مظلومن لاءِ ٻٽا معيار آخر ڇو...؟ مراد پندراڻي دنيا اندر پنهنجي حقن خاطر جدوجهد وسيلي ڪيتريون ئي اهڙيون تحريڪون موجود آهن جن جي نتيجي ۾ پرامن طريقي سان پنهنجي جائز مطالبي کي مڃرائي ڪري تاريخ لکي وئي آهي، جن ۾ سائوٿ آفريڪي کي نسلي بنيادن تي متڀيد رکڻ کان پاڪ ڪرائڻ لاءِ شروع ڪيل تاريخي تحريڪ دنيا جي عظيم اڳواڻ نيلسن منڊيلا جي اڳواڻي ۾ شروع ٿيو هو ۽ ٽن ڏهاڪن کانپوءِ ان ملڪ اندر ڪارن ماڻهن کي اڇن ماڻهن جيترا حق مليا هئا، ان کان علاوه هندوستان اندر هن خطي جو عظيم اڳواڻ مهاتما گانڌي پاران هلايل آزادي واري تحريڪ پڻ اسان لاءِ مثال آهن ته پوءِ هن ملڪ اندر صوبن جي حق تلفي ڪرڻ کي جائز سمجهي ڪري نالي ماتر مليل آزادي کانپوءِ مسلسل سنڌ ۽ بلوچستان جي وسيلن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن ۽ جيڪڏهن انهن صوبن جي ماڻهن طرفان جائز حقن جي مطالبي جي ڳالهه تي انهن کي غدار سڏي ڪري عبرت جو نشانو بڻايو پيو وڃي، گذريل ٻن ڏهاڪن کان بلوچستان اندر پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ نوجوانن کي جبري طور تي گم ڪري کين سالن ۽ مهينن کان انهن جا چچريل لاش مختلف علائقن ۾ اڇلائڻ واري سلسلي اتان جي عام ماڻهن ۾ مڪمل طور تي عدم تحفظ ۽ غير يقيني واري ماحول ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، هن وقت اتان جا ماڻهو احساس محرومي ۾ مبتلا ٿي ڪري پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ پرامن نموني سان پيادل مارچ ڪري پاڻ دنيا آڏو چٽي نموني مظلوم ثابت ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته گذريل ٽن مهينن کان ملڪي تاريخ ته ٺهيو پر دنيا جي تاريخ ۾ هيءُ پهرين پيادل مارچ آهي جيڪا اڍائي هزار ڪلوميٽرن کان به وڌيڪ پيادل مارچ دوران پير پٿون ڪري پهرين ڪوئيٽا کان ڪراچي ۽ پوءِ ڪراچي کان نڪتل پيادل مارچ وچ پنجاب مان ٿيندي هن ملڪ جي ڪرتا ڌرتا وارن جي علائقن مان گذري رهيو آهي ۽ اسلام آباد ڏانهن روان دوان آهن، ماما قدير جي اڳواڻي ۾ نڪتل هيءُ پيادل مارچ ۾ بلوچستان مان جبري طور تي گم ڪيل ماڻهن جا وارث ۽ ويجها مائٽ شامل آهن ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته هن پيادل مارچ ۾ اڪثريت پڻ عورتن جي آهي جنهن جي دنيا ۾ شايد ئي ڪٿي مثال ملي سگهي، اطلاعن موجب ته گجرات ويجهو پنجاب پوليس طرفان بزدلاڻو رويو اختيار ڪندي پيادل مارچ ۾ شامل ماڻهن کي ڊڄاريو ويو ته جيئن هنن کي اسلام آباد تائين پهچڻ نه ڏجي پرانهن بيوقوفن کي اها خبر ناهي ته جن ماڻهن پنهنجن پيارن جي بازيابي لاءِ هزارين ڪلوميٽر مارچ ڪندي انهن رياستي ادارن جي هيڊ ڪواٽرن کي ويجهو پهتا آهن جن جي باري ۾ انهن کي شڪايت آهي ته کين انهن جي پيارن کي جبري طور تي گم ڪرڻ پٺيان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان انهن جو هٿ آهي ته پوءِ اهي گرفتارين جون ڌمڪيون ڀلا انهن ڪهڙي نموني حوصلو ٽوڙي سگهن ٿا. ڪراچي کان نڪتل هيءُ تاريخي پيادل مارچ نيشنل هاءِ وي تان ٿيندي سنڌ جي مختلف شهرن مان گذريو هو ته هن ڌرتي جي ماڻهن روايتي انداز ۾ زبردست نموني پيادل مارچ جي قافلي جو آڌرڀاءُ ڪيو ويو هو ۽ هيءُ مظلومن جو قافلو جيئن ئي پنجاب داخل ٿيو هو سرائيڪي پٽي جي ڪجهه علائقن ۾ کين آڌر ڀاءُ ضرور ڪيو ويو پر ان گڏ مختلف طريقن سان کين ڌمڪيون به پڻ ملنديون رهيون، اوڪاڙه ڀرسان ته مظلوم جي قافلي کي حادثي وسيلي ڊڄاريو ويو ۽ قافلي ۾ شامل ڪميونسٽ مزدور ڪسان پارٽي جو دوست ان جي نتيجي ۾ زخمي پڻ ٿيو هو، پر ان باوجود به عظيم ڌرتي جي عظيم سپوتن جو قافلو پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان رهيو، جس آهي لاهور جي ڪامريڊ تيمور رحمان ۽ انهن جي دوستن کي جيڪي لاهور کان پهرين ۽ هن مهل تائين پيادل مارچ ۾ شامل به آهن ته ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي وقت به وقت حال احوال به ڏئي رهيا آهن، ان کان علاوه عوامي نيشنل پارٽي اڳواڻ افرسياب خٽڪ طرفان پيادل مارچ ۾ شامل ماڻهن کي ملندڙ ڌمڪين جي حوالي سان سينيٽ ۾ رٿ پڻ جمع ڪئي وئي آهي جيڪا عمل پڻ تعريف لائق آهي ۽ اي اين پي سان گڏ ٻين مظلومن لاءِ آواز اٿارڻ جا دعويدار سياسي پارٽين کي به هن اهم ۽ جائز مسئلي تي هڪ آواز ٿي ڪري حمايت ڪرڻ گهرجي ته جيئن مظلوم بلوچن جو آواز دارلحڪومت اسلام آباد ۾ اقوام متحده جي آفيس آڏو پيش ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته هيءُ پرامن ۽ مظلوم قوم اسلام آباد اندر ڏيکاءُ لاءِ ڪوبه ڊرامو نٿا ڪرڻ چاهين ۽ نه وري ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسن جو گهيراءُ ڪرڻ چاهين ٿا، تنهن ڪري دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کي وڌيڪ فاصلو پيادل مارچ ڪري پنهنجي مظلوميت جو آواز پهچائڻ انهن جو آئيني حق به آهي ته وري حڪمرانن لاءِ اخلاقي فرض ٿو ٺهي ته هو هن عظيم قافلي کي آٿت ته نٿا ڏئي سگهن پر انهن اڳيان رنڊڪ ته نه وجهن. هن وقت موجوده حڪومت هزارين معصوم ماڻهن سان گڏ سيڪورٽي ادارن جي ماڻهن جو قاتلام ڪندڙ انتهاپسندن سان ڳالهين لاءِ ته بضد آهي پر هزارين مظلوم بلوچ نوجوانن کي رياستي ادارن طرفان جبري طور تي گم ڪرڻ ۽ ڪيترن ئي نوجوانن جا چچريل لاش اڇلائي ڏيڻ واري عمل کي روڪڻ لاءِ نڪتل تاريخ جي سڀ کان ڊگهي ۾ ڊگهي پيادل مارچ ڪندڙ بلوچن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي ۽ نه وري انهن سان همدردي وارو رويو رکيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هن وقت جنهن صوبي جي وفاق تي حڪمراني آهي ان لاءِ اهو تاثر عام آهي ته ملڪ جي لاڳاپيل ادارن تي انهن جو چئو چوان آهي ۽ بلوچستان حڪومت جو مسئلو جيڪڏهن حل ٿيڻو هوندو به ته انهن ج حڪومت ۾ ئي اهو ممڪن بڻجي سگهي ٿو، پر افسوس آهي جو اهي حڪمران مظلومن کي نظرانداز ڪري انتهاپسندن کي ڳالهين لاءِ منٿون ڪري رهيا آهن ۽ ايف سي جي 23 اهلڪارن کي جانورن جيان ڪهي اهو پيغام ڏيڻ باوجود ته هو ڳالهين لاءِ مڪمل طور تي سنجيده ناهن ته پوءِ جوابي حملن جي بجاءِ آپريشن ڇو نٿو ڪيو وڃي.؟ هاڻي حڪمرانن کي هوش ڪرڻ گهرجي ۽ تمام جلد بلوچن سان انهن جي جائز مطالبن تي ڳالهين جو اعلان ڪرڻ گهرجي ۽ انهن ۾ وڌندڙ احساس محرومي کي پڻ ختم ڪرڻ گهرجي، تڏهن ئي بلوچستان وري پرامن ڌرتي بڻجي سگهي ٿو. بلوچستان اندر هن وقت مڊل ڪلاس جي دعويدار سياسي پارٽي صوبائي حڪومت ۾ آهي ۽ وري سندن اتحادي وفاقي حڪومت ڪندڙ مسلم ليگ ن آهي جيڪا پڻ اها دعويٰ ڪندي رهي آهي ته بلوچستان اندر جبري طور اغوا ڪري گم ڪيل ماڻهن وارو مسئلو انهن جي تمام اهم مسئلن واري لسٽ ۾ شامل آهي پر ڏسجي ته هن مهل تائين ظاهري طور تي بلوچستان اندر ڪابه اهڙي اڳڀرائي ناهي ٿي جو اهو چئي سگهجي ته شايد هاڻي ڪو بلوچستان جون حالتون بهتر ٿي سگهن، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هن صوبي جون حالتون ڪجهه به بهتر هجن ها ته 2500 ڪلوميٽرن کان به وڌيڪ پيادل مارچ ڪري ماماقدير ۽ ان گڏ اهي مظلوم نياڻيون ايئن نه نڪرن ها ۽ پنهنجي پيارن جي جبري گمشدگي تي هن قسم جو ڏکئي ۾ ڏکيو قدم نه کڻن ها، تنهن ڪري نيشنل پارٽي جي اڳواڻن جي بيوسي جو اندازو انهي ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جنهن وقت هيءُ پيادل مارچ بلوچستان جي مختلف علائقن مان گذري رهيو هو ته گهڻن علائقن ۾ انهي پارٽي جا اڳواڻ کين آڌرڀاءُ ڪري رهيا هئا ۽ پنهنجي بي اختيار حڪومت کي چٽو ڪري رهيا هئا، هن وقت انهي پارٽي جي اڳواڻن تي به فرض عائد ٿئي ٿو ته وفاقي حڪومت سان ڳالهائي ڪري مظلومن جي هن پيادل مارچ کي ان جي منزل تائين پهچڻ لاءِ کين مڪمل طور تي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ انهن جي حقيقي آواز اقوام متحده تائين سگهاري نموني پهچڻ کپي ته مظلوم بلوچ عوام لاءِ ماما قدير ۽ مظلوم نياڻين طرفان ڪيل هيءُ پيادل مارچ سنگ ميل طور ثابت ٿي سگهي.