Dr. Asif Jamal Charan
سينيئر رڪن
ڪجھ ڏينهن اڳ جڏهن مون پنهنجو هڪ مضمون (Article) سنڌ سلامت تي سڀني سڄڻن سان ونڊيو ٿي ته محسوس ڪيم ته سنڌ سلامت ۾ PDF نموني وارو دستاويز سڌو سئنون (Directly ) نٿو چاڙهي (UPLOAD) سگهجي ۽ ان لاءِ گوگل ڊاڪس جو سهارو وٺڻو ٿو پوي جنهن کان پوءِ ان دستاويز کي ڏسي سگهجي ٿو پر تنهن هوندي به ان ۾ اهو مسئلو درپيش ٿي آيو ته ان دستاويز ۾ موجود تصويرون بنھ بيڪار نموني ظاهر ٿي رهيون هيون جو انهن جو رزلٽ تمام بيڪار هو. ان ڳالھ جي ڪري ان مهل پڙهندڙ دوستن کي مضمون ڪو خاص مزو نٿي ڏنو ۽ نتيجي ۾ ان مضمون بابت ڪا خاص موٽ (اصلاحي توڙي تنقيدي) نه ملي. ان کا علاوه جيڪر ان دستاويز کي نقل (COPY) ڪري به سنڌ سلامت تي رڪجي پيو ته تصويرن کي مقرر جاءِ تي رکڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿي آئي.
سنڌ سلامت انتظاميه کي گذارش آهي ته ان ٻنهي مسئلن جي حل لاءِ جيترو جلد ٿي سگهي ڪا رٿ جوڙي وڃي ته جيئن
ڪو به ڪتاب يا مضمون PDF صورت ۾ بنا ڪنهن ٻي ڌاري ويب سائيٽ جي مدد جي سڌو سئنون سنڌ سلامت تي آڻي سگهجي.
ڪو به ڪتاب يا مضمون جيڪر نقل ڪري سنڌ سلامت تي آڻجي ته ان سان گڏ تصويرن کي با آساني مقرر جاءِ تي رکي سگهجي.