هڪ ڪُئو ڀنگ جي جڳ ۾ ٻڏي رهيو هو، ٻلي هُتان گذري. ڪُئي ٻلي کي عرض ڪيو: ”اي ٻلي منهنجي جان بچاءِ، پوءِ جيڪو مرضي وڻئي ڪر، ڀلي پوءِ مون کي کائي ڇڏجان“ ٻلي لالچ ۾ اچي جڳ کي ڪيرايو... پر هي ڇا.. ڪُئو ته ڀڄي ويو. ٻلي: “ڌوڪو ڏنئي ڪُئا، ڪوڙ ڳالهايئي، پنهنجا لفظ پنهنجو واعدو ياد ڪر” ڪُئو: ”معاف ڪجان جان، مان اُن وقت نشي ۾ هُئس... “