• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماڻهو به هروڀرو شريف کي بدنام ٿا ڪن

مست

سينيئر رڪن
ڪاڪو آچار ڪنهن دور ۾ ڪوڙ هڻڻ جو وڏو ماهر هوندو هو، نوان ڪوڙ سکڻ لاءِ اصل ننڍا وڏا سندس اڳيان ادب جا هٿ ٻڌي بيٺا هوندا هئا،
هڪ جهونيءَ اها ڳالهه ٻڌي ته اها سندس وٽ آئي:
”ڪاڪا مان ماڻهن کان ٻڌو آهي ته تون صفا ٽاپ جو ڪوڙو آهين، هڪ ڪوڙ لاهين ٿو ٻيو چاڙهين ٿو“
ڪاڪي چيو: ”ماڻهن جي ڳالهين کي هڻو گولي پر مان ته توهان کي ڏسي صفا حيران ٿي ويو آهيان، جو هن عمر ۾ اوهان جي حسن و جمال ۾ ڪا گهٽتائي نه آئي آهي، توهان جي اڳيان ته جوان ڇوڪريون به پاڻي ڀريندي نظر ٿيون اچن“
جهوني شرمائيندي چيو ”هاءِ الله ! ماڻهو به ڪيڏا ظالم آهن، اوهان جهڙي شريف ماڻهوءَ کي بدنام ٿا ڪن...“
 
هههههههههها........... واهه جو شريف ماڻهو آهي...!!!
 
Back
Top