جوڳيءَ تي جڙاءُ! نسورو ئي نينهن جو!! لطف پيرزادو سنڌ ڏيهه ۾ ساڃاهه وندن ۽ پنهنجي ڏيهه جي عاشقن جي قطار تمام وڏي ۽ ڊگهي آهي جن جو ڳاڻيٽو هزارن ۾ ٿيندو. اها لسٽ دولهه درياهه خان ۽ مخدوم بلاول کان شروع ٿيندي، شهيد نذير عباسي شهيد افضل پنهور ۽ شهيد ضامن شاهه تائين به ختم نٿي ٿئي، اڃا ڪيترائي جوڌا، پنهنجو سر هن سهڻي، سکي ستابي سنڌ تان نڇاور ڪرڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهيا آهن بلڪل ايئن جيئن شاهه لطيف اهڙو منظر پنهنجي هڪ بيت ۾ ڄاڻايو آهي. اڳيان اڏن وٽ، پوين سر سنباهيا، ڪاٽ ته پوين قبول ۾، مڇڻ ڀائين گهٽ، مٿان مهاين جا پيا نه ڏسين پٽ ڪلاڙڪي هٽ، ٿو ڪسڻ جو ڪوبه وهي سڪ نه آهي سٿري، پاءِ پروڙي پير ڪُسڻ ڌاران ڪير، ڪري سڌ سڪڻ جي سڪڻ يا محبت ڪرڻ لاءِ قرباني اهم شرط آهي، سچن عاشقن هر دور ۾ پنهنجي سرن جا نذرانا ڏئي سنڌي قوم جي هن اعليٰ گڻ کي جيئاريو آهي. وطن جي آزاديءَ سان گڏ فرد جي آزاديءَ کي اهميت ڏني آهي. هن ڊگهي قطار ۾ اسان جو صوفي شهيد شاهه عنايت، شاهه لطيف، منصور ثاني، سچل سرمست، سرفهرست آهن، جڏهن ته هن مقصد لاءِ ڪيترن ئي اديبن ۽ قلمڪارن پنهنجي ذاتي مفادن کي قربان ڪري هن ميدان ۾ پاڻ موکيو آهي انهن ۾ دادا ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، مولانا عبيدالله سنڌي، شيخ عبدالمجيد ۽ ٻيا ڪيترائي اهم نالا آهن جيڪي ڳڻائي سگهن ٿا، جن جي پورهئي سبب اڄ اسانجو نوجوان پنهنجي سيني ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جي حب سانڍيو اچي، ان کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ ۽ آزاد ڏسڻ جي سڪ سيني ۾ سانڍيو اچي، انهن مڙني مان ويهجي دور ۾ ٻه نالا اهم آهن. حيدر بخش جتوئي ۽ سائين جي ايم سيد. سائين جيڪڏهن سنڌ جي مفادن تي سودي بازي ڪري مسلم ليگ نه ڇڏي هان ته، سندنس خاندان گانڌيءَ آڪهه جيئان اڄ سوڌو اقتداري ايوانن جا مزا ماڻيندو رهي ها. پاڪستان سرڪار طرفان کيس ورسي ۽ سالگرهه جي موقعي تي ڀيٽا پيش ڪئي وڃي ها، سڄي ملڪ ۾ سندس نالي پٺيان يادگار تعمير ٺهيل هجن ها. ليڪن هن لطيفي مڪتب فڪر جي ذهين شاگردن سون تي سيڻ مٽائڻ کي ڪڌي ڪرت ڄاڻي، بقا واري واٽ ورتي جنهن جي فنا مڪمل ئي ڪانهي. جيستائين ڌرتيءَ تي هڪ به سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهو موجود هوندو ته جي ايم سيد زنده رهندو. هن ماڻهوءَ جا لکيل ڪتاب پڙهي حيرت ٿي ٿئي ته هن ماڻهوءَ ۾ ڪيڏي نه قوت ۽ همٿ هئي، جنهن رات ڏينهن هڪ ڪري سنڌ جي تاريخ کي سهيڙيو آهي. ”سنڌي جي ساڃاهه“ ڪتاب جي آخري ۾ جيڪا ”ريفرنس بوڪس“ جي لسٽ ڏني اٿس ان مان چڱي ڀلي لائبرري جڙي ٿي سگهي. جنهن ۾ سنڌي، فارسي ۽ انگريزي ڪتاب شامل آهن. آرڪيالاجي ۽ جيالاجي رپورٽن سان گڏ برٽش گورنمينٽ جي گيزيٽئر ٻين رپورٽن مان مصالحو هٿ ڪري، هن پنهنجا ڪتاب مڪمل ڪيا آهن. جيئن ڏٺو مون، فلسفو، ارتقا، سائنسي ايجادون ۽ انساني ڪاوشن جو دستاويز آهي. جنهن جهڙو ڪتاب شايد سنڌي ادب ۾ ٻيو نه هجي. اهڙي طرح پيغام لطيف ۽ ديارءِ دل محبت داتا سندس لازوال لکڻين ۾ شامل ٿين ٿا. جنم گذاريم جن سان ۾ جيڪي خاڪا شامل آهن، انهن کي پڙهڻ کان پوءِ“ سنڌ ۾ ذهين ۽ علم پرور ماڻهو ته پروڙ پئي ٿي پر انگريزن جي دور واري سنڌ ۽ وطن جي آزاديءَ واريءَ هلچل تي به ڪافي روشني پئي ٿي. سائين ڊرائينگ روم ۾ ويهي نه رڳو لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو هيو پر عملي طور سياسي ميدان ۾ به سرگرم رهيو ۽ ايترو اڳتي وڌي ويو جو سياست سندس سڃاڻپ بڻجي وئي. سائين جي ادبي حيثيت جي اسان جي سنڌي عوام کي گهٽ خبر هوندي، حقيقت ۾ جنهن کي عوام ۽ جمهور چئجي ٿو، هن ماڻهوءَ انهن لاءِ ئي پنهنجي سڄي زندگي وقف ڪري ڇڏي. هڪ باڪمال صوفيءَ جيان هو ترڪ جي اعليٰ منزل تي پهتل صوفي هيو، جنهن پنهنجي ننڍڙيءَ کان وڏي خواهش جو خود خون ڪيو هو، شاهه جي بيت جيئان هن کي ننڊ ۾ به پنهنجي عوام جي اونِ هوندي هئي. ستي سنڀريام، پيئم ڪرڪار ۾، جهڙي تهڙي حال سين، پرين نه وسريام هريا هٿ ٿيام، نيڻئون نير وهي پيو. سائين! سراپا عشق هيو، عاشقن لاءِ نمونو هيو، اسان جن اڄوڪن سياسي ڪارڪنن کي پڻ اهڙا گڻ ۽ وصفون پاڻ م پيدا ڪرڻيون پونديون، تڏهن آزاديءَ جو صبح ويجهڙو ٿيندو ۽ سنڌ ڌرتيءَ تان هيءَ ٻاٽ اونداهي رات ختم ٿيندي. باقي ٺلهن نعرن، سالگرهون ۽ ورسيون ملهائي پنهنجا سياسي دڪان چمڪائڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو. هن سلسلي ۾ سچل سرمست هڪ اعليٰ ۽ عجب ڳالهه ڪئي آهي ته ماڻهو پنهنجي پيٽ خاطر خدا ۽ رسول جي نالي کي به استعمال ڪرڻ کان نٿا مڙن. اها ڳالهه سچل ڪجهه هن لفظن ۾ ڪندي پنهنجي پوزيشن واضح ڪئي آهي: ”سچو ٻانهون عشق الله جي، نڪو هنر سکيا سي“ اسان کي به سنڌ ۽ سنڌ جي عاشقن جي نالن کي استعمال ڪري پنهنجي دڪانداري چمڪائڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. ڇو ته عشق جي اها تقاضا آهي ته: عشق سين اٺاءِ پير پريان جي پار ڏي! ميل، ملاقات ۽ وصل کان سواءِ عشق ۾ پسي هرڪا اميد اجائي ۽ فضول آهي، ان کي عشق نه چئبو، سائين جنهن طريقي مان ۽ جنهن حد تائين پنهنجي ديس ۽ ديس واسين سان عشق روا رکيو ان ڪري ئي مٿس لطيف جو هي بيت ٺهڪي ٿو اچي: جوڳي تي جڙاءُ، نسورو ئي نينهن جو، پتنگ جيئن پيدا ٿيو، سامي سچ وڙاءُ، آيو ڪاڪ تڙاءُ، ڪنواريون ڪڪوريون.