ڏئي سندس “مدد” ڪئي ويندي. جيڪو يوڪرين سوويت يونين واري زماني ۾ ڪڻڪ پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ دنيا جي پهرين صف جي ملڪن ۾ شامل هوندو هئو تنهن کي هاڻي ڪڻڪ جي سهڪار سان نوازيو ٿي ويو. 1998 تائين يوڪرين جي زرعي پيداوار 1986 جي مقابلي ۾ 45 سيڪڙو تائين گھٽجي وئي. جڏهن ته آئي. ايم. ايف جي تجويز ڪيل سڌارن تي عمل ڪرڻ کان پوءِ 1994 کان 1995 تائين يوڪرين جي GDP 60 سيڪڙو تائين گھٽجي وئي.
    1999 ۾ آئي. ايم. ايف ۽ واشنگٽن جي دٻاءَ ۾ اچي يوشچينڪو کي يوڪرين جو وزيرِ اعظم مقرر ڪيو ويو ته بدلي ۾ آئي. ايم. ايف يوڪرين کي 300 ملين ڊالرن جو نئون قرض ڏيڻ جي سخاوت جو اعلان ڪيو. وزيرِ اعظم ٿيندي ئي يوشچينڪو هڪ طرف يوڪرين جي پنجاهه سيڪڙو صنعت کي خزاني تي بار ڪوٺي بند ڪرائي ڇڏيو جڏهن ته ٻئي طرف روس سان تيل ۽ گئس جي واپار کي جنس بدلي جنس بدران ڊالرن ۾ ڪرڻ جي ريت شروع ڪئي. جنهن سان هڪ طرف يوڪرين جي معيشت کي ڌڪ لڳو ته ٻئي طرف وري روس سان سندس لاڳاپا خراب ٿيا.
    يوڪرين جي “رنگين انقلاب” جي تاريخ ڪافي پراڻي آهي گھٽ ۾ گھٽ 1990 واري زماني کان اها شروع ٿئي ٿي. 2004 وارو “اورينج رووليوشن” اصل ۾ يوڪرين جي روس نواز صدر وڪٽر يانوڪووچ کي هٽائي ان جي جاءِ تي اولهه جا پسنديده حڪمران آڻڻ جي لاءِ ڪرايو ويو هئو. هاڻوڪي احتجاجي تحريڪن جي مهم 2004 واري انقلاب جي ڀيٽ ۾ ڪن حوالن کان تبديل به آهي ڇاڪاڻ ته اڳي واشنگٽن جي معرفت معاملا اڳتي وڌايا ويا هئا جڏهن ته هاڻي بروسيلز ۽ برلن سڌو سنئون مداخلت ڪري رهيا آهن. يورپي يونين چاهي ٿي ته يوڪرين ان ۾ شامل ٿئي ته جيئن جرمني ۽ ٻيون قوتون سندس زمين ۽ وسيلا ڦٻائي سگهن.
    يوڪرين جي مخالف ڌر جي اڳواڻ وڪٽر يوشچينڪو کي نه رڳو آئي. ايم. ايف ۽ عالمي شاهوڪارن جي سرپرستي حاصل آهي پر نيشنل انڊوومينٽ فار ڊيموڪريسي NED، فريڊم هائوس ۽ اوپن سوسائٽي انسٽيٽيوٽ جو سهڪار به مليل آهي. اها NED اهو ساڳيو ادارو آهي جيڪو سنڌ جي ڪجهه نالي واري دانشورن جي تعليم ۽ تربيت به ڪري چڪو آهي. ۽ ان اداري جو جارجيا ۾ ايڊورڊ شيورڊ ناٽزي جي حڪومت ختم ڪرائڻ ۾ به اهم ڪردار رهيو آهي. جيتوڻيڪ اهو سرڪاري طور CIA جو حصو ناهي پر اصل ۾ اهو ادارو اڳوڻي سوويت يونين ۾ سياسي پارٽيون جوڙڻ ۽ اوڀر يورپ توڙي دنيا جي ٻين حصن ۾ امريڪي جمهوريت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. NED جا 4 ذيلي ادارا ٻيا به آهن جن ۾ دِي انٽرنيشنل ريپبليڪن انسٽيٽيوٽ، دِي نيشنل ڊيموڪريٽڪ انسٽيٽيوٽ فار انٽرنيشنل افيئرس، دِي سينٽر فار انٽرنيشنل پرائيويٽ انٽرپرائيز ۽ دِي اميريڪن سينٽر فار انٽرنيشنل ليبر ساليڊرٽي شامل آهن. انهن ادارن جي لاءِ پاڻ مالڪن پاران وڏي واڪ چيو وڃي ٿو ته اهي سڄي دنيا ۾ “جمهوريت جو ٻج ڇٽڻ” ۾ تمام وڏو ڪمال رکن ٿا.
    يوڪرين ۾ NED پنهنجي ذيلي تنظيمن سميت ڪم سان لڳل آهي. جيڪي مخالف ڌُر جي اڳواڻ يوشيچينڪو کي مدد ۽ ان سان گڏوگڏ ڪيف جي پريس ڪلب کي به ڳريون رقمون ڏئي رهيا آهن.
    صدر وڪٽر يانوڪووچ ڪو انقلابي يا ڪميونسٽ سربراه نه آهي. هن جي حڪومت ۾ يوڪرين اڳي ئي آئي. ايم. ايف ۽ واشنگٽن سان کوڙ سارا معاهدا ڪيون ويٺو آهي. يوڪرين اڳوڻي سوويت يونين کان الڳ ٿيل پنجن رياستن جي هڪ اتحاد جو حصو به آهي. جنهن ۾ يوڪرين کان علاوه جارجيا، مالدوو، آذربائيجان ۽ ازبڪستان شامل آهن. اهو اتحاد 1997 ۾ يوڪرين جي نيشنل سيڪيورٽي سروسز پاران طئي ڪيو ويو هئو ته جيئن ماسڪو ۽ منسڪ وچ ۾ 1996 ۾ ٿيل معاهدي جو وزن گھٽائي سگهجي. ان معاهدي جو مقصد هئو ڪاري سمنڊ ۽ ڪئسپين واري رستي سان روس کي اولهه سان ڏيتي ليتي ڪندي ڏکيو ڪرڻ. يوڪرين پولينڊ ۽ بالٽڪ رياستن سان به هڪ ٺاهه ۾ ٻڌل آهي جنهن جو مقصد تيل ۽ گئس جي رستن تي نظر رکڻ آهي.
    1999 ۾ واشنگٽن نيٽو جي 50 هين سالگره پئي ملهائي جنهن ۾ يوگوسلاويا تي سامراجي قبضي جي خوشي به شامل هئي. مٿي ذڪر ڪيل پنجن ملڪن جي اتحاد به ان ۾ شرڪت ڪئي. ان ملاقات کان ترت پوءِ آذربائيجان، ازبڪستان ۽ جارجيا اعلان ڪيو ته اهي ڪامن ويلٿ آف انڊپينڊينٽ سٽيٽس جي يونين کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪن ٿيون. جنهن منجهان اهو ثابت ٿيو ته سوويت يونين جون اهي اڳوڻيون رياستون امريڪا بدران روس ڏانهن جھُڪي رهيون هيون. ان ڪري امريڪا لاءِ ضروري ٿي پيو ته انهن جو “بندوبست” ڪري. ان کان پوءِ لڳاتار مختلف قسم جا انقلاب ڊزائين ٿيندا رهيا آهن. نيٺ ڳاله وڃي موجوده صورت حال تي پهتي. روسي صدر سان ملاقات کان پوءِ يوڪرين جي صدر احتجاج ڪندڙن سان سختيءَ سان پيش اچڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ احتجاج ڪندڙن سان “ڳالهيون” ڪامياب ٿي ويون. ان جو مطلب هيءُ آهي ته روس شام ۽ ايران واري مامري کان پوءِ يوڪرين واري سوال تي به امريڪا کان ڏاڍو ثابت ٿيو آهي پر اها ڪاميابي هڪ طرف عارضي آهي ٻئي طرف ان ۾ برائي اها آهي ته هن وقت جو روس خود به هڪ سامراجي مرڪز آهي. ڏئي وٺي ايترو چئي سگهجي ٿو ته يوڪرين پاڙيسرين سان سٺا لاڳاپا رکڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
    نوٽ: آخري اطلاعن تائين يوڪرين جي پارليامينٽ صدر يانوڪووچ کي هٽائي ڇڏيو هئو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو