مسيت مان نڪرندڙ نمازين جو ميڙ ، اڳيان هڪ ڏاڙهي وارو اڌ_روٽ ، ڳچيءَ ۾ پيل جوتن جو هار ، جُتي چور ......... واڪا ، ٿڪون ، بُجا ، لعنتون ، ٿڦون ، مسيت جو پيش امام ڏند ٽيڙي ٻڌائيندڙ ايندڙ ويندڙن کي ، سائين ڏسو لعنتي ، کي الله جي گهر مان جُتي ٿي چورايائين ، پوءِ گهروڙي بُجو هُن جي منهن ۾ ؛ ٿڪ ٿئي ڀيڻيان دوزخي . آواز ، هن لعنتي جون مڇون ، ڏاڙهي ، ڀرون ڪوڙيا وڃن . ڦڪو ، رت بنا منهن ، اڇيون ، سڪل اکيون ، خشڪ چپ ، وائڙو پريشان ، حيران ٻڏل پنهنجو پاڻ ۾ . لنگهندڙ ڪار بيٺل ، دريءَ مان پڇندڙ ڪار هلائيندڙ ، خوشامدي لهجي ۾ ٻڏائيندڙ پيش امام ؛ رئيس اوهان کي ڇا ٻڌايان ، ڪهڙو زمانو اچي ويو آهي ! لعنتي مسيت شريف مان جتي ٿي چورائي ... ڪار مان لهندي ، هن کي هڪ ڀرپور چماڙ وهائيندي ؛ اڙي ڀيڻچوت توکي شرم ڪون آيو . هو چپ ، موڳو ، ڦاٽل اکيون ، رت بنا منهن ، ڪُڇي جهڙي ڀت . جواب نٿو ڏين دلا ، ٻي چماٽ . ڀڻڪندڙ ، لڏندڙ ، ٻاڏائيندڙ چپ ، سائين ، رئيس رب ٿو ڄاڻي ٽن ڏينهن کان وٺي منهنجي گهر واري بيمار ..... سڪرات ...... منهجي هڙ ۾ کوٽي پائي بہ ..... مزوري ڪونہ ...... ڏاڪدر چيو .... اُڀ ساهي . اڙي انهئيءَ ڪري رب پاڪ جي گهر مان جُتي ٿي چورائي ، ٿڪ ٿئي ڀيڻيان ڪنڃر ، بجو . چپ ، بوتو . اڙي پالي نٿا سگهو تہ شادي ڇو ٿا ڪيو ، پرائيوٽ هلائيو ، باقي رب جي گهر مان ، لعنت هجني ڀيڻيان _ مولوي صاحب خبيث کي ٿاڻي تي وٺي وڃوس ، مان صوبيدار کي فون ٿو ڪيان . جوش ۾ ٿڙ ٿڙ ڪنبندڙ هستي ؛ بي وسي سڀ کان وڏو ڏوهہ آهي ، ها ، ڪمزوري سڀ کان وڏو ڏوهہ آهي ، جيڪڏهن هو ، ڪنهن مسيت مان جتي چورائڻ بدران ڌاڙو هڻي ها تہ .